جنم ڀومي سُرڳ کان مهان! ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جنم ڀومي سُرڳ کان مهان! ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ​

    [​IMG]
    محمد ابراهيم جويو

    سنڌ منهنجي ڌرتي آهي، تنهن کي ڇڏي وڃڻ جو مان سوچي به نٿو سگهان.“ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جولاءِ 1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان کي ڪالعدم قرار ڏئي، اُن جي سمورن اڳواڻن توڻي سرگرم ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به اُنهن مان هڪ هو. گهرو معاملن واري تڏهوڪي وزير مسٽر شهاب الدين ڪامريڊ سوڀي کي آڇ ڪئي ته: ”تون ڀارت وڃ، اسين توکي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“ ڪامريڊ سوڀي ڌرتيءَ ڄائي (Son of the Soil) هئڻ جو ثبوت ڏيندي کيس چيو: ”تون پاڪستان ۾ پناهگير آهين، مان ته سنڌ ڄائو ۽ ڪيترين ئي پيڙهين کان هتي آباد آهيان. مان سنڌ ڪيئن ڇڏيندس؟ مان سنڌ نه ڇڏيندس.“ هڪ ڪتاب ۾ ”ساروڻيون“ جي عنوان سان شامل مضمون ۾ سنڌ جو هيءُ سداچار سپوت لکي ٿو: ”منهنجي ڪاڻ سنڌ ۽ امڙ ٻئي هم معنيٰ آهن. اڄ به مان پنهنجي امڙ جي ٿڃ پي ٻاهتر ورهين جو جوان آهيان...مان ميدان ڇڏي ڀڄندس ڪونه.“ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ پاران وقت جي حاڪمن کي اِن ريت کُتو جواب ڏيڻ سندس مَنَ جي هڪ اهڙي اُڌمي کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو هر اُن وطن پرست محب وطن جو نه فقط وَڙُ پر ايمانُ به هوندو آهي. علي احمد بروهي لکي ٿو: ”ڪامريڊ جيل کان سڌو ڀارت وڃڻ بدران ٻي هر قسم جي سزايابيءَ کي اکين تي رکيو...هُن پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ کي ڇڏي، لڏي وڃڻ کان بنهه نابري واري. حالانڪه ڄٽن جي ڏيهه ۾ سندس ڇا حشر ٿيڻو هو، تنهن جي کيس ڀليءَ ڀت خبر هئي.“
    ماتر ڀوميءَ سان ازلي عشق جو ناتو نڀائڻ وارا سِرَ جو سانگو نه ڪندا آهن. ڪامريڊ سوڀي به ان راهه جي چونڊ ڪئي. پر هُو هڪ اڏول وطن پرست هئڻ سان گڏوگڏ هڪ انقلابي پڻ آهي. ڪامريڊ سوڀي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي: ”مان پهرين انقلابي آهيان. منهنجي خواهش آهي ته مون کي پڇاڙيءَ تائين انقلابي، دوستن جو دوست، ساٿين جو ساٿي ۽ مظلومن جو گهڻگهرو سمجهيو وڃي.“ هاڻي اچو ته اُنهن معروضي حالتن جو جائزو وٺون، جن جي ڪُک مان ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جهڙا سچا ۽ پڪا آدرشوادي، مظلوم ۽ محڪوم طبقن جي حقن لاءِ اڻٿڪ جاکوڙ ۾ جدوجهد ڪندڙ اڏول انقلابي ۽ سچا وطن پرست ماڻهو پيدا ٿيا. انگريزن ننڍي کنڊ تي لڳ ڀڳ ٻه صديون کن حاڪميت ڪئي. انگريزن جو راڄ جيڪو بي انصافيءَ، ناجائز قبضي ۽ دٻڙ دئونس تي ٻڌل هو، تنهن دور دوران ڌرتيءَ جي هن خطي جي ماڻهن گهڻو ڪجهه سَٺو. گڏيل هندستان هڪ شاهوڪار ۽ هر قسم جي قدرتي نعمتن ۽ وسيلن سان مالا مال ملڪ هو. تنهن هوندي به، هتان جا ماڻهو پنهنجي فطرتي سڀاءَ سبب ٿوري تي قناعت ڪرڻ وارا، هر حال تي خوش رهڻ ۽ شُڪر بجا آڻڻ وارا ماڻهو هئا. ڌارين قابض حاڪمن هن خطي جي سادڙن ۽ سٻاجهن ماڻهن جي اِن ”هر حال تي خوش رهڻ ۽ شُڪر بجا آڻڻ واري سڀاءَ“ جو ناجائز فائدو وٺندي، هن ملڪ جي عوام ۽ سندن سُکئي ستابي ديس کي ڏاڍيءَ بي رحميءَ سان لُٽيو ۽ ڦُريو. ۽ ان ڦُرلٽ جي آڌار تي پنهنجي سامرا جي سلطنت کي هڪ ناقابل شڪست قوت بنايو. اُن کي هُنن ايتري ته وسعت ڏني جو انساني تاريخ ۾ هڪ اهڙو دور به ٿي گذريو جو ائين چيو وڃڻ لڳو ته ”انگريزن جي سلطنت تان سج لهي ئي ڪونه ٿو.“ ڌارين حاڪمن جي اهڙي ظالماڻي ڦُرلٽ ۽ اُن جي نتيجي ۾ هندستاني ماڻهن ۾ پيدا ٿيل بي وسي ۽ ويچارگيءَ وارين حالتن جون ڪجهه جهلڪيون لائق پڙهندڙن جي خدمت ۾ هتي پيش ڪجن ٿيون.
    انگريز، جيڪي هندستان ۾ واپاري بڻجي آيا هئا ۽ پنهنجين حرفت بازين ۽ مڪارين وسيلي هن ڏيهه جا والي ۽ وارث بڻجي ويٺا، تن هندستان تي پنهنجي قبضي کي حق ۽ جائز ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي پگهاردار لکارين ۽ هٿ ٺوڪين ”دانشورن“ کان مَن پسند لکڻيون لکرائڻ وسيلي جتي هندستان کي بنهه ڏُتڙيل، پٺتي پيل ۽ اڻ سڌريل ملڪ قرار ڏيڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لڳايا اُتي انگريز قوم ۽ پنهنجي سلطنت شاهيءَ کي دنيا جي بهترين، نهايت ئي سُڌريل، ۽ ترقي يافته ثابت ڪرڻ لاءِ زمين آسمان ملائي هڪ ڪري ڇڏيا. اِن هوندي به، اُنهن منجهه ڪي اهڙا به زندهه ضمير انسان، اديب ۽ دانشور هئا، جن پنهنجين لکڻين وسيلي انهن حاڪمن کي سندن اصليت وارو حقيقي روپ پَسايو. سَر ٿامس مونريو هڪ هنڌ لکي ٿو: ”جڏهن اسين ٻين ملڪن جي ڀيٽ انگلينڊ سان ڪريون ٿا ته اسين عام طور تي اڄوڪي دور (يعني اوڻيهين صديءَ) واري انگلينڊ جو ذڪر ڪريون ٿا. رِفرميشن واري عهد کان اڳ واري انگلينڊ جو ذڪر اسين ورلي ئي ڪو ڪندا آهيون. پر سترهين، ارڙهين صديءَ واري هندستان کي اوڻيهين صديءَ واري انگلينڊ سان ڀيٽڻ کان اڳ ۾ ٻنهي ملڪن جي حالتن کي عيسوي صديءَ جي شروع واري دور جي حالتن سان ڀيٽڻ گهرجي جڏهن هندستان تهذيب جي بلندين تي پهتل هو ۽ ٻيو ملڪ (يعني انگلينڊ) شايد ئي ڪو وجود رکندو هو.“ اهڙيءَ ريت جيڪڏهن برٽش انڊيا ۾ انگريزن جي حڪمرانيءَ جو جائزو وٺبو ۽ اسان کي وري به تاريخ جي جهروڪن ۾ جهاتي پائي ڏسڻو پوندو جنهن ان حقيقت تي مُهر هڻي ڇڏي آهي ته انگريزن هندستان کي اعليٰ تهذيب ۽ حڪمرانيءَ جو بهتر نظام ڪنهن به صورت ۾ نه ڏنو هو. اِن ريت ملڪ ۾ سياسي اُٿل پُٿل شروع ٿي چڪي هئي جيڪا نيٺ وڃي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ پاڪستان ۽ هندستان جي قيام تي ختم ٿي. اُتان پوءِ اڳتي وري هڪ نئين دور ۽ نئين جدوجهد جي شروعات ٿي.
    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي 1939 ۾ مهان ڪوي ٽئگور جي برپا ڪيل ”شانتي نڪيتن“ ۾ سرُ ۽ سرود جي وديا پرائڻ ويو، جتي سندس حقيقي معنيٰ ۾ ذهني اوسر ٿي. هن اداري ۾ سکيا دوران جتي ٽئگور جهڙي ٻهڳڻي شخصيت جي موهن جي دڙي مان آيل ماڻهوءَ، سوڀي کي پنهنجي خاص توجهه ۽ شفقت ملي، اُتي کيس اُن دور جي ملڪ جي چوٽيءَ جي اڳواڻن ۽ انقلابين جهڙوڪ مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، سڀاش چندر بوس ۽ سوميندرناٿ ٺاڪر جهڙين شخصيتن سان مُکاميل ٿيڻ جو موقعو به مليو. هن ئي اداري ۾ نوجوان سوڀي جي ملاقات پنالال داس گپتا سان ٿي جيڪو تن ڏينهن ۾ هڪ وڏو ڪميونسٽ اڳواڻ هو. هن سوڀي ۾ ملڪ مان بک، بيماري، جهالت ختم ڪرڻ ۽ اميريءَ ۽ غريبيءَ جي فرق کي مٽائڻ يعني سوشلزم لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو جذبو جاڳايو. سوڀو وڏ ڀاڳي آهي جنهن کي شانتي نڪيتن جهڙي جڳ پرسڌ اداري مان وديا پرائڻ جو موقعو مليو. هڪ سچي انقلابي جي حيثيت ۾ ”ڪجهه ڪري ڏيکارڻ“ ۽ ”انساني سماج جي تشڪيل نوء“ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائڻ لاءِ ميدان عمل ۾ لٿو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي شانتي نڪيتن ۾ ٻه سال رهيو ۽ 1941 ۾ اُتان موٽي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت پڙهڻ لاءِ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، جتي تعليم دوران سندس ملاقات حشو ڪيولراماڻيءَ ۽ ڪجهه ٻين انقلابي دوستن سان ٿي. هتي يعني لا ڪاليج ۾ سوڀي شاگرد تحريڪ ۾ سرگرم حصو ورتو

    بشڪريه ڪاوش
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: جنم ڀومي سُرڳ کان مهان! ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي

    تمام سٺي ونڊ آهي مهرباني سائين
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جنم ڀومي سُرڳ کان مهان! ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي

    ادا اڪبر صاحب توهان جي تعريف ڪرڻ لاء مهرباني پر ڀاء منهنجن مضمونن تي پنهنجا خيالات ته ظاهر ڪندا ڪريو، پوء ڀلي اهي تنقيدي ئي ڇو نه هجن۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جنم ڀومي سُرڳ کان مهان! ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي

    ڪامريڊ سوڀي تي ڇا لکجي۔ ”موهن جي دڙي جو ماڻهو " جو لقب ماڻيندڙ هڪ اڏول انسان ۽ سنڌ جو سپوت ، ڪامريڊ سوڀي کي سنڌ جو سماجي سائنسدان ۽ سنڌ جو انقلابي ليکڪ چوڻ ۾ ڪو وڌا ناهي۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جنم ڀومي سُرڳ کان مهان! ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي

    ادا اهيا حقيقت آهي ته اهڙيون سخصيتون صدين پڄاڻان پيدا ٿينديون آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو