اسان کي ڪير ساريندو، اسين وسري ويل ماڻهون پري آهيون سلامن کان، اسين گذري ويل ماڻهون پڇي ڪنهن پيار جي قيمت، تڏهن ڳوڙها تري آيا ڪنداسين فيصلا ڪهڙا، اسين نبري ويل ماڻهون اسان جهڙن غريبن کي ڪٿي ٿا ياد فرمايو اوهان جي ذهن۽ دل مان اسين نڪري ويل ماڻهون
تمام بهترين شاعري آهي shabash توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو lajwab-sharing sindhsalamatsaathsal
بابا نُور توهان ته ماشاالله تمام سُٺا شاعر آهيو۔ ڀيڻ جيڪڏهن اها شاعري مڪمل ڪري پنهنجي نالي سميت سنڌ سلامت تي شيئر ڪريو مان وعدو ٿو ڪريان ته انهي شاعري کي ڊيزائن ۾ ضرور آڻي سموري دنيا جي سنڌين سان شيئر ڪندس ۔ مهرباني ڀيڻ۔