دوستو سلام
ٻه راتيون اڳ پنهنجي ڪنهن ذاتي ڪم سان ڪمپيوٽر تي ويٺو هئس ۽ فيس بوڪ تي سائين نثار ناز ٻڌايو ته هن هڪ وائي اپلوڊ ڪئي آهي اها ڏسان ۽ ٻڌان۔ مان ان وقت ته ڏسي ۽ واه واه ڪري ڇڏي شايد مصروفيت ڪري مان توجه ئي نه ڏنو۔
ٻئي ڏينهن صبح جو ٻيهر جڏهن مون اها وائي ٻڌي ۽ ايڏو ته وڻي جو مان ٻيهر ٻڌي۔ هن خوبصورت وائي تي لکڻ لاء ويٺس ته لفظ ئي نه ٺهن۔ مان سوچي رهيو هئس ته ڪٿي نثار ناز جي هي بهترين تخليق ۽ ڪٿي اسان اڻڄاڻن جو ڪورو قلم۔
مون ڪاليج جي دور ۾ وليم ورڊس ورٿ کي پڙهيو هو ته Poet of Nature آهي۔ وري جڏهن مون ڊاڪٽر تنوير عباسي کي پڙهيو ته مونکي لڳو ته فطرت جو شاعر ته تنوير آهي پر اڄ جڏهن هي وائي ٻڌم ته لڳو ته نثار ناز به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي۔
تارن جي جِهرمٽ ۾
چوڏهين جِي چانڊاڻ
ساجن منهنجو شرميلو !
ڪنول ٽڙي رابيل
خوشبو آڻيو هاڻ
ساجن منهنجو شرميلو !
شال جيئي سو ناز
محبت جو مهراڻ
ساجن منهنجو شرميلو !
سندس شاعري ۾ فطرت جي سونهن ۽ لفظن جي جوڙجڪ هن وائي کي ڪنهن قويءَ جي ڪَويتا بڻائي ڇڏيو آهي۔ سندس شاعري ۾چنڊ ۽ چانڊوڪي، تارا ۽ انهن جي جهرمٽ، گل ۽ گلن جي سرهاڻ ،خوشبو ۽ هڳا موجود آهي۔ پر سڀ کان وڌيڪ پنهنجي محبوب جي تعريف ۽ سندس صفتن جو بيان۔
جيتوڻيڪ ڳائڻ واري هي وائي بغير سازن جي ڳائي آهي پر خوبصورت شاعري جي ڪري وري به دل بار بار ٻڌڻ ٿي چاهي۔ منهنجي دعا آهي ته سنڌ جو هي سريلو شاعر هميشه آباد رهي۔ دعا آهي ته سنڌ سلامت جو فورم ايتري ترقي ڪري جو اسان پنهنجو اسٽوڊيو ٺاهي رڪارڊنگ به ڪري سگهون ۽ سنڌ سلامت جو تعارف ڪنهن جو محتاج نه رهي۔
http://www.youtube.com/watch?v=Sy-nyAAlIAs