• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حُڪم ڪر مان حاضر آهيان جهڙو منهنجو حال آ(راشد مورائي)

نثارناز

سينيئر رڪن
ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم ۽ جيئي سنڌ ، دوستو سائين راشد مورائي جي تمام پُراڻي ڪافي جيڪا سنڌ ڌرتيءَ جي مشهور فنڪارائون مائي الله وسائي ۽ مرحومه فوزيه سومرو پنهنجي سُرن ۾ وکرائينديون هُيون ته اسان جهڙا پيار جا پانڌيئڙا اها ڪافي ٻُڌي، بي اختيار چئي ڏيندا هُئا ته ” حُڪم ڪر مان حاضر آهيان ، جهڙو منهنجو حال آ“ ۽ اسان جي دل ۾ بي اختيار ڪجهه ڪُجهه ٿيندو هو۔ نوجواني جو زمانو هو، تين ايجز سمجهي سگهو ٿا، ته اهڙي دل کي موهيندڙ سائين راشد مورائي جي شاعري اصل هڻي وڃي هنڌ ڪندي هُئي۔ اڄ هي پُراڻي شاعري، هڪڙي دوست جي هوٽل تي مون ٻُڌي، اتي جو اتي لکي دل چاهيو ته توهان سان ونڊ ڪريان سو غريباڻي ڊيزائن ۾ توهان سان ونڊ ڪريان پيو۔ ان کان علاوه به بندو خادم آهي، جيڪو به حڪم ڪيو
حُڪم ڪر مان حاضر آهيان جهڙو منهنجو حال آ​

Raashid%20Moraee.png
 
جواب: حُڪم ڪر مان حاضر آهيان جهڙو منهنجو حال آ(راشد مورائي)

سائين نثار ناز صاحب اوهان جا لکين قرب جو راشد مورائي جي شاعري ڊزائن ڪري اسان سان ونڊ ڪئي۔ راشد جي شاعري ۾ عشق آهي ته آتش به اهي۔

راشد سونهن ۽ سچ جو پڄاري آهي چئي ٿو :

فتوا نه ڏيو ڪافر نه چئو ، مومن کي ميان منڪر نه سڏيو
سچ پچ ته اسان جو سونهن مٿي ايمان سلامت آهي اڃان
 
جواب: حُڪم ڪر مان حاضر آهيان جهڙو منهنجو حال آ(راشد مورائي)

سائين توهان جي مهرباني جو توهان راشد مورائي جي هي بهترين شاعري اسان سان ونڊ ڪئي
 
Back
Top