• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي سنڌ آزاد هجي۔۔ مست

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن

منهنجي سنڌ آزاد هجي،
هر هڪ مارو شاد هجي۔۔

دشمن سنڌ جو رُلي مري۔۔
ڪاٺ ۾ هر جلاد هجي۔

هوشوءَ وانگر هر سنڌي،
ارڏو ۽ فولاد هجي۔۔

شاهه جو ڪلام برزبان،
هر ماروءَ کي ياد هجي۔۔

قلم جي عظمت جو ڄاڻو،
شاگرد ۽ استاد هجي۔۔

شاعر سنڌ جا سُور لکن،
ذڪر پرينءَ جو بعد هجي۔۔

موضوع هر ڪنهن ليکڪ جو،
سنڌين جي فرياد هجي۔۔

مسڪينن کي حق ملي،
مظلومن جو داد هجي۔۔

مست گهري ٿي دل دعا،
سنڌ سدا آباد هجي۔

 
جواب: منهنجي سنڌ آزاد هجي۔۔ مست

واه سائين واه زبردست لفظ آهن. ڪجه سمجهاڻي به ٿي وڃي ته؟؟؟؟؟
 
جواب: منهنجي سنڌ آزاد هجي۔۔ مست

مست جي شاعري۔۔۔کي عاشق تصوير جي شڪل ڏني آهي۔
اُميد ته دوستن کي سٺي لڳندي۔

 
جواب: منهنجي سنڌ آزاد هجي۔۔ مست

ادا تمام بهترين شاعري آهي
مولا توهان کي آباد ڪري ائين ئي سنڌو ديش لا گيت لکندا ۽ ڳائيندا رهو
 
جواب: منهنجي سنڌ آزاد هجي۔۔ مست

سادن، آسان ۽ سهڻن لفظن ۾ سنڌ جي ڳالهه ڪري، مست سائين اسانجهڙن ماڻهن جي ضمير کي لوڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر افسوس جو سنڌي قوم جي حالت رڍ آڏو رباب وڄائڻ واري آهي، پر پو جي دوست پنهنجو فرض نڀائن پيا، پنهنجي ڳالهه سنڌين جي ڪنن مان ڪپهه جا ٻڙا ڪڍي ٻڌائن پيا ۔۔۔

لک شاباسون آهن اهڙن دوستن کي جي پنهنجي آواز جي ذريعي، لفظن جي ذريعي يا ڪنهن ٻي ڪاوش جي ذريعي سنڌين جي ضمير کي ور ور ڪري جهنجهوڙي رهيا آهن ۔۔۔ اڄ جي سنڌ جي حالت تي مست جي اندر مان نڪتل هن التجا سان سهمت ٿيندي آ به سنڌي قوم کي عرض ڪندس ته خدارا! سنڌ جي مالڪي ڪيو، سنڌ جي حفاظت ڪريو، جاڳو، جاڳو ، جاڳو ۔۔۔
 
Back
Top