ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ميڊيا جي رول تي هڪ نظر (پيتامبر ڪمار شرما )

اسان جي سنڌي ميڊيا ترقي ته ڪئي آهي پر ان ترقي سان گڏوگڏ پنهنجي ثقافت کي به نقصان رسايو آهي سنڌي چئنل ته وڌيا آهن پر انهن ۾ جيڪي ڊراما يا فلم ڏيکاريا ويندا آهن انهن ۾ صرف بندوقون، پسٽل، ڪهاڙيون، ڏنڊا ۽ گانن ۾ ماڊلنگ وري ثقافت جي بلڪل ابتڙ ڏيکاري وئي جنهن ۾ ماڊل سنڌ ۽ سنڌ جي ثقافت کي وساري انڊيا جي ثقافت اپنائي رهيا آهن. سنڌي چئنل تي جيڪڏهن 100 گانه آهن ته انهن مان ثقافت جو گانو هڪ مس نظر ايندو آهي. عيد جي سڄو ڏينهن جيڪي به فلمون ڏيکاريون وينديون آهن انهن ۾ صرف سنڌين کي ڌاڙيل، چور، بدنام وڏيري طور پيش ڪيو ويندو آهي. ڇا اسان جي ثقافت اها وڃي رهي آهي يا اسان جا سنڌي انڊيا جا ايڪٽر (اداڪار) ٿي ثقافت وساري ويٺا آهن.
اڄ جي ڊرامن ۾ رڳو ڌاڙيل ڪلچر، وڏيرا ڪلچر، ڪاروڪاري، هٿيارن جو ڏيکاءُ ۽ ٻيا به اهڙا ڪيترائي سبب آهن جنهن جو نقصان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح اسان جي سماج تي پوي ٿو. اڄڪلهه اهڙا پروگرام آن ايئر ٿي رهيا آهن جيڪي هوندا ته تهذيب ۽ تمدن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پر اهي اجاگر ڪرڻ بدران رڳو تهذيب ۽ تمدن جي نالي کي بگاڙي رهيا آهن. اهڙن پروگرامن، ڊرامن ۾ غير مهذب جملن، لباس ۽ ڪريل حرڪتون ڪندي ڪردار نظر ايندا آهن. اڄ جي ڊرامن ۾ جيڪو ڪجهه ڏيکاريو پيو وڃي ڇا اهو ئي اسان جي سماج جي صحيح عڪاسي ڪري ٿو؟ ڇا اهو ئي اسان جي هر ڳوٺ، شهر جي معجرا آهي؟ ڇا هر گهر خوني ماڻهو، موسيٰ خان ۽ خيران وغيره جهڙن ڪردارن سان ڀريل آهي؟ ڇا اسان جو سماج واقعي اهڙو آهي؟ يا ڄاڻي واڻي هن کي دنيا جي آڏو پيش ڪيو پيو وڃي. ڊرامو هجي يا پروگرام ان ۾ هينئر سڀ ئي پروگرام سنڌي تهذيب ۽ معاشري کي منفي طور پيش ڪيو پيو وڃي. اهڙا پروگرام ۽ ڊراما اسان جي سماج کي هٿ کان وٺي تباهي جي ڪناري تي آڻي رهيا آهن. اڄ ڪلهه جيڪو معيار ۽ حالت سنڌي چئنلن تي ڏيکاريا ويندڙ ڊرامن ۽ پروگرامن جو آهي انهن کي ڏسي ائين لڳي ٿو ته اسان جي تهذيب موهن جي دڙي جي نه هجي بلڪه ڪنهن نئين اهڙي تهذيب جو ڏيک ڏئي ٿي جو اعتبار نٿو اچي ته ڇا اسين واقعي 8 هزار سال پراڻي تهذيب جا مالڪ آهيون؟ انهن پروگرامن کي ڏسي ذهن ۾ ڪئي سوال جنم وٺن ٿا ته ڇا اسان جي سوچ محدود ٿي وئي آهي؟ ڇا اسين پنهنجي مفاد جي خاطر هن پوري سنڌو تهذيب کي به داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي؟ ڇا اها ئي اسان جي اڄ کان 8 هزار سال پراڻي تهذيب جي عڪاسي آهي؟ ڇا اسان سچ پچ ترقي جي نالي ۾ تباهي جي وهڪري سان گڏ وهڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي تهذيب کي وساري ويٺا آهيون؟ ڇا اها ئي اسان جي سماج جي ضرورت آهي؟ ڇا اسين اهڙي ئي معاشري ۾ رهڻ چاهينداسين؟ جيڪڏهن توهان وٽ انهن سوالن جا جواب نه ۾ هجن ته پوءِ اسان کي اهڙن سماج دشمن تهذيب دشمن عنصرن جي خلاف هڪ آواز ٿي، اهڙو ته پڙاڏو بڻجون جو اهو پڙاڏو سماج دشمن عنصرن لاءِ هڪ للڪار ثابت ٿئي ته جيئن اسين پنهنجي تهذيب کي محفوظ رکي سگهون ......
بشڪريه روشني