هڪ خواب نگر جي ڪٿا! سفرنامو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    هڪ خواب نگر جي ڪٿا! سفرنامو​

    [​IMG]
    جامي چانڊيو
    جيتوڻيڪ برسلز (بيلجيم جي گاديءَ جو هنڌ) ۾ اسان کي ڏهه ڏينهن گذري چڪا هئا ۽ اسان شهر ۾ ڏينهن ۽ راتين جون طويل رولاڪيون ڪيون هيون ۽ برسلز جي گرينڊ پليس جي شام جهڙي حَسين شام دنيا ۾ شايد ئي ڪٿي ٿيندي هجي، پر پوءِ به هر ڪنهن اهو ٿي چيو ته جنهن بروگز جو شهر نه گهميو، اهو بيلجيم ته ڇا، پر يورپ گهمڻ جي دعويٰ به نٿو ڪري سگهي. بروگز گهمڻ تي گهڻو زور اسان جي سفر جي سنگتي تَٿا گَٿا جو هو، جيڪو مهاويرَ جي صوبي بهار مان ڀارتي لوڪ سڀا جو ميمبر آهي. جيتوڻيڪ هو پاڻ هڪ ليکڪ آهي، پر سندس خاندان ٽن پيڙهين کان سياست ۾ آهي. هن جي ماءُ بهار صوبي جي اسيمبليءَ جي اسپيڪر رهي چڪي آهي. تٿا گٿا اصل ۾ گوتم جو نالو آهي ۽ اسان جي هن يار جو مزاج به گوتم جهڙو ئي آهي. طبيعت جو تمام ٿڌو ۽ گِهرو آهي، پر بَلا جو رولاڪ. رولاڪي هن جي زندگي آهي. وَسُ پڄيس ته رولاڪيءَ بابت لوڪ سڀا مان قانونسازي ڪرائي. هو هڪ ڀيرو اڳ بروگز وڃي چڪو هو ۽ اسان سان شهر جون حُسناڪيون بيان ڪري جڏهن ٿڪبو هو، تڏهن هن جو جملو هوندو هو، ”بڙهيا شهر هي يار- شهر ڪيا هي، بس ايڪ خواب نگر هي!“ پر اها ساڳي راءِ هر ان ماڻهوءَ ٿي ڏني، جنهن کان اسان بروگز جو پڇيو پئي. بروگز جون ڳالهيون ٻُڌي ٻُڌي اسان جو اهڙو حال ٿيو، جو اسان کي برسلز ڄڻ ته کائڻ ٿي آيو ــ نه ته مون جهڙي کائڻ جي شوقين ماڻهوءَ لاءِ ته برسلز جي فوڊ اسٽريٽ ئي ڪافي هئي، جتي ماڻهو هڪ جنم آرام سان گذاري سگهي ٿو. شام ٿيندي ئي گرم گرم اسپيني، اطالوي ۽ فرينچ کاڌن جا بخارات ئي ماحول کي معطر ڪري ڇڏيندا هئا. خوشبو رڳو پرفيومس ۽ عطر ۾ ته نه هوندي آهي، گرم مصالحن ۽ کاڌن جي خوشبوءَ جو به پنهنجو هڳاءُ هوندو آهي. برسلز ۾ ٻه جايون منهنجون من پسند آهن، هڪ فوڊ اسٽريٽ ۽ ٻيو گرينڊ پليس. برسلز جي هر شام مون لاءِ ڳري هوندي هئي ته آخر ڪهڙو فيصلو ڪجي؟ اصل ”ايڪ طرف اس ڪا گهر اور ايڪ طرف ميڪده“ وارو قصو لڳو پيو هو يا مون سان ڀٽائيءَ جي ”ڳورا ٻئي پارَ“ واري ڪار هئي، جو هنيو سچ پچ به حيرت ۾ ئي ڦاٿل رهندو هو. پر ان هوندي به تَٿا گَٿا بروگز جا دل تي اهڙا ته نقش چِٽيا هئا، جو دل پئي چيو ته پَرَ هجن ته اُڏامي اُتي پهچون. مزي جي ڳالهه ته برسلز ۾ باقي اسان جا ٻه ڏينهن بچيا هئا، جو ان کانپوءِ تَٿا گَٿا پنهنجيءَ زال سان گڏ اٽليءَ وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو هو. اَجي ميڪڻ جيئن ته ڀارتي ڪانگريس جي اهم ترين پارليامينٽيرينس مان هڪ آهي، سو هن کي واپس دهليءَ پهچڻو هو ۽ مان بيلجيم کانپوءِ هالينڊ وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو ويٺو هوس ۽ اسان جو ارادو هو ته دؤري جي آخر ۾ بروگز گڏجي گهمون.
    معمول موجب 20 نومبر (2004ع) جي رات جو جڏهن اسان گرينڊ پليس جي فرينچ پَبَ ۾ ميڪس بيئر جي تاثير جي اُونهائين ۾ لهڻ شروع ڪيو ته اَجي اُٿي اعلان ڪيو ته هيءَ اسان جي برسلز ۾ آخري شام آهي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو اسين بروگز ڏانهن روانا ٿينداسون. هن ٻُڌايو ته هن بيلجيم ۾ ڀارتي سفير اگروال جِي کي ذاتي طور هڪ گاڏيءَ لاءِ به چئي ڇڏيو آهي. اگروال جيءَ سان اسان جي ملاقات ٽي ڏينهن اڳ ٿي چڪي هئي، جو هن اسان مهمانن کي اَجي جي ڪري ذاتي طور پنهنجي گهر دعوت تي سڏيو هو. اها قيامت جهڙي ٿڌي رات هئي ۽ اگروال جيءَ جي گهر واري لڪشميءَ طرفان اسان کي بار بار برانڊيءَ جون سُرڪون ڏيڻ زندگيءَ ۾ ڪڏهن به وِسري نه سگهندو. اها مخصوص ڀارتي کاڌن ۽ فرينچ وائن جي هڪ زبردست ڏکڻ ايشيائي دعوت هئي. اها سڄي رات اسان ڏکڻ ايشيا جي ثقافتي هڪجهڙائين ۽ ان ۾ امن جي سوال تي ڳالهايو هو. ماڻهو جڏهن ايشيا کان ٻاهر يورپ ۽ آمريڪا ۾ هجي ٿو، تڏهن احساس ٿيندو آهي ته سمورن جزوي فرقن ۽ رياستي اختلافن ۽ سماجي تڪرارن باوجود ڏکڻ ايشيا جي ثقافت، ماڻهن، لباسن، کاڌن، ادائن، روين، خواهشن، قدرن ۽ سوچن ۾ هڪجهڙائي آهي. ان ڪچهريءَ ۾ لڪشميءَ جنهن ورهاڱو پنهنجين ٻاروتڻ جي اکين سان ڏٺو هو، بار بار دعائون پئي ڪيون ته ننڍي کنڊ ۾ جٽادار امن ٿئي ۽ سڀ خوشيءَ سان گڏجي رهن. لڪشميءَ جو پيءُ هڪ سِک هو ۽ هن جا مائٽ ورهاڱي وقت اَمرتسر ۾ بيدرديءَ سان ماريا ويا هئا. هوءَ تڏهن هڪ معصوم ٻار هئي، پر هن جي اکين ۾ اڄ به اُهي دردناڪ منظر محفوظ آهن ۽ هوءَ ڇهه ڏهاڪا گذرڻ باوجود اُهي منظر ياد ڪري روئي ٿي پئي.
    صبح جا نوَ ٿيا ته اَجي اچي اُٿاريو ته گاڏي اچي چڪي آهي ۽ جلدي تيار ٿيو ته بروگز هلون. بس پوءِ ته وارو وار ٿي وئي. ائين پئي لڳو ڪنهن شهر نه پر ڄڻ چنڊ تي پيا وڃون. شايد بروگز لاءِ اهڙو اُتساهه پيدا ڪرڻ ۾ ڪجهه هٿ تٿا گٿا جي زيبِ داستانيءَ جو به هو. خاص ڀارتي ۽ بِهار جي لهجي ۾ اهڙا ته وٺي بروگز جا قِصا ڪندو هو، جو ماڻهو چئي ته پکيءَ جا پَر هجن ته ڀَڙڪو ڏئي وڃي بروگز جي ڪنهن ماڙيءَ تي ويهي، شهر جا جلوا پسجن. ٿوريءَ ئي دير ۾ اسان ڇهن ماڻهن جو قافلو بروگز ڏانهن روانو ٿيو. مائيڪل به پنهنجي گهر واريءَ سان گڏ آيو هو، جيڪو اسان سان گائيڊ طور گڏ پئي هليو. مائيڪل هڪ ڀارتي عيسائي آهي، جيڪو برسلز ۾ رهي ٿو ۽ هن کي اگروال جيءَ موڪليو هو ته هو اسان کي بروگز گهمائي. رستي ۾ اسان مائيڪل کي چيو ته گاڏي بيهاري ڪجهه کائڻ پيئڻ جو سامان وٺون ته مائيڪل جي زال يڪدم چيو: ”چئبو توهان کي بروگز بابت ڪابه خبر نه آهي. کائڻ پيئڻ لاءِ شيون ٻاهران وٺي بروگز ۾ داخل ٿيڻ هن شهر جي توهين آهي ۽ ان کي اُتي سُٺو نه سمجهيو ويندو آهي.“ اهو اسان لاءِ بروگز جو پهريون ۽ عجيب تعارف هو. هوءَ چئي رهي هئي: ”بروگز جا ماڻهو وڏا مغرور آهن، هو هر شيءِ پنهنجي ٺاهين ٿا ۽ ان کي ئي ترجيح ڏين ٿا. چيز، چاڪليٽ، وائن، بيئر ويندي هر شيءِ بروگز جي پنهنجي آهي ۽ ان جو معيار به نهايت اعليٰ هوندو آهي.“ اسان جو تجسس اڃا به وڌي ويو ۽ تَٿا گَٿا مسڪرائي رهيو هو، ”ڀائي ڪَها ٿا نه ڪه بهت بڙهيا شهر هي، جو آج تڪ ديکا سُنا، سب ڀُول جاؤگي، اس لئي تو هم ڪهتي هين شهر نهين وه تو ايڪ خواب نگر هي.“
    جيتوڻيڪ برسلز کان بروگز تائين وِچَ ۾ بيحد حَسين نظارا هئا جو يورپ جون ٻهراڙيون شهرن کان وڌيڪ حَسين هونديون آهن، پر اسان جي دل چوي ته گاڏي بس شهر ۾ داخل ٿئي. ڏيڍ ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ اسان بروگز ۾ داخل ٿي رهيا هئاسون. سُرمئي سوڙها رستا، سونَ جهڙيون جَرڪندڙ پر قديم ۽ چُهنبدار اُوچيون عمارتون، چانديءَ جهڙيون عورتون، رانديڪن جهڙا ٻار، گُڏين جهڙيون ڇوڪريون، بي پرواهه پوڙها، شهر جي وِچَ مان وهندڙ واههُ، اَڌ- اونداها رومانٽڪ ڪيفيز، سائيڪل بردار نوجوان، وڪٽوريا اسٽائيل جون شاهي بگيون ۽ پٿريلي ڳاڙهي فرش تي گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ، گاڏيون تمام گهٽ- جيئن ئي شهرجي ڳلين ۾ گهڙندا وياسون، لڳو ٿي ڄڻ وچولي دؤر جي يورپ ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. شهر جي هر شيِءِ قديم هئي، رڳو ماڻهو نوان هئا. پٿريلو فرش ڏسي مون کي پنهنجو شهر قمبر ياد آيو، جتي ڪڏهن سڄي شهر ۾ بٺيءَ جي پڪل ڳاڙهين سِرُن جا فرش هوندا هئا ۽ ننڊ مان اُٿبو هو ته ٽانگن هلڻ سبب گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ ٻُڌبي هئي. مينهنُ پوندو هو ته سڄو شهر ڌوپجي اُجرو ٿي پوندو هو، وَڻَ ساوا چِهچِ ٿي پوندا هئا ۽ فرشَ سُرخ انقلابي ٿي پوندا هئا. هاڻي ته اُتي ڪجهه به سلامت ناهي رهيو. رڳو گندگيءَ جا ڍير ۽ بي تريب ماڻهن جا هجوم آهن. پاڪستان ۾ شموليت اسان جي هر شيءِ تباهه ڪري ڇڏي. اسان لاءِ ته نه آسمان اُهي رهيا ۽ نه فرشن جي اُها لالائي باقي رهي، پر هنن آزاد قومن پنهنجيءَ هر شيءِ کي آزاديءَ ۽ پيار سان سنڀاليو آهي. پنهنجن شهرن جون اُجڙيل بازارون ڏسيو سچ پچ به هِنيون لوڻ ٿيو وڃي. بروگز کي ڏسي ته ائين پئي لڳو ڄڻ شهر واسين صدين کان هن شهر کي پنهنجي ماءُ سمجهي، دنيا جون سموريون حُسناڪيون ان جي قدمن ۾ ڦِٽي ڪيون هجن.
