مفت ۾ بيڪ اپ جي سهولت ڏيندڙ سافٽويئر آڪسٽر بيڪ اپ۔۔۔

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ڊيٽا جو تڪڙو ۽ مڪمل بيڪ اپ وٺڻ لاءِ ڪنهن سٺي سافٽويئر جي جستجو ۾ ته مان رهندو ئي آهيان پر جيڪڏهن اهڙو سافٽويئر ڪمپني طرفان مفت ۾ ملي ته اهو ته وڌيڪ ڀلو۔۔۔۔ پر ان کان به وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهون ٽيڪنيڪل يا ڪمپيوٽر جي ڄاڻ گهٽ رکندڙ هجي ته ان جي استعمال لاءِ به آسان هجي ته اهو ته ويتر ڀلو۔۔۔۔۔ ۽ جڏهن مون آڪسٽر بيڪ اپ سافٽويئر کي انسٽال ڪري استعمال ۾ آندو ته اهو ئي مون کي اهڙو سافٽويئر لڳو جنهن لاءِ مٿي مون ٽئي خوبيون لکيون آهن۔۔۔۔
    هن جي اضافي خوبين ۾ شامل آهي۔۔۔
    مڪمل پاڻمرادو ڊيٽا کي بيڪ اپ طور رکڻ جي سهولت
    استعمال ۾ آسان
    ٺهندڙ ڊيٽا بيڪ اپ کي هارڊ ڊسڪ يا فليش ڊرائيو ۾ رکڻ جي سهولت
    بيڪ جي ڪاپي ڪري مختلف لوڪيشنس تي رکڻ جي سهولت
    بيڪ کي محفوظ رکڻ لاءِ انڪرپشن ۽ پاسورڊ لڳائڻ جي سهولت
    بيڪ اپ کي ڪمپريس ڪري اسپيس بچائڻ جي سهولت
    جيڪڏهن توهان کي بيڪ اپ وٺڻ دوران ڪمپيوٽر کي بند ڪرڻو هجي ته پاس ۽ رزيوم ڪرڻ جي سهولت
    انسٽاليشن جي طريقي ڪار کي آساني سان سمجهائڻ لاءِ حاضر آهي يوٽيوب وڊيو۔۔۔



    پوءِ ايترين خوبين جي حامل هن سافٽويئر کي پنهنجي سافٽويئر خزاني ۾ ڇونه رکي اضافو آڻيو۔۔۔۔ ته پوءِ هي وٺو لنڪ۔۔۔۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مفت ۾ بيڪ اپ جي سهولت ڏيندڙ سافٽويئر آڪسٽر بيڪ اپ۔۔۔

    اڄ وري هن قيمتي سافٽويئر جي ونڊ لاء مهرباني۔ سنڌ سلامت تي سڀني دوستن پر خاص ڪري اوهان پاران شيئر ڪيل سافٽويئر ۽ اهي به مفت ۾ سچ پڇو ته اسان جهڙن ڪمپيوٽر جي اڻڄاڻن لاء ڏاڍا ڪارائتا هوندا آهن۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مفت ۾ بيڪ اپ جي سهولت ڏيندڙ سافٽويئر آڪسٽر بيڪ اپ۔۔۔

    تمام سٺو خوبين وارا سافٽ ويئر آهي
    مان هاڻي ئي ڊائونلوڊ ڪيان ٿو

    تمام بهترين ڪوششون آهن توهان جون سنڌ سلامت فورم لا۽

    اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: مفت ۾ بيڪ اپ جي سهولت ڏيندڙ سافٽويئر آڪسٽر بيڪ اپ۔۔۔

    ادا رشيد جيڪي ڪجهه اوهان جي باري ۾ ادا وساڻ لکيو آهي۔۔۔ مان به اهي لفظ چوڻ وارو هيس پر يقين ڪيو ته ادا وساڻ اهي منهنجي دل جا لفظ پهريان ئي ڪڍي ورتا۔۔۔۔۔

    مهرباني سهڻا سائين ۔۔۔۔
     
  5. اظهرالدين بهلڪاڻي

    اظهرالدين بهلڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2010
    تحريرون:
    142
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    واپڊا ڪالوني گڊو سنڌ
    جواب: مفت ۾ بيڪ اپ جي سهولت ڏيندڙ سافٽويئر آڪسٽر بيڪ اپ۔۔۔

    ادا سافٽويئر ته سٺو آهي۔ پر نوڊ32 جو اسڪرين تي ميسيج پيو ظاهر ٿئي۔ ته يو آر ايل بلاڪ ٿيل آهي۔ ڏسو هي تصوير[​IMG][/IMG]
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مفت ۾ بيڪ اپ جي سهولت ڏيندڙ سافٽويئر آڪسٽر بيڪ اپ۔۔۔

    ادا تمام بهترين ء ناياب لاجواب شيئرنگ آهي،.
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: مفت ۾ بيڪ اپ جي سهولت ڏيندڙ سافٽويئر آڪسٽر بيڪ اپ۔۔۔

    ادا اهو اينٽي وائرس جو چڪر هوندو لنڪ بالڪل درست آهي توهان وقتي طور ان کي ان ايبل ڪري پوء ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا.
     
  8. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: مفت ۾ بيڪ اپ جي سهولت ڏيندڙ سافٽويئر آڪسٽر بيڪ اپ۔۔۔

    ادا اظهر الدين سائين رحيم بخش جي چوڻ تي عمل ڪيو۔۔۔۔ مون سان به اهو مسئلو هئو پر ائين ڪرڻ سان حل ٿي ويو مون وٽ ڪيسپر اسڪائي انسٽال ٿيل هئو۔۔۔۔۔ ان کي وقتي طور تي ڊس ايبل ڪيو ته لنڪ کُلي وئي۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو