نمائش ۾ موجود ماڻهوءَ جي ڪٿا نصير مرزا جنم اسٽار، ڪينسر آهي مُنهنجو. اِن حساب سان آئون هڪڙو Humble ماڻهو... پراڻين شين سان چنبڙي رهڻ وارو جيوَ ــ غالباً 1973ع ۾ ادل سومري مون کي پهريون خط لکيو هو. الحمدالله، ان جو لفافو، موصوف وٽ اڄ به محفوظ... 1979ع ۾، شيخ اياز، جنهن قلم سان آٽوگراف ڏنو، اُهو قلم به، يا محرم الحرام ۾ محفلِ حسيني جي دروازي وٽ، ڳوڙها اُگهڻ لاءِ خيرالنساءِ جعفري کان ورتل ٽِشو پيپر... ٽيهه ورهيه اڳ دوستيءَ ۾، مون سان involve ٿيندي، سائين نثار حسينيءَ جا رومينٽڪ ۽ ناراضگين ڀريا خط... ڪيترن ئي دوستن جون گِفٽ طور ڏنل key chains، قريباً ارڙهن ورهيه اڳ دردانه سان گڏ ڪيل پهرين سفر جون ٽڪيٽس... امان جون هيئر ڪِلپس... يونيورسٽي واري زماني ۾ ڪن محبوبائن جي ڪُلهن تان کنيل وار، ۽ ان کان سواءِ لاتعداد وغيره وغيره ٻيون به ڪيئي نادر و ناياب شيون..... ۽ اِهي سڀ.... منهنجي ذاتي ڪٻٽ جي خاني ۾، اڄ به حفاظت ۽ سليقي سان موجود... ۽ جنهن ڏينهن موڊ ٿيندو آهي، خانو کولي.. ويٺو ڏسندو آهيان اُنهن کي، ۽ ڪنهن ڪم سانگي گهر ۽ شهر کان ٻاهر ويندو آهيان ۽ ڪجهه ڏينهن اُتي رهي واپس موٽندو آهيان، ته موٽي، سڀ کان پهرين انهن ئي شين کي ڏسندو آهيان. سوچيندو آهيان. ڪنهن ڏينهن اِهي جي هيٺ مٿي ٿي... يا گم ٿي ويون، ته، ڀائيندس ڄڻ آئون ئي جهڙوڪر: هيٺ مٿي ٿي، گم ٿي ويس هن ڪائنات مان! ۽ ڄاڻي وٺو، ته خود پسند ته، خير آئون قطعي به ڪونه آهيان. ها پر ايترو ضرور آهيان، ۽ جڏهن جڏهن به سفر ۾ هوندو آهيان، ته ڪنهن به ٻئي شاعر جون نه، صرف پنهنجون ئي هي سٽون پيو جهُونگاريندو ۽ ڳائيندو آهيان: هوا وانگي منهنجو ڪو گهر ڪونهي ڪو درَ ڪونهي، خوشبوءَ جي سنگ سنگ رولاڪ بادل جيان بنَ بنَ ۾ ڀٽڪان پيو توکي ڳوليان پيو. Home sick، ته سنڌ ۾ شايد ئي ڪو ماڻهو مون کان وڌيڪ هوندو! چوندو آهيان، نصير، حيدرآباد کان ٻاهر، معنيٰ مڇي پاڻيءَ کان ٻاهر. 2001ع کان اڳ، منهنجو ’ماءُ‘ ۾ ’ساهه‘ هوندو هو. اِن ڪري ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ دل ئي ڪونه چوندي هئي.. ماءُ، بي ساهه ٿي وئي، ته هاڻي، هُن جي قبر ۾ منهنجو ساهه آهي. ڄمار 52 ورهيه آهي هن وقت منهنجي. ظاهر آهي باقي زندگيءَ ۾، ڪي گهڻا سال پويان ڪونه هوندا. ۽ ايتري وڏي ڄمار ۾ به ڪنهن ٻئي شهر ڏانهن ٽرانسفر جو آرڊر نڪرندو آهي ته، منهنجو مُنهن ۽ سڄو سرير، ڄڻ اُونڌِي کٽ وانگر ٿي ويندو آهي. ۽ ان کان پوءِ ماءُ جي قبر، قدم گاهه مـﺂليٰ علي ۽ حيدر چوڪ کان دوريءَ جو تصور ايندي ئي، پنهنجي اندر ۾ شام غريبان جي مجلس پڙهڻ شروع ڪري ڏيندو آهيان، ۽ لڙڪن بنان منهنجي روئڻ جو سلسلو هوندو آهي جو بند ٿيڻ جو نالو ئي ناهي وٺندو. ۽ هتي By the way، ايترو به باخبر ٿيو ته، اُهو هڪڙي شاندار گهر جي، منگهه وارو ڪمرو هو جنهن ۾، ويهين جولاءِ 1955ع تي صبح جو چئين وڳي مون پنهنجي هئڻ جي صدا بلند ڪئي هئي. ڇا مون کي اِن ئي گهر ۾ پيدا ٿيڻ گهرجي ها؟ ۽ ان بابت مون اڳي به ڪٿي لکيو هو: ها! آئون ٻ ئي جنم ۾ به، اهڙي ئي ڪنهن منگهه واري گهرَ ــ ڪمري ۾، ۽ ان ئي ساڳئي ماءُ شريفان ناصر علي مرزا جي گرڀ مان ۽ اتي ئي ٽنڊي ٺوڙهي قليچ آباد ۾ پيدا ٿيڻ پسند ڪندس ۽ ٻئي ڪنهن هنڌ: قطعي نه! ۽ 18هن ورهين جي ڄمار ۾، 1973 ڌاري، منهنجي اندر ۾ شاعريءَ، پهريون ڀيرو آرس موڙيو هئو، ۽ اُها سياري جي هڪ سرد رات هئي، آئون پنهنجي هڪڙي ڪزن سان پيار ۾ شدت سان جڪڙجي چڪو هوس ۽ نئين نئين بلوغت ۽ پيار جي لذت جي سرشاري ۾ رومينٽڪ شاعريءَ ڪرڻ کان اڳي، مون کي ياد آهي مون، پنهنجي بيوه ٿي ويل ماءُ جي بي وسيءَ تي، ڊائري کي مخاطب ٿي، اُن ۾ پهريان پهريان هي شعر درج ڪيو هو: سُک جو ساهه نٿو سنبران، دوستَ! ماءُ جنهن ڏينهن کان بيوه ٿي آ. ۽ هاڻي هي سٽون پڙهو: ڪنهن موڪل واري ڏينهن رڪشا منجهه چڙهي سارو پنهنجو شهر ڏسان پاڻ سان مان اهڙي خواهش کنيو پيو ته گهُمان سالن کان! ۽ منهنجي اِها ڪويتا، 1979 ۾ ان وقت ’سنڌ نيوز‘ اخبار جي ادبي صفحي ۾ شايع ٿي هئي، جنهن وقت آئون سنڌ يونيورسٽيءَ جي صحافت واري شعبي ۾ پڙهندو هوس. ڪويتا پڙهي، منهنجي ڪلاس فيلو، مِس خاور مهدي شاهه جيلاني، ڪاريڊار ۾ ان ڏينهن سرگوشيءَ ۾ چيو هو: اسان وٽ هڪ رڪشا آهي جيڪا ڀاڙي تي سڄو ڏينهن پئي ڊوڙي.ڪنهن موڪل واري ڏينهن ئي ڇو!؟ جنهن وقت تنهنجي دل چاهي، رڪشا ــ هيرآباد مان اچي کڻ ۽ هيٺالي کان هل ٽاپ تائين.. پيو گهم.. پيو ڦيرا ڏي. ها! بس... (کِلندي چيائين) ٿورو احتياط، رڪشا جو ڊرائيور ”شيدي“ اٿئي!! ’نه‘ ــ هتي آئون پنهنجي ڪنهن به ’شيديءَ‘ جو ذڪر نه ڪندس، ۽ ڪندس ته هڪ غير شيديءَ ۽ معصوم صفت انسان جو ــ پيشو سندس سينيٽري انسپيڪٽر، ذات؟ مغل! ۽ ٽنڊي ٺوڙي ۽ ڦليليءَ جي صفائي جي نگراني، هُن جي ئي ذمي هوندي هئي. آئون ماڻڪ ڀٽي هاءِ اسڪول ۾ نائنٿ ۾ اسٽوڊنٽ هوس ۽ روزانه صبح جو پنڌ اسڪول ويندي، رستي ۾ هُو گُلاب جو تازو ٽِڙيل گل، مون کي ڏيڻ ڪڏهن به ڪونه وساريندو هو. ۽ ڪي ڏينهن مسلسل هُو مون کي نظر نه آيو ته، ڪنهن کان پڇيم: هاڻي هو ڪٿي آهي!؟ ڪيڏانهن هليوويو. جواب مليو، جيڏانهن آخرڪار... سڀني کي هليو ئي وڃڻو آهي. تڏهن ٿوري دير لاءِ دُکي ٿي اُتي بيٺي بيٺي، ۽ هن جي قبر کي تصور ۾ آڻي، هُن وٽان مليل اُهي سڀ گلاب جا کڙيل گل، مون سندس قبر کي ارپي ڇڏيا هئا. ۽ هي ڀلا ادبي دوستن مان مون کي ڪير ڪيترو، ۽ آئون ڪنهن کي ۽ ڪيترو ڪيترو ويجهو رهيو آهيان. ته انهن مان طارق عالم ته مون کي ماءُ جي ساهن جيترو ئي ويجهو رهيو آهي، ۽ هي ٻيا جيڪي ٿوري ٿوري فاصلي تي مون کي ويجهو رهيا، اُهي آهن... ادل سومرو، رميش ڪمار رامناڻي، عرفان علي انصاري، آغا سعيد، ماجد صديقي ۽ جن منهنجو ڏاڍو احترام ڪيو: نورالهديٰ شاهه، اياز گل، مختيار ملڪ، زيب سنڌي، اسحاق سميجو، گل ڪونڌر، عابد مظهر، نفيس احمد شيخ ۽ منهنجا ننڍڙا پيارا (ٻچن وانگر) شهر يار شيخ، احمد سولنگي، ذوالفقار هاليپوٽو، غلام محمد ميمڻ ميجر ۽ کانئن پوءِ، موهن مدهوش ۽ فقير محمد ڍول... (مـﺂلا عليءَ فرمايو، پاڻ کي شاهوڪار سمجهه، جو ايترا تنهنجا دوست ساٿي آهن نصير) پر پوءِ به...اڪثر ڀاسندو اٿم... ڪنهن سڪل ٽاريءَ مثل آهيان مان ... يا جهڙو ڪرَ ڇڻيل پن... ٻاونجاهه ورهيه آهي هن وقت ڄمار منهنجي ۽ لڳندو اٿم، نهايت ئي جلد سڪل ٽاريءَ مثل ٿي ويندس آئون!... ۽ زندگي ڪنهن ڊيڄاريندڙ خواب يا ڪنهن لاوارث ستاري وانگر ٿي ويندي منهنجي. چون ٿا، پڇاڙڪن پهرن ۾، ماڻهوءَ کي ماضي، ــ ماضيءَ جون ساروڻيون، منظر، گهٽيون ۽ محبوبائون شدت سان ياد اچڻ لڳنديون آهن. ۽ هاڻي جڏهن منهنجيءَ ريٽائرمنٽ ۾ باقي اٺ سال وڃي پويان رهيا آهن، تڏهن، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو ويٺو آهيان، ڪٿي هونديون منهنجو اُهي سڀ محبوبائون ۽ الائي هاڻي ڪهڙيون ٿي ويون هونديون، جن منجهان ڪنهن کي آئون پنهنجي لاءِ سمجهندو هوس، راڌا، ڪنهن کي شڪنتلا ته ڪنهن کي وري سيتا ۽ ساوتري! ۽ جيئن جيئن عمر وڌي پئي منهنجي، اڪيلو ڪيڏانهن وڃڻ، رهڻ، بس يا ريل ۾ ڊگهي سفر ڪرڻ کان ته، ساهه ويندو آهي منهنجو. ۽ ائين ڪڏهن رهڻ يا سفر ڪرڻ جو موقعو ملندو اٿم ته، ماڻهو، يادون ۽ غم گولين جيان دل ۽ دماغ تي حمله آور ٿيڻ شروع ٿي ويندا اٿم. مزاجن ڇاڪاڻ ته ڪنهن اڄاتل خوف ۾ ورتل ماڻهو آهيان، ان ڪري ڏينهن به ڏينهن، هيءَ دنيا مون کي رهڻ جي لائق جڳهه اصل ئي ناهي لڳندي، ۽ هونئن ته لکن ماڻهن جي پُرهجوم ميڙ ۾ بيهي ڪمپيئرنگ ڪندي مون کي نروس نيس يا خوف جو احساس بلڪل ئي ناهي ٿيندو، پر الائي ڇو ڪوئي پيار وارو ’چڙهت‘ ڪري مٿان جي اچي ڪڙڪندو اٿم، ته منهنجو جسم پپر جي پن وانگر ٿڙڪڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. هيءَ دنيا... سچ ٿو ٻڌايانوَ، ته منهنجي لاءِ هڪڙي مشڪل دنيا آهي: So difficult. ۽ سڀ ڄاڻن ٿا آئون هڪڙو innocent ماڻهو آهيان. ڌيرج سان مٺو مٺو ڳالهائڻ وارو. هر انسان جي عزتِ نفس جو احترام ڪرڻ وارو ۽ اندران اندران هڪڙو بلڪل صوفي صفت ۽ ڀڳت ٽائپ انسان، جنهن کي دنيا جون پيچيدگيون اصل ئي سمجهه ۾ نه اينديون آهن. منهنجي سڀاوَ جا اهي سڀ، ڇا گُڻ يا اوگڻ؟ ۽ اِهو ڪيئن چوان؟ ها! هڪڙي ٻي شڪايت ضرور آهي مون کي پنهنجو پاڻ سان. ۽ اُها، هيءَ ته هيڏانهن زمانو شديد تيز رفتار ۽ مان بلڪل سست رفتار... هڪ DVD تي ســﺂ فلمون، CD ۾ هزارين گانا، رموٽ تي سويل چئنل، Chip ۾ پورو ڪتاب. اووِن ۾ کاڌو منٽ ۾ گرم، بجليءَ جي ڀٽيءَ تي لاش رکو ۽ ڀَپُ! ۽ منهنجي لاءِ اِهو سڀ، ڄڻ حيرت جهڙيون ڳالهيون آهن. نه بابا ــ آئون واقعي به هن زماني جو ماڻهو ئي ڪونه آهيان ۽ ڄڻ ڪنهن اڳوڻي يُگ مان ڀٽڪي، بچي، هن زماني ۾ پهچي ويو آهيان. ۽ ڪڏهن ڪڏهن لڳندو اٿم، دؤرِ دقيانوس جو ماڻهو آهيان. ۽ ڪڏهن وري ڀائيندو آهيان، مياڻي ۽ دُٻي واري جنگ جو ڪو زخمي سپاهي آهيان،۽ ڪڏهن لڳندو اٿم، ڪُوفي واري مسجد ۾ علي سائين کي ضربت وقت، نمازين جي قطار ۾ آئون به اُتي موجود هوس. ۽ مـﺂلا جي مداح هجڻ جي ناتي، سزا طور مون کي هيڏانهن قيدي بنائي موڪليو ويو هو، (۽ ڪنهن ڪنهن رات يقين ڪريو خواب ۾ ڏسندو آهيان، ته ڀٽائيءَ جي بارگاهه ۾ بيٺو آهيان ۽ ٻاڏايان بيٺو ته ڪوئي آهي؟ ديارِ غير جي هن غريب مسافر کي، ڀاڙو ۽ زادِ راهه فراهم ڪري، جيئن هُو مديني، نجف، ڪوفي، شام يا ڪربلا ڏانهن موٽي واپس هليو وڃي). ۽ جيئن ٻين سڀني جي پيرن هيٺان آهي ــ ظاهر آهي، خدا جي اُن سموري مخلوق وانگر، منهنجي پيرن هيٺان به اُهائي ساڳئي وسيع ڌرتي آهي ۽ اکين آڏو وشال ڪائنات، ۽ مٿي مٿان ستارن جڙيل آسمان. پر هيءَ منهنجي حياتي!؟ ۽ بس ان جو عرصو، هر ساههَ وانگر منهنجي لاءِ به ظاهر آهي ته محدود ئي هوندو. عظيم المرتبت هستيون، رسالت ماب، علي سائين، ڀٽائي صاحب، صرف 63 ورهيه دنيا ۾ حيات رهيا. قليچ، سانگي، اياز ۽ انهن به بس چوهتر پنجهتر ورهين جي ئي ڄمار ماڻي. ظاهر آهي، سڀني عظيم يا عام ماڻهن وانگر مون وٽ به حياتي جو محدود ۽ مقرر وقت آهي. ۽ ڇا ان حياتي دؤران، مون اُهو ڪجهه ماڻيو آهي!؟ جيڪي مون چاهيو! ظاهر آهي ته: ’نه‘! امان چاهيو ته ڊاڪٽر ٿيان. نه ٿي سگهيس. چاهيم ته: صفيه سان منهنجي شادي ٿئي. اُها نصيب ۾ ڪانه هئي. سنڌ جو ’اعليٰ‘ قلمڪار سڏجان، ۽ خواب اِهو به اڃا پورو نه ٿيو اٿم. ها بس صرف ان معاملي ۾ گڊلڪ منهنجي صرف ايتري... ته جيڪي ڪتاب مون پڙهڻ چاهيا، اُهي ضرور پڙهي چڪو آهيان، ۽ اردوءَ سنڌيءَ جا جيڪي ليکڪ شاعر مون کي پسند آهن، انهن جو لڳ ڀڳ سمورو ورڪ مون وٽ محفوظ آهي. علي سائين جو ڪتاب ’نهج البلاغه‘، ’ديوانِ علي‘، ڪليات ثابت علي شاهه، شاهه جو رسالو، ديوانِ قليچ، ديوان سانگي، مير انيس جو بياض، شيخ اياز، نارائڻ شيام، ميرا جي، انتظام حسين، ۽ قرةالعين حيدر جا سمورا ڪتاب... ۽ انهن مان شيخ اياز صاحب کي ته مون ذاتي طرح سان، نه فقط روبرو ڏٺو، پر بي پناهه پسند به ڪيو ــ ۽ چاهيو به! ۽ ان جي ايترو ته ويجهو ويس، جو کيس سدائين ڀاڪرن ۾ ڀريم، سندس هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ دير تائين پڪڙي رکيم. ۽ سندس قميص جو دامن کڻي، الائي ڪيترا ڀيرا اکين تي رکيم (۽ هُو سڀ منهنجون اِهي ٻاراڻيون حرڪتون ڏسي، ٻارن وانگر خوش ٿيندو رهندو هو) ۽ دنيا ڏٺو ته، لحد ۾ به مون ئي ڏڪندڙ هٿن سان، ڀٽ شاهه جي ڌرتيءَ تي هن کي ليٽايو هو، ۽ سندس لحد مٿان چيڪي مٽيءَ جي سِرن سان ’کڙڳ‘ تيار ٿيڻ جي مرحلي ۾، اُهو به، آئون ئي آخري انسان هوس، جنهن هن جي معصوم ساروپن تي پوئين نگاهه وڌي هئي. ۽ ڪئي سال اڳ هڪ رات جو پُراڻي سکر ۾، جنات چوڪ لڳ، شيخ اياز جي ٻه ماڙ گهر تي به مڙي مون ائين ئي نگاهه وڌي هئي ــ جيئن کيس لحد ۾ ڏٺو هوم. آخري ڀيرو. ۽ عظيم شاعر شيخ اياز جو اُهو گهر، ڇا هاڻي شيخ اياز جو رهيو آهي؟ ــ نه! ۽ ڪيڏا نه تهذيب يافته آهن يورپ، انگلستان ۽ روس جا ماڻهو، جن پنهنجن اديبن شاعرن جي گهرن کي بعد وفات محفوظ ڪري، اُن ۾ سندن نوادرات رکي، انهن کي عجائب گهرن جو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي. ۽ هيڏانهن اسان، اهڙي ڪنهن به شاندار روايت جو بنياد اڄ تائين نه رکي سگهيا آهيون سنڌ ۾. شيخ اياز جو گهر، مرزا قليچ جي حويلي، تنوير عباسي وارو ’سرمد جو گهر‘، استاد بخاري، حيدر بخش جتوئي ۽ عبدالڪريم گدائي ۽ مولانا گرامي جا گهر ۽ سڀ صفحه هستيءَ تان گم ٿي رهيا آهن ۽ اسان کي انهن جو اڃا ڪوبه احساس ٿيئي ڪونه پيو. ۽ آگاهه رهو ته، دنيا جي شهرن منجهان، پسنديده شهر منهنجو آهي: صرف حيدرآباد! توڻي جو اُن جي گهٽين ۾ خوب خوب آواره گردي مون ڪئي آهي. ان جا پراسرار ڪنڊون پاسا ۽ پاڙا مون چڱائي، پنڌ ئي پنڌ گهمي ڏٺا آهن ۽ چُڪلي کان چاوڙي ٿاڻي تائين، هيٺالي کان ڀوچالي شاهه جي چاڙهيءَ تائين. ٽنڊي ولي محمد ۾ شيدين واري گهٽيءَ کان وٺي، اَڪال ڀونگا لائين تائين (۽ هي شهر اندرو اندر ايترو ته پکڙيل آهي ۽ ايترو ته وسيع ۽ پُرپيچ آهي جو ڀانئيان ٿو ته گهڻو ڪجهه اُن جو ته، آئون ڏسڻ کان سواءِ ئي شايد دينا مان ڪُوچ ڪري ويندس). ها، اُن جا قبرستان ۽ ڪتابن جا (نوان پراڻا) دڪان، البته مون پُوري تفصيل سان ضرور ڏٺا آهن. ۽ انهن ۾ سڀ کان وڏو ته، ٽنڊي يوسف جو بي ڪنار قبرستان... جتي ڪنهن قبر ۾ منهنجو دوست ماٺيڻو اوٺو ابدي آرامي آهي ته ڪنهن قبر ۾ منهنجا دل گهُريا يار، فيروز گل ۽ منور حسين طبله نواز، ٽنڊو آغا علي آباد جي قبرستان ۾ ممتاز مرزا ۽ اُن جي ڀرسان ٽنڊي طيب واري اُجاڙ گورستان ۾ طارق اشرف صاحب جي اڪيلي اداس لحد ۽ بلند شاهه ٽنڊي ٺوڙي ۾ قليچ صاحب، مرزا نادر بيگ، علي قلي مرزا، شيرينَ فيروز نانا ۽ امان شريفان ناصر عليءَ جون قبرون... ۽ ڪينٽ واري قبرستان ۾، سدائين لاءِ“ لاپته ٿي ويل حفيظ شيخ جي تربت، بابن شاهه واري قبرستان ۾ ع.ق.شيخ ۽ عظيم گيت ڪار شاعر، نياز همايونيءَ جي ڪچي بُٺَ.... ۽ انهن قديم ۽ يادگار قبرستانن وانگر منهنجي شهر ۾ ڪتابن جا ــ جي ها: ادبي ڪتابن جا به ڪيڏا نه shops هوندا هئا، زبردست، زبردست، ۽ صدر ۾ پريميئر ۽ آزاد بوڪ ڊپو. جنهن جو بوڪ سيلر، زيب ادبي مرڪز واري احمد شيخ (اعليٰ بائنڊر ۽ پبلشر پڻ) جو عزيز هو ۽ مٿي تي اڇا گهاٽا وار (صفا سبطِ حسن صاحب جهڙو لڳندو هو) اڇا ڀِروُن... ۽ دڪان تي پير رکڻ سان، پنهنجي ڪرسي ڇڏي، شيلفن مان ڪتاب ڪڍي ڪڍي، هر ڪتاب وٺندڙ کي ائين ڏيکارڻ لڳندو هو، ڄڻ ڪوه نور جو هيرو پيو کيس ڏيکاري. (عيني آپا جا گهڻا ڪتاب مون ان ئي دڪان تان خريد ڪيا هئا). اڪثر چوندو هو: ’عيني ميري عزيزه هي!‘ ۽ هي فوجداري روڊ تي، عوامي ڪتاب گهر (جنهن جي آس پاس ڪنهن وقت هيرو ٺڪر صاحب رهندو هو ۽ دڪان جي بلڪل سامهون واري گهٽيءَ ۾ دردانه جو گهر ۽ ننڍي هوندي ڪئي ڀيرا مون هن کي اسڪول ڊريس ۾ سينٽ ميري اسڪول ڏانهن ويندي ڏٺو هو ۽ هڪ گهڙيءَ لاءِ به ڪونه سوچيو هو ته اِها ئي پياري خوبصورت ڇوڪري، اڳتي هلي مون منجهان ٻار ڄڻيندي). روسي ادب جا شاهڪار ناول ۽ ٻيا روسي ادب جا ڪتاب مون اِن ئي دڪان تان خريد ڪيا هئا: ناول ’ماءُ‘، ’چراغ جلتا رها‘، ظلمتون ڪي ماري لوگ، جميله، ميرا داغستان، ڪليات پُشڪن، ٽالسٽاءِ ڪا بچپن ۽ تلڪ چاڙهي تي ادا سليم قريشي جو شاندار ڪتاب گهر: ’ادبيات‘. جتي شاندار شيلفن ۾ ڇا ته ادبي ڪتابن جي ڪليڪشن هر وقت موجود هوندي هئي. (۽ ياالله! هاڻي ته هن شهر ۾، ادبيات جهڙو ڪوبه ته بوڪ شاپ موجود ناهي). ها، رابعه اسڪوائر گاڏي کاتي ۾ فڪشن هائوس وارن جو دڪان ۽ اُن ئي بلڊنگ ۾ دوست ناز سنائي جو ’سنڌي ساهت گهر‘، ۽ ان جي سامهون گهٽيءَ ۾ روشني پبليڪيشن وارن جو ’لطيف ڪتاب گهر‘، ۽ ان جي opposite ’سنڌيڪا‘ اداري جو نئون ڪتاب گهر ۽ گاڏي کاتي ۾ حيدر چوڪ لڳ ’ربي چيمبر‘ ۾ اسان جي من موهن دوست، موهن مدهوش جو ادارو: اِنٽيل ڪميونيڪيشنز، جتان ’ڪويتا پبليڪيشن‘ جا ڪتاب شايع ٿيندا آهن. يا تلڪ چاڙهي تي سنڌي ادبي بورڊ جو بوڪ اسٽال ۽ shop. ۽ الاس! جن جن هنڌن تي اِهي سڀ منهنجا من پسند بوڪ شاپس ڪنهن وقت هئا. جن جي شيلفن آڏو ڪلاڪن جا ڪلاڪ آئون وڃي بيهندو ۽ ڪتابن سان ڊائلاگ ڪندو رهندو هوس. اڄ اُتي اتي ڊاڪٽرن جا ڪلينڪس، ڪلاٿ هائوسز، باربر شاپس ۽ فيشن ڊزائينرس جا دڪان کُلي چُڪا آهن. ۽ جن جن سئنيما هائوسز ۾، امان کي ٻڌائڻ بنان ۽ گهران لِڪي ڇپي ميٽني شوز وڃي ٻالڪ پڻ آئون ڏسندو هوس: اُهي اڄ صفحه هستيءَ تان ائين غائب آهن ڄڻ هيون ئي ڪونه اهي سئنيمائون. ۽ هي منهنجو شهر ۽ اُن جا قديم گهرَ، تفريح گاهون، باغ... ۽ هر هنڌ بلڊرس مافيا قابض ٿيندي پئي وڃي ۽ شهر جو ساهه گهٽبو پيو وڃي ۽ اُوچا اُوچا ماڙ ۽ فليٽ، منهنجي شهر کي هر طرف کان گهيريندا پيا وڃن. ۽ هي آئون!! واقعي به سچ پڇو ته هڪڙُ عجيب ماڻهو آهيان. بادشاهن ۽ امير ڪبير ماڻهن جا تاج محل نما محل، اصل ئي ناهن موهيندا مون کي ۽ ڌرتي تي موجود صرف اهڙا، اڀرا سڀرا گهر ئي وڻندا اٿم، جن ۾ ويهي ليکڪن، شاعرن مصورن وڏيون وڏيون تخليقون پي سرجيون ۽ اهڙن گهرن مان ٽنڊي ٺوڙي ۾ مرزا قليچ بيگ جو گهر، علي آباد ٽنڊي آغا ۾، مرثيه نگار شاعر، مرزا ٻُڍل بيگ جي ڳاڙهي ماڙي، جيل روڊ سان محمد ابراهيم جويي صاحب جو گهر، سکر ۾ جناب چوڪ لڳ شيخ اياز جو گهر، غريب آباد دادوءَ ۾ استاد بخاريءَ جو اجهو، کوکر پاڙي حيدرآباد ۾ طارق اشرف جو چُرَ نما، ننڍڙو کوليءَ جهڙو گهر! ۽ انهن سڀني هاڪارن انسانن جي گهر ــ درن اڳيان هاسيڪار آئون وڏي شوق سان وڃي لنگهيو هوندس ۽ انهن کي سلام ڪيو هوندم. ۽ اهڙن گهرن سان چاهت کان سواءِ، شايد باب العلم جي مريد هئڻ جي ناتي، ڪٿي اهڙا ’باب‘ (دروازا) آهن، جن جي ديدار فرحت آشار سان منهنجو روح خوشيءَ سان سرشار ٿي ويندو آهي. قدم گاهه مـﺂلا علي به مکيه دروازو، ٽنڊي جهانيان ۾ سرڪار دادن شاهه جي حويلي جو ٻاهريون شاهي در، ڀٽائي صاحب جي درگاهه ڏانهن وٺي ويندڙ ۽ اتان وٺي ايندڙ رستي وارا، بابِ مصطفيٰ ۽ بابِ مرتضيٰ، ٽنڊي ٺوڙهي ۾، قليچ ڪتب خاني وارو بابِ قليچ، سن ۾ سائين جي ايم سيد جي لائبريري وارو پراسرار دروازو، رني ڪوٽ قلعي جو سن واري پاسي کان هيبت ناڪ شاهي گيٽ، حيدرآباد ۾ پڪي قلعي جو اُجاڙ دروازو... ۽ اِهي سڀ دروازا الائي ڇو مون کي ڏاڍا Haunt ڪندا آهن. ۽ علاوه ازين جنهن multi colour گهراڻي ۾ آئون پيدا ٿيو آهيان ان جا مذهبي ۽ فقهي طور طريقا به ڇا ته نرالا آهن. 15 شعبان، يعني امامِ زمانه جي ولادت واري ڏينهن، فجر وقت، زعفران سان، هڪ ڪاغذ تي اسين سڀ پنهنجون پنهنجون مرادون ۽ التجائون لکندا آهيون ۽ فجر جي نماز بعد، ان خط (عريضيءَ) کي اَٽي جي پيڙي ۾ اندر وجهي، وڃي دريا بُرد ڪري ايندا آهيون ۽ تصور ائين ڪندا آهيون، ته اِها عريضي، امامِ زمانه جي خدمت ۾ ڪنهن مڇيءَ جي معرفت وڃي پهچندي ۽ ضرور ان ۾ لکيل التجا مستجاب ٿيندي، ۽ ائين روز عاشور ذوالجناح حويليءَ ۾ اندر ايندو آهي ته، باسون باسيندڙ خواتين اُن جي ڪن ۾ ڪجهه چئي ڇڏينديون آهن ۽ سمجهنديون ائين آهن، ڄڻ سندن اِها مدعا، امام حسين عليه السلام تائين، ذوالجناح معرفت پهچي ويندي، ۽ ورهاڱي کان اڳ، ناني ٻڌائيندي هئي ته، هُوءَ شاهي بازار ۾ اندر هڪ گهٽيءَ ۾ سرڪار ڇٽن شاهه سُرخ بخاريءَ جي زيارت لاءِ ويندي هئي، جيڪي ننگ ڌڙنگ مٽيءَ جي دڙي مٿان ويٺا هوندا هئا. هونئن ته چپ چاپ مونن ۾ مُنهن وجهي ويٺا هوندا هئا، پر ڪنهن وقت پاڻ کان پري بيٺل بي پناهه عقيدت مندن جي هجوم کي ڏسي، جنهن وقت بيزار ٿيندا هئا ته انهن کي سروٽا هڻڻ ۽ گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڏيندا هئا. تڏهن گاريون ۽ سروٽا کائيندڙ عقيدت مند ــ بقول نانيءَ جي، ڀائيندا هئا، سندن سرڪار جي گارين عيوض مراد، بس اجهو ڄاڻ ته، پُوري ٿي! ۽ ڪئي سال ٿيا، سنجهوري ۾ آئون پنهنجي دوست رميش ڪمار جي ماڙيءَ واري گهر ۾ ٽڪيل هوس، جو صبح جو ڏٺم، هن جي ماءُ تلسيءَ جي ٻُوٽي کي پاڻي ڏيئي، اُن جي اڳيان اگربتي ٻاري رهي هئي. تڏهن ماڙيءَ تان هيٺ لهي پڇيومانس، هي سڀ ڇا پيا ڪريو، ته، چيائين: تلسيءَ جو ٻُوٽو، لڪشمي ديوي جو اوتار آهي. پوڄا سان مايا ۾ برڪت وجهندو آهي، ۽ ائين ڪراچيءَ ۾ حُسين ڊِي سَلوا بلڊنگ ۾، رميش جي فليٽ تي رهيل هوس جو هڪ صبح جو ڏٺم، اُتي ٽڪيل منهنجو دوست ڊاڪٽر سنتوش ڪامراڻي (برادر ستيه پال، هاڻي نو مسلم سليمان شيخ) گرو نانڪ جي تصوير آڏو اگربتي سان واس ڌوپ ڏيئي رهيو هو. ۽ ڇا اهڙين سڀني ريتن رسمن کي حيرت سان ڏسندڙ پسند ڪندڙ، هي آئون نصير مرزا ڇا ڪوئي مذهبي ماڻهو آهيان!؟ ’نه‘ ــ مختلف مذهبن ۽ فقهن جا colourful aspects الائي ڇو مون کي ڏاڍا موهيندا پيا آهن. محرم ۾ برآمد ٿيندڙ تعزيه ۽ انهن جي جڙاوت... حُسناڪي.. حيدرآباد ۾ يعقوب ڪاسائي واري پڙ جي بلندي ۽ خوبصورتي، روهڙي مان نائين محرم تي برآمد ٿيندڙ ’ڪربلا‘ ۽ اهڙن ايامن ۾، ’شاهي محلي‘ مان جاني شاهه جي مزار ڀرسان برآمد ٿيندڙ جواهر (طوائف) پاران جاري ٿيندڙ تعزيو (۽ ڪنهن وقت ادا وڏو ٻڌائيندو هو، جواهر پاڻ ان تعزيه سان، وارَ کولي ۽ پير اگهاڙا ڪري پوري شهر ۾ جلوس سان گڏ هلندي رهندي هئي. ۽ اوڇنگارون ڏيئي روئيندي رهندي هئي) ۽ کاهي روڊ لڳ، رستي جي ڪناري سان معطر معطر، جواهر جي پڙ جي حسناڪيءَ ۾ به جهڙوڪر منهنجو اڄ به ساهه اٽڪيل هوندو آهي ــ ۽ ’عطريات‘ جو مرڪز، هن وقت ته حيدرآباد ۾ ’صدر‘ ۽ بيليئر ڪلينڪ وٽ آهي، جتي طرحين طرحين جا عطر ۽ انهن جون رنگارنگ شيشون مون کي موهيندڙ آهن. پر اڳي عطر جا اهڙا دڪان رڳو يا ته قدم گاهه مـﺂلا علي واري انجمن اماميه جي بلڊنگ ۾، روڊ واري پاسي کان هوندا هئا، يا سري گهاٽ اڳيان مدينه مسجد جي ديوار سان. ۽ جهونا پراڻا ئي سهي، قديم عطر فروشن جا، اِهي منهنجي ننڍپڻ وارا ڀڳل ٽٽل دڪان، اڄ به موجود آهن ۽ محرم الحرام ۾ سيجن، پينگهن ۽ عَلَم طوقن کي معطر ڪرڻ لاءِ آئون هاڻي به سال به سال اُتان ئي عطر وڃي وٺندو آهيان ۽ اُتي دڪانن تي ويٺل جهونا جهُونا، ڪلاسيڪل مهانڊن وارا ۽ رام پُوري ٽوپيون پائي ويٺل پوڙها عطر فروش ڄڻ الف ليليٰ جي ڪهاڻين مان نڪتل ڪي ڪردار پيا مون کي لڳندا آهن. ۽ ڀلا هي ستارا ــ ستارن جا، وڻ ــ وڻن جا، گُل ــ گلن جا، ۽ پکي ــ پکين جا آخر لڳندا ڇا آهن؟ ۽ انهن جا پاڻ ۾ رشتا ڪهڙا آهن، جو ڀٽائي صاحب انهن جي قرابت کي ڏسي چيو هو: ”ولر ڪيو وتن، پِرت نه ڇنن پاڻ ۾“..... ۽ بس، اديب شاعر ٿيڻ کان پوءِ، رت جي رشتن وارن مائٽن بدران، هاڻي لڳندو اٿم، اهي ليکڪ، شاعر، ڊراما نويس ۽ محقق وغيره ئي ته آهن منهنجا سچا پچا مٽ مائٽ، دوست احباب ــ ۽ سڀ ڪجهه! ۽ هونئن ته آئون قطعي بدلحاظ ڪونه آهيان، ۽ باوجود اُن جي ــ جو خبر به اٿم، ته سينيئر، هر طرح سان واجب الاحترام هوندا آهن، آئون تڏهن به وڏي شاعر شمشير الحيدريءَ کي صرف ’شمشير‘ چئي مخاطب ٿيندو آهيان، امداد حسينيءَ کي: ’امداد‘... علي بابا کي: ’علي‘، عبدالقادر جوڻيجي کي: ’قادر‘... شوڪت حسين شوري کي: ’شوڪت‘... ۽ هڪ جيڏن مان ادل سومري کي پيار ۾ ’ادلا‘... طارق علي کي: ’تارا‘... اياز گل کي: ’گل‘، ذوالفقار سيال کي ’زلف‘، مختيار ملڪ کي: ’مخي‘ ۽ تاج جويي کي: ’تاجُو‘...’تاجو‘ پيو سڏيندو آهيان. ۽ کين ائين پيار ۾ مخاطب ٿيندي ٿيندي زبان ٿڪبي ئي ناهي ڪڏهن منهنجي! ۽ ڀلا هيءَ زندگي ڇا آهي منهنجي نظر ۾!؟ هڪ واهيات تماشو. قطار در قطار هڪ ٻئي پويان بيٺل ماڻهن جو سلسلو. ۽ فضول آئوٽ ــ بيڪ! ۽ دنيا!؟ ۽ اها ته هڪ مسلسل اذيت خانو... آهي منهنجي نظر ۾. شايد عيني آپا جي ڪنهن ناول ۾ پڙهيو هوم. سندس ڪردار ڪنهن هاريءَ کان پڇو پئي، هي ڇا پيا پوکيو؟ وراڻيائين: سُک! ۽ پوءِ موٽ ۾ لڻون ڇا؟ چيائين: رڳو بک.. رڳو ڏک! ڇا ڪنهن به عظيم ليکڪ جي تحرير ۽ مشهور شاعر جي شعر سان، ماڻهن جي بک دور ۽ دک ختم ٿي سگهيا آهن اڄ تائين دنيا مان؟ ــ ۽ آئون نٿو ڀانيائن. ۽ ڪيئي ورهيه اڳ روسي ليکڪن جي ناولن کي پڙهندي لڳندو هوم، ادب! واقعي بک ڏُک ڏُور ڪري سگهي ٿو. ڪايا پلٽي ٿو سگهي سماج جي. پر جڏهن مون اکيون کوليون ادب ۾، ته ڏٺم، روسي ادب جا پوئلڳ، ڇا اردو ترقيءَ پسند ۽ ڇا سنڌي روشن خيال ليکڪ اپرچُونسٽ ئي نظر آيا مون کي. سماج اوڙاهه جي تري ۾ وڃي پوي، ته ڀلي وڃي پوي. بس هنن کي ڇا به ٿِي پوي، ڪهڙي به آمر جابر جي حڪومت هجي، انعام اڪرام ايوارڊ، تمغه، عهدا، ادبي ادارن جي ميمبرشپ!! هر حال ۾ گهُرجي ئي گهرجي. ۽ اهڙن مثالن سان اڄ به جائزو وٺو، سنڌي ادب جو هر دؤر ڀريو پيو آهي. ۽ ادبي دنيا جي اهڙي سيناريو ۾ هي ڀلا ’آئون‘، ڇا شئي!؟ ته يقين ڪريو، نه شرابي، نه ڪبابي ۽ نه انقلابي. ها، جمهور پسند يا آمِر سرڪار جو ملازم ضرور آهيان. پر غلام قطعي نه، ۽ هر حالت ۾ رهندو پيو اچان وطن پرست ۽ علي پرست پڻ. جي.ايم.سيد منهنجو رهبر، شيخ اياز منهنجو هيرو، نارائڻ شيام منهنجو آئيڊيل، ۽ هي امداد حسيني ۽ شيام جئسنگهاڻي ته منهنجي لاءِ ڄڻ هميشه ادبي اتساهه جو سبب رهندا پيا اچن. ۽ آگاهه رهو ته زنديءَ ۾ ڪڏهن مون ڪنهن سان به حسد ناهي ڪيو. ۽ معروف همعصرن ۽ هڪ جيڏن، طارق عالم، ادل سومري ۽ اياز گل جي ادبي شهرت ته مون کي دل و جان سان وڻندي آهي ۽ مون کي فخر آهي ته ڪنهن به ليکڪ شاعر سان، منهنجي ڪڏهن به، ۽ ڪائي به ادبي رقابت يا جيليسي ڪڏهن رهي ئي ڪانهي، ها، انهن همعصرن جي شهرت ڏسي مايوسي البته ضرور ٿيندي اٿم ۽ اڪثر پاڻ کي ٽوڪيندي چوندو پيو آهيان: ’انهن وانگر اوچاين تائين اڏامڻ جي، سگهه جي نٿو ساري سگهين ميان نصير! ته قلم رکي ڇڏ نه بابا ــ وقت ضايع نه ڪر پڙهندڙن جو ۽ بس رڳو ٻين جو لکيل ادب ويٺو پڙهه ۽ پينگهي ۾ لُڏ ۽ ٽائيم پاس پيو ڪر پنهنجو! ۽ ڇڏ هي بابا ’لکڻ ــ ڪرڻ‘ ۽ ڀڄي جانُ ڇڏائي. جاني ـــ جائو ڪر بابا جائو!! http://www.youtube.com/watch?v=CLwEImRzsMs http://www.youtube.com/watch?v=uUhStHn6szw&feature=related بشڪريه سارنگا