    بيلجيم ۾ نسلي طور ٻه قومن رهن ٿيون، هڪ فرينچ ۽ ٻي فليمش. بروگز بنيادي طور فليمش آباديءَ جو شهر آهي، جنهن کي فليمش ٻوليءَ ۾ قديم زماني ۾ بروگاهه چيو ويندو هو. 11هين صديءَ ۾ بروگز کي واپار جي لحاظ کان نه رڳو بيلجيم پر سڄي يورپ ۾ مرڪزي حيثيت حاصل هئي، خاص طور ڪپڙي جي واپار ۾. 11هين صديءَ ۾ ته هيءُ شهر پنهنجي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جي عروج تي هو، پر هونئن بروگز يورپ جي قديم ترين شهرن مان هڪ آهي. جيئن لاهور لاءِ چوندا آهن ته جنهن لاهور نه ڏٺو آهي، اهو ڄميو ئي ناهي، ائين بروگز لاءِ مائيڪل اينجلو چيو هو ته جنهن بروگز نه ڏٺو، اهو يورپ گهمڻ جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي. مائيڪل اينجلو هن شهر جي هاڪ ٻُڌي، لڏي اچي هتي ويٺو ۽ اڄ سندس شاهڪارن جو يادگار ميوزم پڻ بروگز ۾ آهي.
    چون ٿا ته چوڏهين صديءَ ۾ بروگز جي آبادي لڳ ڀڳ 35 هزار هئي، جيڪا ان وقت لنڊن جي آباديءَ جي برابر هئي، پر هن شهر جي ماڻهن لنڊن جيان پنهنجي هن عظيم ۽ حَسين شهر کي ماڻهن جي هڪ وڏي هجوم ۾ تبديل ٿيڻ ڪونه ڏنو. بروگز ۾ اڄ به توهان ميونسپل جي ٽائون پلاننگ کاتي جي مرضيءَ ۽ اجازت کانسواءِ پنهنجي گهر جي ٻاهرين مرمت به نٿا ڪرائي سگهو، جو اُها سونهن ۽ تمدني حُسناڪي تاريخ ۾ شهر جي ماڻهن ۽ ايندڙ نسلن جي گڏيل ملڪيت سمجهي وڃي ٿي. ورهاڱي ۽ لڏپلاڻ سبب اسان جي ته هر شيءِ هٿ وٺي تباهه ڪئي وئي. ٻهراڙيون، شهر، تاريخي عمارتون، ٻيلا، وڻ، درياهه، ڍنڍون، لائبريريون، امن، ماڻهپو، ثقافتي ورثو، قدرتي وسيلا ۽ انهن تي مالڪي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پنهنجي ديس کي ٺاهڻ ۽ سينگارڻ جي آزادي ۽ خود مختياري. سنڌ يورپ جي ڪنهن به ملڪ کان وڌيڪ امير آهي. لکين ڇا ڪروڙين ايڪڙ ٻني، درياهه، ڍنڍون، ٻيلا، چار موسمون، جبل، ٿر، ڪاڇو، ڪوهستان، سمنڊ ۽ ڪروڙين پورهيت هٿ ۽ ذهن، وطن سان پيار ڪندڙ ڪروڙين دليون، آجپي ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏسندڙ اکيون- بس رڳو هن ديس جي ماڻهن کي ان ٻئي ڪنهن ”فهم“ جي گهرج آهي، جنهن سان پرين پَسبا آهن. ان ڪري بروگز کي ڏسي دل بي پناهه خوش به ٿي پئي ۽ ساڳئي وقت بي ساخته حسرت جو جذبو به جاڳيو پئي ته اسان جو ديس ائين ڇو نه آهي؟
    پندرهين صديءَ ۾ جڏهن برطانيا ۽ فرانس ۾ جنگ پئي هلي ته گهڻن امير شهزادن پُرامن رهائش لاءِ هن ئي شهر جي چونڊ ڪئي هئي. هن شهر جو ڪمال اهو هو ته ساڳئي وقت هي واپار جو به مرڪز هو ته آرٽ جو به. اهو امتزاج هن شهر جي هڪ عجيب خوبي آهي. اُن زماني ۾ به جان وان اِڪ ۽ هينس ميمبلنگ جهڙن فنڪارن جا هن شهر ۾ وڏا اسٽوڊيوز هئا. 16هين صدي هن شهر لاءِ وقتي طور زوال جو سنيهو کڻي آئي، جو بيلجيم جي هاربر جي واريءَ سان ڀرجي وڃڻ سبب هاربر ۽ بيلجيم پنهنجي اها معاشي حيثيت وڃائي ويٺا. بيلجيم جي معاشي زوال بروگز جي عظمت ۽ عروج کي پڻ سخت ڌڪ رسايو ۽ ويندي ويهين صديءَ تائين بروگز کي اهو اؤج حاصل ٿي نه سگهيو. جيتوڻيڪ هاڻي بروگز جي اهميت وري يورپ ۾ اُڀري آئي آهي، پر ان جو سبب هاڻي سياحت آهي. بروگز سڄيءَ دنيا جي سياحن لاءِ اڄ به رڳو دلچسپي ئي نه پر محبت جو مرڪز به آهي. بروگز اهڙو شهر آهي جتي دنيا جو رولاڪ ترين ماڻهو به سڄي حياتي گذاري سگهي ٿو. حسن مجتبيٰ، حسن درس ۽ اسلم خواجه جهڙا رولاڪ به هن شهر جي هنج ۾ ٿانيڪا ٿي سگهن ٿا.
    اسان گاڏي ٽائون هال اسڪوائر وٽ پارڪ ڪري ڇڏي، جو بروگز کي گاڏيءَ ۾ گهمڻ ائين آهي جيئن ماڻهو پلو هٿن بدران چمچي سان کائي. دنيا جي هر شيءِ چمچي سان کائي سگهجي ٿي، پر پلو نه. ائين ئي دنيا جو هر شهر گاڏيءَ ۾ گهمي سگهجي ٿو، پر بروگز نه. هزارين سالن کان بروگز ۾ پنڌَ جي روايت اڄ به قائم آهي. اڄ به ماڻهو بروگز کي پنڌ گهمڻ کي ئي اوليت ڏين ٿا. سو اسان به اهو ئي فيصلو ڪيو. ٽائون هال اسڪوائر شهر جو مرڪز آهي. هونئن به يورپ جي شهرن ۾ اها روايت قديم آهي. هر وڏي يا ننڍي شهر کي هڪ مرڪزي پر نهايت ڪشادو اسڪوائر ضرور هوندو. برسلز جو گرينڊ پليس، ايمسٽرڊيم جو ڊيم اسڪوائر، لنڊن جو ٽرافلگر اسڪوائر، مطلب ته توهان کي يورپ جي هر شيءِ ۾ اهڙو سٽي اسڪوائر ضرور ملندو. برسلز جو گرينڊ پليس بي مثال آهي، مون دنيا ۾ ڪٿي به اهڙو حَسين، عظيم عمارتن جي وچ ۾ زندگيءَ سان ڀرپور اسڪوائر نه ڏٺو آهي، پر بروگز جو ٽائون هال اسڪوائر به ڪمال جو آهي. اسڪوائر جي چوڌاري 1300ع صديءَ جون گوٿڪ طرز تي تعمير ٿيل قديم ۽ بي مثال عمارتون آهن، جن جو ذرو ذرو تعميراتي فن جو شاهڪار آهي. ٽائون هال جي عظيم عمارت پڻ ڏينهن جو سياحن لاءِ کليل رهي ٿي. ان پڌر کي مقامي ماڻهو مارڪيٽ اسڪوائر به سڏيندا آهن، جنهن جي وِچَ تي ٻن فلميش هيرن بچرجان بريڊل ۽ وِيور پائينز ڊي ڪوننڪ جا مجسما لڳل آهن، جن کي شهر جي شان ۽ وقار جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. اسان وٽ ٻيو ته ٺهيو، پر شهرن جا روڊ ۽ رستا به ڌارين جي نالن سان منسوب ٿيل آهن.
    مارڪيٽ اسڪوائر پنهنجي بيهڪ ۾ هڪ عجيب ۽ فطري طور بيحد سهڻي جاءِ آهي، جنهن جي چوڌاري هڪ واهه وهي ٿو. اهو واهه سڄي شهر جي سونهن آهي، جنهن ۾ هر وقت سياح ٻيڙين تي سير ڪندي نظر ايندا. ايمسٽرڊيم وانگر هتي به اڪثر سياح ٻيڙين ذريعي شهر جو سير ڪن ٿا. اسان به ٻيڙين تي خوب چڪر هنيا. ٿڌي بيئر جا دَٻا، گرم گرم مَڇي ۽ چِيز جا سِنيڪس هئا، ٻيڙي هئي، ٿڌيون هوائون هيون، بروگز جو شهر هو ۽ اسان هئاسين. ”لڳي اُتر واءُ ته ڪينجهر هندورو ٿئي“ واري ڪارِ لڳي پئي هئي. فطرت ۽ زندگي ڏاڍيون حَسين شيون آهن. اسان جهڙن معاشرن ۾ غربت، غلاميءَ، بي وسيءَ ۽ نڌڻڪائيءَ ماڻهوءَ جي مَنَ جي پيرن ۾ وَنگَ وِڌا آهن. اسان وٽ ماڻهو زندگي ماڻي ئي نه ٿو. اسان وٽ ته جواني اچيو ۽ ليئو پائي موڪلايو به وڃي. اسان جهڙن معاشرن ۾ غريب ماڻهو زندگي ڪهڙي گذاريندو آهي، پاڻ زندگي هن کي گذاريندي آهي ۽ ماڻهو بيرحم زندگيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهجي پيڙهجي، هڪ ڏينهن حياتيءَ جي چيچ مان هٿ ڪڍي ڇڏيندو آهي. غريب جي زندگي ڄمڻ جي دانهن ۽ موت جو ٿڌو ساهه- ٻيو ڇا؟ هنن آزاد ۽ خوشحال معاشرن ۾ ماڻهو زندگي ماڻين ٿا. جواني ته هونئن ئي بيپرواهه هوندي آهي، پر ٻيو ته ٺهيو هتي پوڙها ۽ پوڙهيون به توهان کي کائيندي، پيئندي، جهومندي، کلندي ۽ رقص ڪندي نظر اينديون ۽ اهڙيون حَسين گهڙيون اسان وٽ جوانيءَ کي ئي ميسر ناهن. هتي به سياحن جي گهڻائي توهان کي پوڙهن جي نظر ايندي. ٻيڙين جا سفر هجن يا پنڌَ، ڪافي هائوس هجن يا ميوزيم ۽ پب، توهان کي جوانن سان گڏ پوڙها جام نظر ايندا. جنهن معاشري ۾ ٻار ۽ پوڙها خوش هجن، ان کي حقيقي طور ڀاڳ ڀريو معاشرو سڏي سگهجي ٿو.
    مارڪيٽ اسڪوائر جو گهنٽا گهر به هن شهر جو شان آهي. سڄي شهر جي سمورين عمارتن کان اُوچو گهنٽا گهر ڄڻ ته تاريخ جو شاهد بڻجي صدين کان هن شهر جي زندگيءَ کي گهوري رهيو هجي. مون گهنٽا گهر تي هڪ نظر وڌي ته لڳو ڄڻ اهو تاريخ جي جهروڪي مان هن تاريخي شهر جي زندگيءَ کي چتائي ڏسندو هجي، ايئن جيئن ماءُ پنهنجي ٻار کي پهريون وکون کڻندي ڏسندي آهي. هن گهنٽا گهر لاءِ هي شهر به ڄڻ ڪو ٻار هجي. گهنٽا گهر جي گهورُ ۾ مون کي گهڻو ڪجهه نظر آيو. هن شهر کي خبر ناهي ته هتي ڪو ”جاڙيجو“ صدين کان جاڳي رهيوآهي. اهو گهنٽا گهر 1300ع ۾ تعمير ٿيو ۽ 1486ع ۾ کيس وري مرمت ڪري 290 فوٽ اوچو ڪيو ويو. گهنٽا گهر جي چوٽيءَ تي وڃي به شهر کي ڏسي سگهجي ٿو. اسان جي سنگت مان ٻئي ڪنهن دل نه جهلي، پر مون ۽ اَجي نيٺ اها چوٽي سَرِ ڪئي. مٿان جڏهن بروگز جي شهر تي هڪ نهار وڌي سين ته لڳو هي ڪو ٻيو جهان آهي. لڳو ته هي ڪو شهر نه پر مائيڪل اينجلو جي ڪا وڏي پينٽنگ آهي، جنهن ۾ هن جا ڪردار هلي ڦري رهيا هجن. مون کي هالي ووڊ جي فلم ”ميوزم ۾ هڪ رات“ ياد آئي، جنهن ۾ رات جو سمورا مجسما ۽ جانور جاڳي پوندا آهن ۽ سندن وجود ۾ تحرڪ اچي ويندو آهي ۽ صبح جو وري سڀ سڪوت ۾ اچي ويندا آهن. اسان جڏهن اهو منظر ڏٺو، تڏهن بروگز ۾ شام هئي پر رات جو هتي به مائيڪل اينجلو جي تصوير جا هي ڪردار سمهي رهندا هوندا. فاصلا به شين جون معنائون تبديل ڪري ڇڏين ٿا. شيون ويجهڙائيءَ کان هڪڙيون نظر اينديون آهن ۽ پري کان اُهي ئي شيون ٻيون نظر اينديون آهن. اهو ڪو نظر جو دوکو ناهي، پر فاصلن جي جدليات آهي. ٽاور کان مٿان شهر جي وِچَ مان وهندڙ واهه ائين پئي لڳو ڄڻ شهر جي نشيلين اکين ۾ قدرت سرمي جي ڪا سِرائي ڀري هجي. اسان وٽ مائون جڏهن ٻار کي نوان ڪپڙا پهرائي تيار ڪنديون آهن ته سندن محبت جو آخري اظهار سُرمي جي سرائي هوندي آهي ۽ ٻار جون ڦِڪيون اکيون چيرجي، چمڪي اُٿنديون آهن. مون کي لڳو هن شهر جي اکين ۾ قدرت ماءُ جيان هن واهه جي صورت ۾ ڪا سُرمي جي سرائي ڀري هجي.
    بروگز هرو ڀرو ڪو وڏو شهر ناهي، پر ڳتيل شهر ضرور آهي. يورپ جا شهر عام طور ڪشادا هوندا آهن، پر هي هڪ ڳتيل ۽ سوڙهين گهٽين جو شهر آهي. مارڪيٽ اسڪوائر جي ساڄي پاسي شڪارپور جي شاهي بازار جهڙي هڪ ڊگهي بازار آهي. هيءَ بازار بروگز جي هنگامه خيزيءَ جو حسين مظهر آهي. هن بازار جي هر دڪان ۽ ڪافي هائوس يا پَبَ تي توهان کي رڳو دعوائون نظر اينديون. ”جي اوهان بروگز بيئر نه پيتو ته پوءِ چئبو توهان شهر نه گهميو“.
    ”جي توهان بروگز وائين نه پيتو ته معنيٰ توهان زندگيءَ ۾ وائين پيتو ئي ناهي.“
    ”جي توهان بروگز چيز ۽ چاڪليٽ نه کاڌا ته اوهان جي حياتي اجائي وئي.“
    ”جي اوهان بروگز ڪافي شاپس ۾ ڪافي نه پيتي ته پوءِ توهان هتي ڇو آيا آهيو؟“
    ”جي اوهان بروگز جا سِگار نه پيتا ته پوءِ ڄڻ سڄي زندگي اجايا ڪش هڻندا رهيا آهيو.“
    ”جي اوهان بروگز جي پبس مان سنئين وِکَ سان ٻاهر نڪتا ته معنيٰ توهان جي هر سُرڪ اجائي وئي......“ اهڙيون دعوائون توهان کي هر بازار ۾ هر هنڌ نظر اينديون ۽ ماڻهو پريشان ٿي ويندو ته ڀلا ڪهڙيون ميارون کڻجن. اسان به اهو سمجهي سڀني ميارن کي منهن ڏنو ته مهلون مڙسن تي ئي اينديون آهن، خاص طور تي بروگز بيئر جو جواب نه هو. بروگز بيئر ته ڄڻ ٺهيو ئي ڪڙي ۽ قاتل جي هيراڪن لاءِ هو.
    12هين صديءَ کان پوءِ بروگز واپار ۽ واپار سان گڏوگڏ آرٽ جي به مرڪز ۾ تبديل ٿيڻ لڳو، خاص طور تي اُتر يورپ ۾. مائيڪل اينجلو به اٽليءَ مان لڏي اچي هي شهر وسايو. چون ٿا ته هن شهر ۾ اڄ به ٻه سئو کان وڌيڪ ميوزيم ۽ آرٽ گيلريون آهن. هونئن ته هن شهر جو هر گهر ۽ عمارت هڪ ميوزيم ۽ تعمير جي فني شاهڪار کان گهٽ ناهي، پر بروگز جا ميوزيم ۽ ڪليسائون آرٽ جي خيال کان وڏي اهميت رکن ٿيون. هتي سينٽ باسل جي چرچ ان لحاظ کان سڄي يورپ ۾ مشهور آهي ته اُتي عيسيٰ مسيح جا رت هاڻا ڪپڙا رکيل آهن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُهي ٻي صليبي جنگ کانپوءِ هتي آندا ويا هئا. Renaissance Hall پڻ بروگز جي هڪ بي مثال عمارت آهي، جنهن ۾ يورپ ۾ نئين سجاڳيءَ جي دؤر کي محفوظ ڪيو ويو آهي. جيئن ته بروگز فليمش آباديءَ جو شهر آهي، ان ڪري هتي توهان کي هر هنڌ فليمش آرٽ جا عڪس نظر ايندا. بيلجيم جي فرينچ آباديءَ کي تاريخ، ٻوليءَ، ادب ۽ آرٽ قومي سڃاڻپ جي اظهار لاءِ فرانس جهڙو عظيم ملڪ به آهي، پر بيلجيم جي فليمش آبادي فرينچ جي ڀيٽ ۾ گهڻي پيڙهيل رهي آهي، جو فليمش ماڻهو گهڻي ڀاڱي سڄي يورپ ۾ صرف بيلجيم ۾ ئي آهن. گرو ننج ميوزم بروگز ۾ فليمش آرٽ جو هڪ تاريخي عجائب گهر آهي، جنهن ۾ توهان کي عظيم فليمش مصور وان اِڪ کان وٺي ميمبلنگ ۽ ميگرٽ تائين جا شهپارا نظر ايندا. روم ۽ اٽليءَ جي تاريخي ۽ رياستي قومي حيثيت سبب ان جي آرٽ کي سڄي يورپ ۾ توڙي عالمي طور وڏي پذيرائي ملي، پر فليمش آرٽ کي ننڍڙي سماجي دائري سبب اها گهربل اهميت نه ملي سگهي. تاريخ ۾ اِها جُٺِ سمورين ننڍين ۽ ڪُنڊائتين قومن سان ٿئي ٿي. سنڌ ۾ رڳو لطيف جو ئي مثال وٺجي ته هو جنهن سطح جو عالمي مدبر، عظيم شاعر ۽ آرٽسٽ توڙي مفڪر آهي، ان کي گهربل اهميت ان ڪري به نه ملي سگهي آهي، جو اهو هڪ ننڍي، ڪُنڊائتي ۽ غلام قوم جو شاعر آهي، جنهن جو دائرو محدود آهي. لطيف جهڙن عظيم شاعرن جو الميو اهو به آهي جو اُهي فني طور پنهنجي ٻوليءَ کي ان مقام تي وٺي ويا آهن جتي انهن جو ان سطح جو ترجمو ڪنهن به ٻي ٻوليءَ ۾ ممڪن نه آهي. اها تاريخ جي عجيب ستم ظريفي آهي جو جيڪي قومون تاريخ ۾ فاتح، طاقتور ۽ حاڪم رهن ٿيون، اڳتي هلي انهن جي ادب، آرٽ، علم ۽ تاريخ کي به وڏي اهميت ملي ٿي. سنڌين وانگر فليمش قوم سان به ائين ئي ٿيو.
    بروگز شهر نه پر الف ليلا جو ڪو داستان آهي. اسان کي ائين ٿي لڳو ته اسان به ان جا ڪردار ٿي ويا آهيون. هن شهر جي هر گهٽي ڄڻ پاڻ سان حيرت جو ڪو تاڪيو کوليندي ٿي وئي. شهر جي سِرَ سِرَ ۾ راز هو. شهر جي هر عمارت ڄڻ ته هڪ ڪهاڻي هئي، ڪو ماضيءَ جو افسانو هو. گهنٽا گهر جو وڏو گهنڊ هر ڪلاڪ کانپوءِ اسان کي وقت جو احساس ڏياري رهيو هو، نه ته هن شهر ۾ ۽ ماڻهوءَ کي وقت جو ڪو احساس ٿئي! بروگز اکيون پير ڪري گهمڻ جهڙو شهر آهي.
    جيتوڻيڪ شام لڙڻ واري هئي ۽ اسان کي واپس ورڻو هو، پر جيئن محبوب کان موڪلائڻ تي دل نه چوندي آهي تيئن بروگز کان موڪلائي مٿس آخري نهار وجهڻ لاءِ ڪوبه تيار نه هو، پر زندگيءَ ۾ هر شيءِ کان نه چاهيندي به نيٺ ته موڪلائڻو ئي پوي ٿو. شهر جي گهنٽا گهر جو گهنڊ وڳو ۽ شام جا ست ٿيا ته اسان جي گاڏيءَ به ويندي ويندي بروگز کي شهر مان هڪ نقطي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هي سچ پچ به شهر نه پر ڪو خواب نگر هو. تٿا گٿا صحيح پئي چيو ته: ”بروگز بڙهيا شهر هي!“


    بشڪريه سارنگا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    لا جواب لکڻي.... بروگز وڃڻو پئجي ويو. جامي وڌو خرچ ۾...
     
  3. اشوڪ ڪمار

    اشوڪ ڪمار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 اپريل 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    زبردست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو