شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موضوعن ۽ صِنفن جي گُوناگونيت ريٽا شهاڻي شيخ اياز نه صرف سنڌ جو بلڪ سموري ننڍي کنڊ جو ويهين صديءَ جو وڏي ۾ وڏو ۽ اهم ترين شاعر آهي. هڪ اهڙو شاعر جنهن جو ڪلام لوڪن جي زبان تي صدين تائين رهندو ۽ سندن دلين کي ڌڏائيندو رهندو. هو پاڻ آتم ــ وشواس سان پنهنجي شاعريءَ بابت چوي ٿو: روهيراڙي رات، سامهون چنڊ چٽاءَ ۾، مون کان پوءِ به مهڪندي، موت نه ڪندو مات، جيئن منهنجي ڏات، مون کان پوءِ به ڏيهه ۾. هو نه رڳو هڪ برجستو شاعر هو مگر نثر تي به هن جي سگهاري ۽ مضبوط گرفت هئي. اهڙو نثر جنهن ۾ ڪويتا جي سرهاڻ ۽ موسيقي آهي. تنهن کانسواءِ هڪ عالم، اڀياسي، مُفڪر، ذهين، سنسار ڀر جي سياست کان بخوبي واقف، دنيا جي ادب کان باخبر، فلاسافي ۽ اتهاس جو ڄاڻو، سجاڳ اديب، حساس شاعر، پنهنجي جنم ڀومي سنڌڙيءَ کي جِندڙيءَ کان به وڌيڪ پيار ڪرڻ وارو، پنهنجي قوم ۽ ديش سان وفاداري نڀائڻ وارو، قربانيون ڪرڻ وارو، جيل جون ڀوڳنائون ڀوڳڻ وارو، انقلابي اديب هو. هو حيرت انگيز تخليقي قوتن جو مالڪ هو. هو ڀٽ ڌڻي، شاهه عبداللطيف جو شيدائي هو،. جنهن کي هن پنهنجو مُرشد مڃيو هو. شاهه سائينءَ سان هن بيپناهه محبت ڪئي هئي ۽ ان محبت ۽ عقيدت جو هن وقت بوقت اظهار پڻ ڪيو هو. ڀرسان تنهنجي ڀٽ ڌڻي، جهلي بيٺس جهول، ڏنئه ٻه ٽي ٻول، سخي منهنجي ساهه کي. يـــا ڪجهه شاهه ڏني، ڪجهه شيخ ڏني، هِن سنڌڙيءَ کي صورت لوڪو.- تون جي ايندين رات، الا او رات ته منهنجي رات امر ٿي ويندي، تون جي ايندين ڍول ته ٻهه ٻهه ٻُرندا ٻول، ته منهنجي بات امر ٿي ويندي. وائي آئي وات الا او وات، ته منهنجي لات امر ٿي ويندي. روحانيت: شاهه ۽ شيخ اياز مذهب جي ٻاهرين ڏيک ۽ ڏيکاءَ کي ڪونه مڃيو. هو روح جي وحدت جا قائل هئا. هنن تصوف کي يعني ويدانت کي مُڪتيءَ جي راهه ٻُڌائي ۽ اهوئي هو عقيدو هنن جو. اياز جي گهڻي ڪلام مان روحانيت جي خوشبو اچي ٿي. تون منهنجو آواز آن، تون جو آدي سُر، هيڏي ساري سانت ۾ آ تنهنجي چُرپُر، هيئن ۾ هُرکُر، سمنڊ ٻُري جيئن ڪوڏ ۾. خالق ۽ سندس خلقيل شاعر ۾ ڪو فرق ڪونه آهي. خلقيندڙ جو آواز آدي سُر آهي ۽ اهو ئي شاعر جو آواز آهي. سموري سرشتيءَ جي شانتيءَ ۾ ايشور جي شڪتي سمايل آهي. جهڙي طرح ڪوڏ ۾ سموري سمنڊ جو آواز سمايل هوندو آهي، اُن طرح ئي ڪويءَ جي ٻاهرين شانت روپ اندر اُٿل پٿل متل آهي. ڪونهي ڪونهي مون چيو، پوءِ به سائين، پيو کڙڪائين، منهنجو در اڌ رات جو. يـــا شايد پري نانهه تون، ويجهو آن پيارا، مون تنهنجا چارا، چوڌاري ڳولهي لڌا. ۽ تون ئي مون ۾ ٿو لکين، اُٿي آڌيءَ رات، مون ۾ تنهنجي ذات، اڄ به آهي باک جئن. ۽ واقعي ڀٽ ڌڻي جي آشيرواد سدائين هن مٿان رهي. شاهه ڀٽائي مِسٽڪ شاعر هو ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ به مسٽسزم آهي. ڀٽائيءَ جو سمورو پيغام روحاني آهي. شاهه پنهنجون سموريون علامتون ۽ سمبل، عوام جي زندگيءَ مان کنيا هئا، پر اڻسڌي نموني. شيخ اياز روحانيت سان گڏ، سياست سان به لاڳاپو رکيو. هن پوليٽيڪل تحريڪن سان پاڻ کي جوڙي رکيو هو، جنهن ڪارڻ هن کي عقوبتن جو مقابلو ڪرڻو پيو هو. قيدخانن ۾ ڏينهن، مهينا ۽ سال گذارڻا پيا هئا. ٻنهين جي جنم ۾ اڍائي سئو سالن جو وقفو آهي. دؤر مختلف هئا، حالتون نراليون هيون. ٻنهي پنهنجن دورن جي حالتن کان متاثر ٿي شاعري ڪئي هئي. بقول شيخ اياز جي، ”شاهه جي شاعري سندس دؤر جي آئينه دار آهي ته منهنجي، منهنجي دؤر جي.“ شيخ اياز نه صرف نظم سان گڏ نثر تي قلم آزمائي ڪئي مگر هن شاعريءَ ۾ به مختلف فارم استعمال ڪيا. بيتن ۽ وائين کي ڇڏي به هن نظم، گيت، غزل، هائيڪو، ٽِه سٽا، آزاد نظم، قطعا، لوڪ گيت به لکيا، پر ڪي نوان فارم به ايجاد ڪيا، جهڙوڪ: چوسٽا ۽ ڏيڍ سِٽا. هن وائين، نظمن ۽ گيتن ۾ پڻ ڪي نيون صنفون ايجاد ڪيون. انهن تي وري، ڪن نون شاعرن طبع آزمائي ڪئي. هُن ’هائيڪو نُما‘ نظم به خوب لکيا. شيخ اياز جا موضوع به گوناگون آهن. انهن ۾ روحانيت ته آهي ئي، پر هن جي نظمن، بيتن، غزلن ۽ وائين ۾ پيار جي جذبات جي مڌر لئه آهي ته تال به آهي. هن جي گيتن ۾ سنڌ لاءِ بيحد پيار ٿو پسجي. هڪ قومي شاعر جي حيثيت ۾ سندس ڪويتا ۾ جذبات جي جوالا آهي ته باغيءَ جي روپ ۾ هن جي شاعريءَ ۾ شعلا ڀڙڪن ٿا. محبتي گيتن ۾ موسيقيءَ جو هڪ مثال پيش ڪريان ٿي: قومي گيت: شيخ اياز جي سوچ جو مرڪز ۽ چنتا جو باعث آهي، سنڌ ــ سندس سنڌ لاءِ شفقت ۽ عقيدت جي ڪا سيما ئي ناهي. سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نوايان، مٽي ماٿي لايان. تنهنجي مِٽيءَ منجهه مِلان جي، آنءُ امرتا پايان، مٽي ماٿي لايان. يـــا اڳ ۾ هيس شاهه، شل مون کي سمجهين سگهين، سنڌڙي تنهنجو ساهه، جرڪيو منهنجي جند ۾. مٿيـون بيت يا ٻيا ڪيترا ئـي ڪلام کيس سنـڌ ۽ ڀٽائـيءَ سـان هم آهنـگ بڻائين ٿا. وري چوريان چنگ، صدا ڪريان سنڌ ۾، ڪونهي اڄ ڪلام ۾، سُرُ جو سِرَ سان سنگ، ڀريان آنءُ امنگ، ڪريان لات لطيف جي. ۽: توکي ڪهڙي ڪَلَ جيءَ اچي نه جهَلَ، مون کان سنڌ نه وسري. پيار: رومانس زندگيءَ جو اهم پهلو آهي. پيار ئي زندگيءَ کي رنگيني بخشي ٿو ۽ اهو اسان کي ججهي ۽ دلڪش انداز ۾ ملي ٿو. چنڊُ چهرو، گلاب جيئن گردن، ڇا چُمي ڇا چُمان، ٻئي آهن. (سورج مکي سانجهه) صنوبر جي سايي ۾ ويهي رهون، چُمي جئن سگهي، چنڊ تنهنجون چڳون، گهڙيءَ لاءِ گناهه محبت ڪيون، نه شايد وري زندگيءَ ۾ مِلون. ۽: هلي آءُ آغوش ۾ نازنين تمنا سدا آهه جنت نشين، محبت گناهگار آ پرين پرين، او پرين، او پرين، او پرين. (ڀونر ڀري آڪاس، ص-134) ظاهر آهي ته هو سونهن جو شيدائي آهي، پرينءَ جي سونهن جو بيان هن ”ڇيڄ“ ذريعي ڪيو آهي. ان ڇيڄ تي نرتيه به ڪري سگهجي ٿو. اڙي چنڊ، اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو ناهه، سندس روپ سندس رنگ، ائين آهه جيئن تون. اڙي رات اڙي رات، پرين تو ته ڏٺو ناهه، سندس وار سندس ونگ، ائين آهه جيئن تون. اڙي ڦول اڙي ڦول، پرين تو ته ڏٺو ناهه، سندس رنگ سندس انگ، ائين آهه جيئن تون. اڙي هير اڙي هير، پرين تو ته ڏٺو ناهه، سندس ساٿ سندس سنگ، ائين آهه جيئن تون. نهايت سِڌا سوَلا لفظ، مگر لفظن جي چونڊ هڪ دِلنواز ترنم پئدا ڪري ٿي. باغي ۽ انقلابي اشعار: هيءَ سِٽ ڪپهه جو بيت نه آ، مون اُن ۾ رُڪ ڀريو آهي. ڌرتيءَ سان وابستگي: اي ڌرتي ڇا ڇا دانهن ٻڌي مون تنهنجي واڪي واڪي ۾ ۽ تنهنجي مرڪ ڏٺي مون پنهنجي لونءَ لياڪي ۾ ۽ تنهنجي پيتل لُڙڪ ڪيو ڪو ناتو چڻنگ چُئاڪي ۾ ڄڻ مون پنهنجي تصوير ڏٺي اڄ ڀٽ ڌڻيءَ جي خاڪي ۾. (وِڄون وسڻ آئيون) منهنجا گيت ڀٽائي، تنهنجي جنگ پيا جوٽن تو وٽ دَنبوُر هيو تو ڪالهه تعصب جي سِر تي ڦهڪايو هو. ................. ................ ڪلهه جا تنهنجي وائي هئي تنهن ۾ تِن سان جنگ هئي. ڌرتي تنهنجي سنگ هئي رنگي تنهنجي رنگ هئي هوءَ جا تنهنجي جنگ هئي سا اڄ تائين جاري آ. ۽ هن جو احتجاج ڏسو، جنهن جو اظهار هو حَشُو ڪيولراماڻيءَ کي ياد ڪندي، ڪري رهيو آهي. اُلهاس نگر جي تيز هوا ڪنهن وقت حشوءَ کي ڳولهي ٿي هي حشو جيڪو سنڌ هيو انسان هيو، ارمان هيو نادان هيو هن ڪونه ڪيو هو سمجهوتو اي ڪاش انهيءَ جو ڪو جُوتو ڪنهن وقت کڻان اي ڪاش! سمئه جي ٺوڙهه مٿان ايڏو ته هڻان ايڏو ته هڻان ايڏو ته هڻان! (ڇوليون، ٻوليون سمنڊ جون) هن جي ڪاوڙ ۾ آهي صداقت ۽ بغاوت. ۽ اُنهن ماڻهن تي جيڪي چپ چاپ ظلم سهن ٿا، ودروهه نٿا ڪن، ٿڌا ٺريا ٿي ويٺا آهن، انهن تي هو ڪاوڙيل آهي: ڏاڍ ڏسي جڳ سُمهي پيو آ، ڌرتيءَ تي انسان ڦرن ٿا، ماڪوڙن جئن ڪيڙن وانگر، انڌ الوليون ائين ماڻي ٿو ڀانءِ ته ڀونءَ تي ڀنگ نه پوندو شال اچي گهنگهور گهٽا ڪا اوت ڪري اوهيڙن وانگر. (رڻ تي رم جهم، ص-43) اهو ته ظاهر ٿي بيٺو آهي ته اياز جي مشاهدي جو ڪئـنـواس بيحد وسيع آهي. هن ورهاڱي کي ڪڏهن قبول نه ڪيو. نه ديش جي ورهاڱي کي، نه ئي سنڌين جي ورهاڱي کي. ناهي پنهنجي ساهت جو ڪو ورهاڱو، ڀانيو مون ڀاڱو، ڪڏهن ناهي پاڻ کي. هن جو ڌرم انسان ذات هو. هو دنيا ڀر جي شاعرن سان هم آهنگ بڻيو. هن پنهنجي تصور ۾ شاعرن سان گفتگو ڪئي، پوءِ اهو چاهي شاهه هجي، نارائڻ شيام هجي، ڪبير هجي، ڪاليداس هجي، سلطان باهو هجي يا بُلي شاهه. ”سُر نارائڻ شيام“ ۾ هو نارائڻ شيام سان مخاطب آهي: ساري رات ڪبير سان، تو مون ڳالهايو، ڌرتي امبر ٿي وئي اهڙي پَر ڳايو، وَرَ وَرَ ورجايو، نياپو هن جي نينهن جو يـــا مان ئي ڪاليداس هان، مان ئي ڀٽائي ميگهه دوت ۾ ڪالهه ڪنهن جا شيءِ ٻڌائي، سا مون سمائي، آ اڄ سُر سارنگ ۾. سلطان باهو، بلي شاهه، فريد، امير خُسرو، خيام جهڙن شاعرن جو ڀرپور ذڪر اچي ٿو، هن جي ڪويتا ۾: ساڳي گورک ناٿ ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀونءِ، مورک ريٽ نه تون، پرمپرا هن ديش جي. هن پنهنجي سنڌ ديش جي پرمپرا قائم دائم رکڻ چاهي هئي، هميشه. دادو پنٿي ڪيترا، اڄ به تنهنجي ڪَڍ، توڙي مون کي اڍَ، ڀٽائيءَ ڀيرو ڪيو. چاهي رويءَ روپ آ، يا آ ڀٽائي، وات اچي وائي،تن تي ڇو سوچي پئي. هن جي ذهن ۽ سوچ ۾ روبندرناٿ ٽئگور، ڀٽائي، ميران ۽ ٻيا ڪئين شاعر ڇانيل هئا. تڏهن ته هن جي وات ۾ اهڙيون وايون پئي آيون. هن پنهنجي نثر ۾ چيو آهي: ”مون خيام جو رسُ ۽ ميران جا ڳوڙها مِلائي، ڪيئي جام پيتا آهن.“ هن کي سرحد جي هن پار پنهنجن همعصر سنڌي ليکڪن سان اَڀار پيار هو. ورهاڱي کان اڳ جڏهن سرحدون نه بڻيون هيون، اُهي ليکڪ ۽ شاعر سندس ساٿي ۽ دوست هئا. هن توڙ تائين ساڻن سنيهه جا سنٻنڌ نڀايا. هي سنگرام، سامهون آ نارائڻ شيام! واري نظم جي واقعي کان هرڪو سنڌي اديب واقف آهي، جيڪو هن 1965ع واري هند ــ پاڪ لڙائي دوران لکيو هو، جنهن ڪري هن کي ڪيڏا عذاب ڀوڳڻا پيا هئا. هن مذهب جي نالي تي ٿيندڙ جنگ جي خلاف جنگ جوٽي هئي. هو پنهنجن اصُولن تي اٽل رهيو. هن کي جيڪي به چوڻو هو، هن بيباڪ نموني، نڊر ٿي، شاعريءَ ذريعي چيو. هن جي دشمنن جي ڪا ڪمي ڪانه هئي. هو پنهنجي دؤر جو مباحثا آميز (Controversial) شاعر هو. هن کي جيتري شدت سان ماڻهن پيار ڪيو، چاهيو ۽ عزت ڪئي، اوترا ئي مخالفتي ماڻهو به پئدا ٿي ويا، مگرهن پنهنجن ويرين جي بلڪل پرواهه ڪانه ڪئي. هن کي ايترو ته آتم وشواس هو جو هن پنهنجن نقادن جي تنقيد کي تڇ ليکيو. هن پنهنجن نقادن کي وِڇن جو لقب ڏنو، ائين لکي: ”ڪنهن چيو ته هن تو تي تنقيد ڪئي آهي؟ مون پهاڙ ڏانهن ڏٺو. هڪ وڇون هن کي ڏنگ هڻي رهيو هو.“ ۽ ٻئي هنڌ: تون جي مون کي ڪين مڃيندين، مون کي ڪا پرواهه نه آهي، آنءُ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو، جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي، مون تي ميڙو مچڻو آهي. يا ”توکي منهنجي زندگيءَ تي چڙ آهي، پر توکي منهنجي موت تي وڌيڪ چڙ ايندي. ڇو ته موت مون کي اهو ڪجهه ڏيندو، جو مون کي زندگي نه ڏيئي سگهي آهي ۽ جنهن جو مان حقدار آهيان.“ هن پنهنجي ڪينري (ساز) کي مُخاطب ٿي چيو آهي: تون چئه مون کان پوءِ، ڪنهن جو ٿيندين ڪينرا؟ واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لئه سنڌڙي. ۽ جڏهن ويندوسانءِ، تڏهن روئندين رَتُ، مان جو پورو تَتُ، هن تنهنجي تاريخ جو. مان هتي سندس لکيل ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ مان سندس ڏٺل هڪ خواب جو ذڪر ڪنديس، جيڪو اياز جي ذهني ڪيفيت کي ظاهر ڪري ٿو. خواب ۾ هو پاڻ هندوڪش پهاڙ جي برفاني چوٽي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هو سج کي پڪڙڻ ٿو چاهي، ”مون اُتاهين ڇِپَ تان بيهي هيٺ ڏٺو ته مون کي پنهنجا ويري ۽ واهرو ڪيڙن ماڪوڙن وانگر چرندا نظر آيا. مون وري منهن ورائي هيٺ نه ڏٺو ۽ اڳتي ڇلانگ ڏيندو ويس.“ جڏهن هو چوٽيءَ وٽ پهتو ته سج نڪري آيو ۽ کيس پنهنجن ڪروڙين آڱرين ۾ جهلي، هوا ۾ اُڀو ڪيائين ۽ پوءِ زور سان هيٺ ڦِٽي ڪيائين. هن جا هڏ گڏ ڀڄي پيا. پوءِ ڳجهون هن جو ماس کائڻ لڳيون. رڳو هڏا وڃي بچيا. اوچتو هڪڙو ٻڍڙو آيو، هن جا هڏا ميڙڻ لڳو. اياز جي سوال ”تون ڪير آهين؟“ جي جواب ۾ هن مُرڪي چيو: ”مان ڀٽائي آهيان، مان ڀانيان ٿو ته توکي مون کان به وڌيڪ سزا ملي آهي.“ ها، برابر، هن جي ڏات هن کي اڪيچار ڏک ڏولاوا ڏنا، مگر هن کي ڪو ڀوَ هوئي ڪونه. ”مون کي مُور نه ڀئه، مرڻو ناهي آدمي!“ هن برابر موت کي مات ڏيئي ڇڏي. بشڪريه سارنگا