سجاد سرور
سينيئر رڪن
پيارا دوستو!
اميد ته سڀ سرها هوندا!
سنڌ سلامت جي سائيٽ سچ پچ پنهنجي ڪنهن ڳوٺ جي ڪچهري وانگر لاجواب ۽ پنهنجائپ سان ڀرپور آهي۔ جڏهن ڪچهري ۾ ڪو نئون ماڻهو ايندو آهي ته ان لا تعارف ڪرائڻ به ضروري هوندو آهي، انڪري مان به پنهنجو تعارف عرض رکڻچاهيندس!
ته سائين منهنجو نالو آهي سجاد سرور، پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهيان! اڄڪلھ رهائش ڪراچي ۾ آهي، اصل شهر پنوعاقل ، ضلعو سکر آهي۔ سنڌي ٻولي سان منهنجو عشق آهي، ۽ شوق خاطر ڪاليج دور ۾ سنڌي ٻولي ۾ ڪجھ شاعري پڻ ڪئي آهي۔ سنڌي منظوم ترجمي جو هڪ ڪتاب ”سندو ڏاهپ ڏوھ“ جي نالي سان سال 2006 ۾ ڇپجي چڪو آهي۔ شاعري جو ٻيو ڪتاب ” چنڊ جو عڪس” جي نالي سان تيار آهي، جيڪو مصروفيتن باعث ڇپجي ناهي سگهيو!
هن فورم تي اچي جيڪو پيار مليو آهي، ان جي حساب سان ته هتي هميشه ئي حاضر رهڻ گهرجي، ليڪن ڪجھ پروفيشنل مصروفيتن سبب، باقائده حاضري ڪجھ مشڪل آهي، ان لا دوستن سان اڳواٽ معذرت، باقي حال ۽ وقت آڌار جڏهن به موقعو مليو ته هتي اچي سنگت سان سلامي ٿبو!
ڌڻي شل اوهان سڀني کي پنهنجي امان ۾رکي!
سدائين گڏ!