امريڪا جي شهر هيوسٽن ۾ سنڌي ايسوسئيشن نارٿ امريڪا پاران ساليانه ڪنوينشن جو اکين ڏٺو ا

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    امريڪا جي شهر هيوسٽن ۾ سنڌي ايسوسئيشن نارٿ امريڪا پاران ساليانه ڪنوينشن جو اکين ڏٺو احوال

    راجا زاهد اختر خانزاده
    امريڪا جي شهر هيوسٽن ۾ رات جي پهر ۾ جڏهين سنڌ جي معروف گلوڪارا حميرا چنا ”سکر واري پل تي هو جمالو“ ڳايو ته مون کي منهنجي پياري امڙ سنڌ جو شهر ٽنڊوالهيار ياد اچي ويو ۽ منهنجو ذهن ماضي جي يادگار لمحن ۾ پهچي ويو. جڏهن ٽنڊوالهيار ۾ اهڙيون تفريح ميسر ٿينديون هيون. هن وقت مون کي سنڌ جا ماڻهو منهنجا دوست عزيز ۽ اوطاقون ۽ ڪچهريون به ياد آيون. منهنجي اکين اڳيان سنڌ جي 5 هزار سال پراڻي ثقافت ۽ محبت پيار سان ڀرپور اهي ماڻهو به ياد آيا جيڪي غربت جي لمحن ۾ مون سان گڏ هئا. اڄ مون وٽ الله جي ڪرم سان اهو سڀ ڪجهه موجود آهي جنهن جو اسان تصور ڪري سگهون ٿا، پر اهي سڀ آسائشون هوندي به اڄ مان هتي امريڪا ۾ پنهنجي پاڻ کي مفلس ۽ غريب تصور ڪندو آهيان ڇاڪاڻ ته مان هتي ڌرتي جي خوشبو ۽ پيار محبت ڀريل ماڻهن کان پري آهيان انهيءَ ڪري جڏهن به اهڙو ڪو موقعو ايندو آهي ته هن کي پنهنجي لاءِ هڪ سوکڙي سمجهي تمام مصروفيتون ڇڏي ويندو آهيان. اڄ مان هيوسٽن ۾ آهيان جتي سنڌي ايسوسئيشن آف نارٿ امريڪا پاران 3 روزه ساليانو ڪنوينشن منعقد ڪيو پيو وڃي. اڄ مون کي هيوسٽن به مني سنڌ محسوس پئي ٿيو جتي هوٽل ۾ هر پاسي سنڌي اجرڪ، ٽوپيون، شلوار قميصن ۾ ملبوس ماڻهو ڀائر ۽ ڀينرون نظر پئي آيا. هوٽل ۾ اوطاقن وانگر ڪچهريون ۽ هر پاسي سنڌي ٻولي وارن ماڻهن منهنجي روح ۾ وجدان جهڙي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي. مان جڏهن سنڌ ۾ هوندو هئس ته دوستن جي روش ۽ روين ڪري پنهنجي پاڻ کي سنڌ ڌرتي جو مينڌرو پٽ تصور ڪندو هئس شايد اهو ئي سبب آهي ته مان امريڪا هلي آيس پر انهن دوستن جي روين ڪري منهنجي امڙ سنڌ سان محبت آهي جيڪي انهي وقت هوندي هئي انهيءَ ڪري حميرا چنا پاران ڳايل هو جمالو مون کي پنهنجي امڙ سنڌ جي ياد جڳائي ڇڏي. سنڌي ايسوسئيشن آف نارٿ امريڪا پاران اهو 26 هون ساليانو ڪنوينشن هو جيڪو هر سال امريڪا جي مختلف شهرن ۾ منعقد ڪيو ويندو آهي. سنڌي ايسوسئيشن هتي سنڌين جي فلاحِ تنظيم آهي جيڪا اهڙا ڪنوينشن منعقد ڪري هر سال امريڪا ۽ ڪئنيڊا ۾ رهندڙ سنڌين کي پنهنجي ڌرتي لاءِ سوچ ۽ فڪر جو موقعو فراهم ڪري ٿي جڏهن ته سنڌين کي پنهنجي ثقافت کي پنهنجي نسلن تائين منتقل ڪرڻ جو هڪ ذريعو به آهي هن ڪنوينشن جي شروعات جمعي جي ڏينهن کان ٿي جنهن ۾ جنرل باڊي جو اجلاس صدر ڊاڪٽر وليد شيخ جي صدارت ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌي نوجوانن کي اسڪالرشپ توڙي ٻين مسئلن تي غورويچار ڪيو ويو انهيءَ ڏينهن هڪ ميڊيڪل سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن کي ڊاڪٽر عباسي جيڪو دل جي مرض جو ماهر ڊاڪٽر آهي.دل جي بيمارين سان متعلق ماڻهن کي آگاهي ڏني. انهي ڏينهن خواتين سيشن به منعقد ٿيو خواتين سيشن ۾ عورتن هڪ ٻئي سان تعارف ڪرايو شادين ۽ ٻين مسئلن تي ڳالهيون هڪ ٻئي سان شيئر ڪيون. ڇنڇر جي ڏينهن سياسي ۽ سماجي ، ادبي سيشن هئا. انهيءَ ادبي محفل ۾ ممتاز چانگ، محمد علي مهر به پنهنجي ڪلامن ذريعي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا جڏهن ته سنا جي اڳوڻي صدر عزيز ناريجو ٻه ممتاز سنڌ جي شاعرن جا شعر ادبي محفل ۾ پيش ڪيا شام جو شوشل سيشن ۾ پاڪستان کان آيل اڳوڻيوزير اي اين عباسي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جو اڳوڻو وائس چانسلر ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ، اسلم بلوچ، ذوالفقار هاليپوٽه، سردار شاهه، سونو ڪنگراڻي، عرفان ڪيهر، جامي چانڊيو پنهنجا مقالا پڙهيا ۽ سنڌ جي مسئلن تي روشني وجهندي هن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون. سياسي سيشن ۾انڊيا جي سپريم ڪورٽ بار جي صدر ماهر وڪيل اڳوڻي وفاقي وزير ۽ راج سڀا جي ميمبر رام جٽ ملواني ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي خصوصي مقرر هئا هن سيشن ۾ رام جٽ ملواني خطاب ڪندي چيو ته مون کي هن وقت به ڪا انتقام ۾ غصو نه هو جڏهن مان سنڌ کان 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ وقت هجرت ڪئي۽ اڄ به ڪا انتقام ۽ غصو نه آهي هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ محبت ۽ امن جو هو طلبگار آهي هن چيو ته مان هميشه ڀارت جي حڪمرانن کي چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ ننڍي ڀاءُ وانگر ٽريٽ ڪيو. هن اهو به چيو ته اڄ مان جيڪي ڳالهيون ٻڌي رهيو آهيان اهي مان پهريون ڪڏهن به نه ٻڌيون هيون. هن چيو ته جڏهن قائداعظم وڪالت پاس ڪئي ۽ ڪراچي آيو ته هن هرچند راج ڪمپني ۾ ملازمت لاءِ درخواست ڏني جنهن ۾ قائداعظم جو انٽرويو ٿيو ته هندو جي هن ڪمپني قائد اعظم کي 25/35 رپيا ماهوار پگهار جي آفر ڏني جيڪا هن قبول ڪو نه ڪئي ڇاڪاڻ ته قائداعظم 100 رپيا ماهوار پگهار گهري رهيو هو. هن مذاق ۾ چيو ته پاڪستان هندن ٺاهيو جيڪڏهن هرچندراج ڪمپني قائداعظم کي ملازمت ڏئي ها ته اڄ پاڪستان نه ٺهي ها. رام جٽ ملواني وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ جيڪڏهن جهيڙا جاري رهيا ته ٻئي ملڪ تباهه ٿي ويندا. هن چيو ته مسلمانن جو زوال هن وقت شروع ٿي ويو جڏهن هن نبي ڪريم جي تعليم کي ڇڏي ڏنو. هن چيو ته اڄ مسلمان نبي جي پيغام کي وساري ويٺو آهي جڏهن ته مغرب هن تي عمل ڪري پيو. راج جٽ ملواني چيو ته جڏهن مان هتي امريڪا آيس ته هڪ دڪان تي هڪ شرٽ تي اهو لکيل هو ته (Dipper and Politician should be change frequently ) يعني ڊائپر ۽ سياستدان کي وقفه وقفه سان تبديل ڪيو وڃي هن چيو ته مان اهوئي سنڌي عوام کي چوندس ته جيڪڏهن سياستدان انهن جا ووٽ وٺي انهن جي اعتماد تي پورو نٿا لهن، ته عوام اهڙن سياستدان کي ڊائپر وانگر تبديل ڪري ڇڏي. هن چيو ته جڏهن نوجوانن ۾ اهو شعور اجاگر ٿيندو ته ملڪ به ترقي ڪندو ۽ معاشرو به. هن موقعي تي مان سيڪيولر ماڻهو آهيان ۽ عملي ڪمن تي يقين ٿو رکان. ان کان اڳ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي تقرير ڪندي چيو ته سنڌ فار سيل جو بورڊ آويزان آهي هن چيو ته اڄ سنڌي ماڻهو کي عملي طرح بيدار ٿيڻو پوندو. هن چيو ته امريڪا ۾ اٽڪل 2500 فيمليون رهن ٿيون۽ سال ۾ هڪ ڏينهن هو برائي مهرباني ڀرپور طريقي سان پنهنجي ثقافت جو مظاهرو ڪن. هن چيو ته مان جڏهن امريڪا اچي رهيو هئس ته دوستن چيو ته سائين امريڪا وڃو پيا سوٽ ڪوٽ سبرايو مان چيو مون کي لعنت هجي جو مان امريڪا جي ڪري پنهنجي شلوار قميص ۽ سنڌي ٽوپي نه پايان هن چيو ته امريڪا ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن کي مان اهو به ٿو چوان ته سوٽ ڪوٽ پايو پر سال ۾ هڪ ڏينهن جڏهن توهان سنا جي ڪنوينشن ۾ اچو انهي وقت پنهنجي ثقافت جو مظاهرو ڪريو توهان جي سر تي سنڌي ٽوپي هجي اجرڪ هجي ۽ شلوار قميص هجي ته توهان جي نسل ڏسي ته اسانجي ثقافت ڇا آهي. هن يهودي قوم جو واقعو ٻڌايو ۽ چيو ته هٽلر جي ظلم کان پوءِ يهودي قوم تباهه برباد ٿي وئي ڪنهن ماڻهون کي هيبراني نه ايندي هئي هڪ پروفيسر هو جنهن کي هيبراني زبان ايندي هئي هن قوم کي منظم ڪيو ۽ هيبراني ٻولي جي تعليم ڏني هن نئين يهودي قوم کي جنم ڏنو ان کان پوءِ دنيا ڏٺو ته يهودي قوم پوري دنيا تي ڇانيل آهي. هن چيو ته جڏهن يهودي فلسطين ۾ آباد ٿي رهيا هئا ته عربن چيو ته اهي ٿورڙا ماڻهو ڇا ڪندا پر اڄ انهي عمل ڪري اڄ هتي جا مقامي باشندا پنهنجي ملڪ ۾ دربدر آهن هن چيو ته سنڌي قوم کي يهودي قوم جي تاريخ کان سبق حاصل ڪري ڇاڪاڻ ته قومن کان هڪ دفعا مالڪي هلي ويندي آهي ته پوءِ هن کي واپس آڻڻ تمام ڏکيو ڪم هوندو آهي.هن چيو ته اڄ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جيڪي سنڌين جا شهر هوندا هئا، ايم ڪيو ايم وٽ هليا ويا آهن. هن چيو ته ضلعن جي تقسيم ۾ به زيادتي ڪئي وئي ۽ نسلي بنياد تي انهن کي تقسيم ڪيو ويو هن چيو ته ڪالهه ته مشرف ۽ ارباب مالڪ هئا پر اڄ ته پيپلزپارٽي مالڪ آهي پر 4 ، 5 سالن جي جدوجهد کان پوءِ به حيدرآباد ضلعي جي حيثيت کي اسان بحال نه ڪرائي سگهيا آهيون.هن چيو ته سنڌي عوام کي صدر ، وزيراعظم جا عهدا نه کپن انهن کي پنهنجي وطن جي عزت کپي. هن چيو ته سنڌي قوم سڪندراعظم ، هلاڪو خان، منگولن، ترخانن ۽ انگريزن ۽ سامراجي قوتن جنهن ۾ ايوب خان ۽ ضياءَ الحق ۽ مشرف جي مارشل لا سان مقابلو ڪيو ۽ اڄ به جڏهن سنڌ تي برو وقت ايندو ته سنڌي ماڻهو پنهنجي گهر ۾ ايڙيون رڳڙي رڳڙي مرڻ بجاءِ ميدان جنگ ۾ مرڻ کي ترجيح ڏيندو. ان کان اڳ جنرل باڊي جي اجلاس ۾ قراردون پاس ڪيون ويون جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته محترمه بينظير ڀٽو جي قتل جي صاف شفاف نموني تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ قاتلن کي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن ڇاڪاڻ ته اهو قتل جمهوريت ۽ انسانيت جو قتل آهي هڪ قرارداد ۾ سنڌ ۾ لاقانونيت تي تشويش ظاهر ڪئي وئي. پاڻي جي ڪاميٽين ۽ ارسا ۽ ٻين ڪاميٽين ۾ پنجاب جو پريشر ختم ڪيو وڃي ۽ جسٽس ۽ جوڊيشري کي شفاف بنايو وڃي. اندرون سنڌ جي نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي ۽ انهن کي ڪراچي ۾ داخلائون ڏنيون وڃن ۽ هنن سان برابري جي بنياد تي سلوڪ ڪيو وڃي. صوبن کي 1940ع جي قرارداد پاڪستان مطابق حقوق ڏنا وڃن. سنڌ ۾ ترقياتي ۽ ٻين ڊولپمينٽ اسڪيمن خاص ڪري بينظير پروگرام ۾ ٿيندڙ بدعنوانين جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ پروگرامن کي شفاف بنايو وڃي ۽ ڪرپشن جو خاتمو آندو وڃي. سنڌي نوجوانن جي ووڪيشنل تربيت لاءِ خصوصي انتظام ڪيا وڃن. حيدرآباد ۽ ڪراچي ضلعن جي پراڻي حيثيت بحال ڪئي وڃي، بلوچستان ۾ ملٽري آپريشن بند ڪيو وڃي ۽ صوبائي لينگويج کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. سنا پاران اهو ڪنوينشن هڪ يادگار ڪنوينشن هو هن ڪنوينشن ۾ هيوسٽن جي تاج نظاماڻي، سلطان نظاماڻي، بشير شيخ، ڊاڪٽر اقبال ناريجو، نثار مهر ، جميل دائودي، خان ٿيٻو، سڪندر بلوچ جي ڪاوشن سان چار چنڊ لڳي ويا. هنن ڪنوينشن ۾ خصوصي دعوت تي واشنگٽن مان ڊاڪٽر منظور اعجاز ۽ ڊيلس کان پ پ پ نارٿ ٽيڪساس جي صدر راجا زاهد اختر خانزاده، سيڪريٽري اطلاعات ڊاڪٽر غلام نبي ڪلوڙ، خصوصي طور شرڪت ڪئي، ڪنوينشن ۾ سيشن کان پوءِ رات دير تائين اوطاق ڪچهري جو پروگرام به رکيو ويو جنهن ۾ پري پري کان آيل مهمانن رات دير تائين ڪچهريون ڪيون. ڇنڇر جي رات جو محفل موسيقي ۾ حميرا چنا ۽ ارشد محمود پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ماڻهن هن موقعي تي هو جمالو تي ڊانس ڪيو ۽ جهومريون پاتيون.
    بشڪريه عوامي اواز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو