• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاه عبدالطيف ڀٽائي جون وايون

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
جواب: شاه عبدالطيف ڀٽائي جون وايون

رسالي جي اهم واين ۽ سهڻن شعرن جي مجموعي کي سر ۽ ساز ۽ جديد فلمي انداز ۾ ڏسي سٺو لڳو، مهراڻ ۽ سنڌ جي ٻين به ڪجهه ميڊيا چينلز سنڌ جي ثقافت کي ڪنهن حد تائين هٿي ضرور ڏني آهي، پر ڪٿي ڪٿي اسانجا قبلا مختلف ٿين ٿا ۔۔۔۔

لطيف جون وايون ته هوند اکيون پوري ٻڌجن ته ماڻهون پار ٿيو وڃي ۔۔۔ پر جي جديد آلات ۽ فن سان انهن کي سنواريو وڃي ته “ جاڙي به جڳ سان ”

ممتاز سائين ته هميشه جيڪا ڳالهه ٻڌائيندو آ ته پيرائتي هوندي آهي ۔۔۔ لطيف جي سريلي واين جي سهڻي ونڊ ڪرڻ جا ٿورا ۔۔۔
 
جواب: شاه عبدالطيف ڀٽائي جون وايون

ادا ممتاز اوهان جو هي ونڊ به هميشه وانگر سٺو آهي پر هن کي مان ٻين سڀني شيئرنگ کان وڌيڪ اهميت ڏيندس جو هن ۾ شاعرن جي سرتاج مرشد لطيف جو ڪلام آڊيو يا وڊيو جي صورت ۾ موجود آهي۔ لطيف سائين جو اهو بيت مونکي هميشه ياد هوندو آهي جنهن ۾ فرمائي ٿو :

مَرَڻان اَڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِيَنِ نه ماتُ.
ھوندا سي حَياتُ، جِئَڻان اَڳي جي جِئا
جيسين لطيف سرڪار جي شاعري آهي ته لطيف جي ٻولي زنده رهندي۔ قرآن شريف کانپوء جيڪڏهن ڪنهن حفظ ڪيو آهي ته اهو آهي ڀٽائي سائين جو ڪلام۔ جنهن کي اڻپڙهيا ڳنوار به سيني ۾ سانڍيو وتن۔

جي تو بيتَ ڀانيا، سي آيتُون آهِينِ؛
نِيو مَنُ لائِينِ، پِرِيان سَندي پارَ ڏي​

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: شاه عبدالطيف ڀٽائي جون وايون

ادا ممتاز اصل قرب اوهان جا تمام ڀليون وايون هڪ ئي هنڌ مهيا ڪري ڏنيون اٿو۔۔۔۔۔ مهرباني مائٽ
 
جواب: شاه عبدالطيف ڀٽائي جون وايون

رسالي جي اهم واين ۽ سهڻن شعرن جي مجموعي کي سر ۽ ساز ۽ جديد فلمي انداز ۾ ڏسي سٺو لڳو، مهراڻ ۽ سنڌ جي ٻين به ڪجهه ميڊيا چينلز سنڌ جي ثقافت کي ڪنهن حد تائين هٿي ضرور ڏني آهي، پر ڪٿي ڪٿي اسانجا قبلا مختلف ٿين ٿا ۔۔۔۔

لطيف جون وايون ته هوند اکيون پوري ٻڌجن ته ماڻهون پار ٿيو وڃي ۔۔۔ پر جي جديد آلات ۽ فن سان انهن کي سنواريو وڃي ته “ جاڙي به جڳ سان ”

ممتاز سائين ته هميشه جيڪا ڳالهه ٻڌائيندو آ ته پيرائتي هوندي آهي ۔۔۔ لطيف جي سريلي واين جي سهڻي ونڊ ڪرڻ جا ٿورا ۔۔۔

ادا ابڙا صاحب توهان جون اهي نوازشون چئبيون جو توهان پنهنجي قيمتي وقت منجهان پنهنجو وقت ڪدي ڪري منهنجن ونڊن تي پنهنجا ويچار ونڊيو ٿا۔ جنهن لاء مان توهان جو ٿورائتو آهيان، شايد اهي محفلون زندگي ڀر ياد رهن، ۽ ڪڏهن به وساري نه سگهان۔ جديد ٽيڪنلاجي اسان کي ڪٿان کان ڪٿي ملائي ڇڏيو آهي، سنڌ سلامت جو ڪو ساٿي سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ ويٺو آهي ته ڪو دادو ۾ ته ڪو لاڙڪاڻي ته ڪو نوابشاه، ته ڪو ڄامشوري ۾ ته ڪو خيرپور ۾ ته ڪو سکر ۾ ته ڪو ٺٽي ۾ ته ڪو بدين م ته ڪو سعودي ۾ ته ڪو لنڊن ته ڪو شارجا ته ڪو عراق ته ڪو ايران ته ڪو انڊيه مطلب ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيا آهيون۔ بس ادا بقول شاه صاحب ته
( تنهن محبت کي شاباس ،جنهن محبتي ميڙيا )​
 
Back
Top