انڊيا جي سنڌيءَ برک ليکڪا ريٽا شهاڻيءَ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    انڊيا جي سنڌيءَ برک ليکڪا ريٽا شهاڻيءَ

    الطاف شيخ
    [​IMG]
    ريٽا شهاڻيءَ انڊيا ۾ سنڌيءَ جي برک ليکڪا آهي، سندس ڪيترائي ڪتاب هند ۽ سنڌ ۾ ڇپيا آهن، مون به ويجهڙائيءَ ۾ سندس حيدرآباد جي ڪويتا پبليڪشن طرفان ڇپايل ٽي کن ڪتاب پڙهيا آهن، جن ۾ هڪ سندس يادگيرين (Memories) جو ڪتاب ”سڄاڻ جون سمرتيون“ آهي، ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو ”رشتن جو رقص“ آهي ۽ ٽيون سندس آتم ڪٿا جو ڪتاب ”ٻپهريءَ جا ٻه پل“ آهي. سندس ٽيهه کن ڪتاب ٿيندا، جن ۾ ڪجهه سفرناما به آهن، سندس هڪ سفرنامو ”سفر در سفر“، جنهن جو مهاڳ مون لکيو آهي، اڄڪلهه حيدرآباد ۾ ڇپائيءَ هيٺ آهي، سندس ڪيترائي مضمون، ڪهاڻيون ۽ سفرناما سنڌ جي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾، خاص ڪري ماهوار ’سوجهرو‘ ۽ ماهوار ’امرتا‘ ۾ ڇپجندا رهن ٿا.
    ريٽا شهاڻيءَ 24 آگسٽ 1934ع تي حيدرآباد جي هڪ پڙهيل لکيل فئملي ”ملڪاڻي“ ۾ عالمچند اڌارام جي گهر ۾ ڄائي. هُوءَ هن وقت 74 سالن جي آهي يعني امرجليل کان به ٻه سال وڏي ٿي، جو امرجليل 1936ع ۾ ڄائو آهي. پر تصوير ۾ ڏسندائو ته ريٽا شڪل صورت ۽ صحت ۾ توڙي لکڻ جهڙي مشغلي ۾، امرجليل وانگر فٽ فاٽ آهي. مون کيس پهريون دفعو پوني ۾ اچي ڏٺو آهي. تاج بلوچ ۽ تاجل بيوس وارا، جن ريٽا شهاڻيءَ کي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڏٺو، اهي ٿا ٻڌائين ته جوانيءَ ۾ هُوءَ بيحد حسين ٿي گذري آهي، بهرحال فزيڪل سونهن سوڀيا ته هڪ ڏينهن آخر ختم ٿئي ٿي، پر ريٽا شهاڻيءَ جي سدا بهار لکڻين مان هميشه هُڳاءُ ايندو رهندو ۽ اهي هميشه جوان ۽ خوبصورت رهنديون.
    ريٽا (سندس پيءُ جو نالو عالمچند اڌارام ملڪاڻي) جي شادي جيتورام ٺاڪرداس شهاڻيءَ جي پٽ وشنوءَ سان 20 آڪٽوبر 1957ع ۾ ممبئيءَ ۾ ٿي، ريٽا سنڌ جي مشهور اديب ۽ پروفيسر منگهارام يو ملڪاڻيءَ جي ڀائٽي ٿئي، سندس سهرو جيتورام حيدرآبادي عامل هو جنهن جو 1926ع کان پوني ۾ ”ماڊرن بُڪ اسٽال“ نالي دڪان هو. پاڻ پوني جي هڪ مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي، ايتري قدر جو پوني ۾ هن جي نالي ”شهاڻي چؤڪ“ پڻ آهي، جيتورام هندستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو. هُن پنهنجي پٽ وشنَو (ريٽا جي مڙس) سان گڏ جيل به ڪاٽيو، وشنوءَ جي ڀيڻ (يعني ريٽا جي هڪ نڻان) ستي شهاڻي پوني جي مشهور ڪاليج ”فرگوسن ڪاليج“ جي انگريزي جي پروفيسر آهي ۽ ٻي ڀيڻ سندري لنڊن ۾ ڊاڪٽر آهي.
    ريٽا شهاڻيءَ کي ٻه ٻار آهن، هڪ پٽ ڪمار شهاڻي، جيڪو هتي پوني ۾ بزنس ڪري ٿو، ڌيءَ ماڌوري ڪپور، جنهن کي هوءَ لليتا سڏي ٿي، پوني جي هڪ اسڪول جي هيڊمسٽريس آهي ۽ سندس مڙس جو نالو انيل آهي.
    ريٽا شهاڻيءَ لاءِ فقط ايترو لکي بس نٿو ڪرڻ چاهيان، دراصل جنهن فئملي ”ملڪاڻيءَ“ سان ريٽا شهاڻيءَ جو واسطو آهي، اها سنڌ جي بيحد مشهور فئملين مان هڪ آهي، جنهن تي ڪجهه وڌيڪ لکڻ ضروري سمجهان ٿو. سندس چاچي پروفيسر منگهارام يو (اڌارام) ملڪاڻيءَ وٽ اسان جا ڪيترائي ڏاها ۽ دانشور پڙهيا، جن مان محمد ابراهيم جويو صاحب پڻ هڪ آهي. ملڪاڻي صاحب لاءِ هڪ هنڌ ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو ته ”...پروفيسر ايم. يو. ملڪاڻي منهنجو مهربان ۽ دل گهريو استاد هو، ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ 1934ع کان 1938ع تائين مون هن وٽ تعليم حاصل ڪئي.“
    پروفيسر منگهارام، ان بعد ريٽا جو پيءُ عالمچند ۽ ٽيون ننڍو ڀاءُ موتي رام، راءِ بهادر اڌارام ملڪاڻيءَ جا پٽ ۽ ديوان شيوڪرام ملڪاڻيءَ جا پوٽا هئا، منگهارام 1896ع ۾ ۽ عالمچند 1901ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄاوا. ٿورو جيڪڏهن ملڪاڻي فئمليءَ جي تاريخ ۾ وڃبو ته ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ مطابق ملڪاڻين جو وڏو ڏاڏو ”ملڪ مل“ هو، جنهن تان سندس فئمليءَ جو نالو ’ملڪاڻي‘ پيو. حيدرآباد جي جنهن گهٽيءَ ۾ هُو رهيو، اها اڄ به ملڪاڻي گهٽي سڏجي ٿي. ملڪ مل جي اولاد مان صاحب راءِ فارسيءَ جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي، صاحب راءِ ملڪاڻيءَ لاءِ مشهور آهي ته ميرن جي شادي توڙي غميءَ جي موقعن تي هُو اهڙا عمدا فارسي شعر جوڙيندو هو، جو ميرن کي موهي رکندو هو ۽ کيس ميرن کان وڏا انعام ملندا هئا.
    ديوان صاحب راءِ ملڪاڻيءَ جو پٽ منشي آوتراءِ ملڪاڻي تاريخ ۾ خاص ڪري ميرن جي تاريخ ۾، اهم شخصيت ٿي گذريو آهي، جيتوڻيڪ اسان واري پوني جي ليکڪا ريٽا شهاڻي منشي آوتراءِ جي پوٽي يا پڙپوٽي نه هئي، پر آوتراءِ جي ڪزن ”ديوان شيوڪرام“ جي پڙپوٽي ۽ راءِ بهادر اڌارام جي پوٽي هئي. منشي آوتراءِ ملڪاڻي (ڄم جو سال 1820ع) مير صوبدار خان جو مالي وزير هو. 1843ع ۾ جڏهن سر چارلس نيپيئر سنڌ فتح ڪئي، تنهن وقت ميرن جو خزانو حيدرآباد واري قلعي ۾ هو ۽ خزاني جون ڪُنجيون منشي آوتراءِ وٽ هيون. چاٻين لاءِ سر چارلس نيپيئر حيدرآباد جي ملڪاڻي گهٽيءَ ۾ ويو، پر منشي آوتراءِ ڪُنجيون ڏيڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو: ”جيسين مون کي منهنجن حاڪمن (ميرن) جو حڪم نه ملندو، تيسين مان ڪُنجيون پنهنجي هٿان نه ڇڏيندس.“
    منشي آوتراءِ اهڙو ايماندار ۽ ساک وارو هو، جو ميرن جي ڏيڍيءَ تائين کيس وڃڻ جي موڪل هوندي هئي. انگريزن، ميرن کي قلعي مان ڪڍائي گدو بندر واري بنگلي ۾ نظربند رکيو، جتان پوءِ کين ڪلڪتي موڪلڻو هئن. ميرن جي زالن کي ڏيڍيءَ تان گدو واري بنگلي ۾ روانو ڪرڻ جو ڪم منشي آوتراءِ ملڪاڻيءَ جي سپرد ڪيو ويو. منشيءَ، زالن کي ڪڍڻ کان اڳ سورنهن کن ڏوليون هيرن جواهرن جون ڀري ٻاهر ڪڍيون، جيڪي ميرن وٽ سلامت پهچي ويون. ان بعد سترهين ڏولي نڪرڻ وقت انگريزن کي شڪ پئجي ويو ۽ آوتراءِ کي جيل ۾ رکڻ ۽ شوٽ ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو، پر پوءِ کيس 800 رپيا ماهياني پگهار تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ انگريزن وٽ نوڪري ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جيئن انگريز مقامي حڪومت جي انتظام کان واقف ٿي سگهن. 1843ع ۾ هڪ سئو رپيا به وڏي ڳالهه هو، پر منشي آوتراءِ آڇ قبول نه ڪئي ۽ چيو، ”ٻن مالڪن جي نوڪري ساڳئي وقت ڪري ڪين سگهندس.“ ياد رهي ته ان وقت منشي آوتراءِ جي عمر فقط 23 سال هئي. منشي آوتراءِ ملڪاڻيءَ کي ٻه پٽ ٿيا، وڏو ديوان چيتن رام وڪيل ٿيو ۽ ان جو پٽ نارائڻ داس به وڪيل ٿيو. آوتراءِ جو ٻيو پٽ ديوان گوبند بخش، جنهن جي ڄم جو سال 1850ع هو، تنهن 17 سالن جي ڄمار ۾ 1867ع ۾ مئٽرڪ ڪئي، انهن ڏينهن ۾ مئٽرڪ ڪرڻ به وڏي ڳالهه سمجهي ويندي هئي ۽ هر ڪو نه ڪري سگهندو هو، گوبند سٺي پوزيشن ۾ مئٽرڪ ڪئي ۽ سنڌي، اڙدو، فارسي ۽ پشتو جو به ڄاڻو هو. کيس ڪوٽڙيءَ جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. سندس قابليت جي ڪري سنڌ جي نامياري وڪيل خانبهادر ميان حسن عليءَ هن کان خانگيءَ طرح انگريزي سکي. بعد ۾ گوبند وڪالت پڙهي سکر ۾ وڪالت ڪئي. سندس پٽ لوڪومل ملڪاڻيءَ (ڄم جو سال 1880ع) تعليم حاصل ڪرڻ بعد نوڪري نه ڪئي، پر انگريز سرڪار کيس 20 سال کن آنرري مئجسٽريٽ جو عهدو ڏنو ۽ 37 سالن لاءِ هو حيدرآباد جي ميونسپالٽي جو مشير ٿي رهيو. کيس پراڻين شين گڏ ڪرڻ جو وڏو شوق هو، سنڌ جي وزيرِاعظم سر غلام حسين هدايت الله، سنڌ جي پهرئين گورنر سرلانسيٽ گرهام، ان بعد سر هيوڊو گورنر ٿيو، ان سان پڻ سٺا تعلقات هيس. هُو صاحب هن وٽ ملڻ لاءِ هلي ايندا هئا ۽ هن جون گڏ ڪيل شيون اچي ڏسندا هئا.
    بهرحال مٿي بيان ڪيل صاحب راءِ، منشي آوتراءِ، چيتن راءِ، ديوان گوبند بخش، لوڪومل وغيره ”ديوان آڏومل ملڪ مل“ جي وڏي پٽ گوپال داس ملڪاڻيءَ جو اولاد هئا، ملڪ مل جنهن تان ملڪاڻي ذات شروع ٿي، جي اڪيلي پٽ آڏومل کي ٻه پٽ هئا، هڪڙو گوپالداس (جنهن جي خاندان جي ڪجهه اهم ماڻهن جي مٿي ڳالهه ٿي) ۽ ٻيو پٽ ديوان گدومل هو جنهن جي پوٽي ديوان شيوڪرام جي ريٽا شهاڻي پڙپوٽي آهي. ديوان شيوڪرام 1848ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ حيدرآباد شهر جو پهريون سٽي ماجسٽريٽ ٿيو. پاڻ ڪيترائي عهدا ماڻيائين، پر گهڻو وقت مختيارڪار ٿي رهيو، سندس ديهانت 1908ع ۾ ٿيو.
    ديوان شيوڪرام جي زال ڄيٺي ٻائي (ڄم جو سال 1847ع، ديهانت 1923ع) ۽ جوت اخبار جي ايڊيٽر پرمانند ميوارام جي زال ڄيٺي ٻائي ڀينرون هيون. ديوان شيوڪرام جو وڏو پٽ ديوان اڌارام (يعني ريٽا شهاڻيءَ جو ڏاڏو) 1869ع ۾ ڄائو، مئٽرڪ بعد ميڊيڪل ڪاليج ۾ گهڙيو، پر صحت سٺي نه هجڻ جي ڪري هن کي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏڻي پيئي، ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ اوسي پاسي ۾ فقط بمبئيءَ ۾ گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج هو ۽ ٻيو ڪلڪتي ۽ مدراس ۾. ديوان اڌارام پوءِ سڄي عمر زمينداري ڪئي ۽ 68 ورهين جي ڄمار ۾ 1928ع ۾ وفات ڪيائين. کيس، ٽي پٽ ٿيا، وڏو پٽ پروفيسر ايم. يو (منگهارام اڌارام) ملڪاڻي جي نالي سان مشهور ٿيو، ادبي ۽ تعليمي دنيا ۾ منگهارام ملڪاڻي ( ريٽا شهاڻيءَ جو چاچو ) هڪ وڏو نالو آهي. پاڻ 24 ڊسمبر 1896ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. هُو مشهور عالم، اديب، نقاد، تاريخ نويس، اسٽيج اداڪار ۽ ٽيچر ٿي گذريو آهي. هن پنجاهه کن ناٽڪ لکيا ۽ ڪيترن ۾ پاڻ اداڪاري ڪري نالو ڪڍرايو. 1923ع ۾ حيدرآباد ۾ ”رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرامٽڪ ڪلب“ برپا ڪيائين، جنهنجو افتتاح بنگالي زبان جي جڳ مشهور شاعر ۽ اديب رابندر ناٿ ٽئگور پنهنجي هٿن سان حيدرآباد ۾ اچي ڪيو هو. رابندر ناٿ پهريون ايشين آهي، جنهن کي سندس شاعريءَ جي مجموعي ’گيتانجلي‘ تي نوبل پرائيز مليو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ڪافي عرصو ڊي جي (ڏيارام ڄيٺمل) سنڌ ڪاليج سان وابسته رهيو، ورهاڱي کان پوءِ هُو ڀارت لڏي ويو، جتي بمبئيءَ ۾ ”جئه هند“ ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، جتان 1962ع ۾ رٽائرڊ ڪري ڪلڪتي وڃي رهيو. ناٽڪن کان علاوه سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن جهڙوڪ، گم ٿيل صندوقڙي (ناول ترجمو)، پريت جا گيت (ٽئگور تان ترجمو)، ادبي اصول (تنقيد)، پڇمي ياترا (آمريڪا جو سفرنامو) سنڌي نثر جي تاريخ، جوانيءَ جا جذبا، پيريءَ جون يادون (نظماڻو نثر)، ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو جائزو... وغيره وغيره. پاڻ بمبئيءَ ۾ پهرين ڊسمبر 1980ع ۾ ديهانت ڪري ويو، ديهانت کان اڳ هُو پوني ۾ ريٽا شهاڻيءَ جي گهر ۾ ئي رهيل هو. ريٽا شهاڻي پنهنجي يادگيرين واري ڪتاب ”سڄاڻ جون سمرتيون“ ۾ لکي ٿي ته، ”هڪ ڏينهن نيرن جي ٽيبل تي مون ويٺي ويٺي ٻه سٽون لکي ورتيون ۽ دادا کي ڏيکاريم. (ريٽا جا ڀاءُ ڀيڻ پروفيسر منگهارام کي دادا منگهو سڏيندا هئا).
    لاچاريءَ کان تون ڀڳوان بچائج،
    محتاجيءَ کان اڳ جڳ مان اٿارج.
    منهنجو شعر ٻڌي دادا آگ بگولو ٿي ويو، چوڻ لڳو، ”مون کي ڏسي ٿي ڪويتا لکين؟ ڪير ٿو چوي ته مان لاچار آهيان؟ موت جي ڳالهه ان سان ڪبي آهي جو مرڻ وارو هوندو آهي، مان مرڻ وارو ٿوري ئي آهيان؟“
    آءٌ چپ ٿي ويس ۽ وري موت ۽ ٻڍاپي جي ڳالهه ڀلجي به زبان تي ڪانه آندم.
    ريٽا شهاڻيءَ جي هن يادگيرين واري ڪتاب ۾ هن ڪيترائي خط پروفيسر ملڪاڻيءَ جا پڻ ڏنا آهن، جيڪي هن کيس لکيا. اديب دوست چوندا آهن ته ريٽا کي ادب ۽ شعر و شاعري سندس چاچي کان ورثي ۾ ملي آهي. ريٽا کي سندس ادبي خدمتن ڪري ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. کيس 1997ع ۾ ”نامور عورت ليکڪا ايوارڊ“ مليو، R.T ٽرسٽ پاران 1998ع ۾ ”ادبي خدمتن جي مڃتا“ جو ايوارڊ مليو، مهاراشٽرا ساهتيه اڪيڊميءَ پاران ”ادب جو لائيف اچيومينٽ ايوارڊ “ 1998ع ۾ مليو ۽ ”سوال ئي سوال“ ٻارن جي ڪهاڻين جي مجموعي تي نئشنل ڪائونسل پاران ايوارڊ (سال 2000ع) ۾ مليو.


    بشڪريه عوامي آواز
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: انڊيا جي سنڌيءَ برک ليکڪا ريٽا شهاڻيءَ

    مهرباني سائين
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: انڊيا جي سنڌيءَ برک ليکڪا ريٽا شهاڻيءَ

    مهرباني سائين ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو