جواب: پاڪستان جي تاريخ جو سچ ۔۔ صرف ستن منٽن ۾۔۔
بيشڪ تقرير جو موضوع به جاندار هو، نوجوان به سٺو تقريرباز آهي، پر جيئن سائين بشير کي يا مست کي هن سڄي ساري تقرير ۾ صرف قومن جي ڳالهه ڪرڻ وارن وارا موضوع تنقيد ڪرڻ لاءِ مليا ۔۔۔ بيشڪ اسين عام ماڻهون پاڪستان ۾ رهڻ لاءِ ئي گڏ ٿيا هياسون ۔۔۔ بنگالي، سنڌي، پنجابي، بلوچ يا پٺاڻ انهن سڀني پاڪستان ان لاءِ ٺاهيو هيو ته هن ملڪ ذريعي اسين مسلمان پاڻ ۾ اتحاد ڪري ترقي ڪنداسون، اڳتي وڌنداسون ۔۔۔ پر اسانکي ڪهڙي خبر ته هي ملڪ ٺاهڻ وارن جي پويان ڪي اهڙا هٿ آهن جيڪي هن ملڪ جي ٺهڻ سان ئي ان تي قبضو ڪندا ۽ پوءِ اهي ٻوليون ۽ اهي لوليون ختم ڪيون وينديون ۽ هڪ اهڙو ظالمانه نظام رائج ڪيو ويندو جنهن سان عوامي زندگي اجيرن ڪئي ويندي ۔۔۔
هن تقرير جو اصل مقصد ڳولهيو ته اوهانکي اها ئي ڳالهه نظر ايندي ته اسين عوام مرڻ وارا ۽ اسانکي مارڻ وارا ڪير آهن، پنهنجا اهي اڳواڻ جن مسلمان قومن جي اتحاد جي نعري ته پاڪستان ٺاهيو هو ۔۔۔ اهي ئي قاتل آهن، انهن جي ئي هٿن ۾ بندوق آهي ۔۔۔
لطيف جو شعر اوهانکي ياد ڏياريندو هلان ته؛
ٻاهر ٻولي هنج جي اندر ڪارو ڪانءُ،
اهڙو ٺلهو ٿانءُ ڀنڃي ڇونه ڀور ڪجي۔
وڌيڪ اوهان دوست سياڻا ۽ عقل وفهم جا مالڪ آهيو
سنڌ سلامت ساٿ سلامت