ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
ادا بهترين، ادا توهان اهيو ڪم تمام سٺو ڪم کنيو آهي، ۽ ڪوشش ڪريو ته شاه صاحب جي شروعاتي بيت اول الله عليم، عالا عالم جو ڌڻي کان ڊزائين شروع ڪريو ۽ رسالي جي آخر تائين کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪيو۔ ۽ انهيء ڊزائين ڪيل شاه جي شاعري کي سنڌ سلامت کانسواء فيس بڪ تي به رکڻ شروع ڪريو ته جيئن اسان جي ٻيا اهي دوست جيڪي سنڌ سلامت کان واقف نه آهن ته اهي به توهان جي انهيء ڪم کي ڏسي سگهن۔ ۽ ائين شاه جي شاعري مختلف ڊزائين ۾ به محفوظ ٿئي ويندي۔ مهرباني۔ http://www.youtube.com/watch?v=0Y8ptEyprEY&feature=related
لطيف سرڪار جن جهونجهار مڙسن سان مليو هوندو ۽ انهن جي بهادري ۽ سورهيائي کان متاثر ٿي هي بيت چيو هوندس ، افسوس جو اڄ اسانجي قوم ۾ اهڙا مڙس تمام گهٽ بلڪه نه هجڻ جي برابر آهن ۔۔۔
ڪاري ڪڪر هيٺ وڙهڻ، اونداهه سان وڙهڻ، ظلم ۽ ڏاڍ سان پنهنجا ڪند کڻي جنگ جوٽڻ وارا جنگ جوان جن جي لئه ميدان مان موٽڻ مهڻو ٿي پوي، جي انسان پنهنجا سر تري تي رکي پنهنجي مقصد پنهنجي قوم کي سرخرو ڪنٿا انهن جي واکاڻ ڪئي آهي لطيف سرڪار ۔۔۔
اڄ به لاٽ ته ٻري ٿي پر افسوس پروانن جي ۽ جنگ جوانن جي ڪمي نظر اچي ٿي ۔۔۔ ڏسجي ته سنڌ جا جوان ڪيئن ٿا پاڻ ملهائن؟
سائين نثار اڄ اسان جو اهڙو حال ان ڪري آهي جو اسان لطيف سائين جي ڏسيل واٽ کي وساري ويٺا آهيون۔ پر مان پو به پُر اميد آهيان ته هن ڪاري ۽ ٻاٽ اونداهي ۾ به وڙهن وارا موجود آهن پر اسان کي سڃاڻڻ ۾ علڀي ٿي ٿئي۔
اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي
متان ايئن سمجهو مئا مور سارا
ادا توهان سچ ڇيو آهي ته اسان لطيف جي پيغام کي ڇڏي ڏنو آهي، لطيف صاحب هميشه محنت سچائي ۽ امن جو درس ڏنو آهي، هوند اسان انهن ڳالهين تي عمل ڪريون ته اسان دنيا ۽ آخرت لاء گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا، ادا ڪو زمانو هوندو هو ته پي ٽي وي تي صرف اڌ ڪلاڪ لاء سنڌي پروگرام پيش ڪيا ويندا هئا۔ اهو به احسان سمجهي ڪري، جڏهن ته ماشاءالله سان اڄ جي دنيا ۾ سنڌي ميڊيا ڪافي اڳتي آئي آهي ۽ اسان جي ڪلچر ٻولي لاء پڻ پاڻ پتوڙي رهي آهي، مگر اڃان به انهن کي تمام سخت محنت ڪرڻي پوندي، توهان ڏسو تهغير سنڌي ميڊيا ٻين ٻولين جي شاعري کي ڪاٿي وڃي پهچايو آهي، جڏهن ته اسان اڃان ايترو ڪم ناهي ڪيو، وري به شابس هجي مهراڻ ، سنڌ، ڪيٽي اين، ۽ آواز ٽي وي وارن کي جنهن شاه جي شاعري کي جديد ساز سامان سان سنواري پيش ڪيو آهي جنهن سلسلي ۾ مون پڻ ڪافي وڊيوز بنام ( شاه عبدالطيف جون وايون ۽ بيت ) ( شاه عبدالطيف جون وايون ۽ بيت حصو ٻيون ) سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري رکيا آهن ۽ توهان پاڻ اهي ڏٺا آهن،
ادا مهربانيون ادا مان ته ائين چوندس ته شاه صاحب صرف سنڌ جو وڏو شاعر ناهي پر هڪ عالمگير شاعر آهي جنهن جو فڪر عالمگير فڪر آهي شاه صاحب جي شاعري امن شانتي پيار ء محبت جو درس ڏئي ٿي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جو نوجوان نسل غالب، اقبال، ء شيڪسپيئر کي ته پڙهڻ پسند ڪندو آهي مگر شاه جي شاعري کي ناهي پڙهندو.جڏهن ته شاه صاحب غالب، اقبال ، ء شيڪسپيئر کان ڪئين دفعه وڏو شاعرآهي . اگر ڪوئي پڙهي ته ڏسي. منهنجا ڀائرو منهنجي صلاح وٺو ٫ اڄ ئي شاه صاحب جي شاعري کي پڙهڻ ء سمجهڻ شروع ڪريو . ء پنهنجي مٺي ٻولي اباڻي ٻولي سنڌي ٻولي سان پيار ء محبت جو ثبوت ڏيو. شاه جي شاعري آسان سنڌي ۾ پڻ معني ء تشريح سان ڏني وئي آهي صرف پڙهن وارابڻجو ٌء شاه جي فڪر ء درس کي سمجهو شاه بابت وڌيڪ معلومات لاء هيٺ ڏنل لنڪس تي ڪلڪ ڪري توهان شاه تي لکيل ڪتاب آساني سان پڙهي سگهو ٿا۔ .سچ ته اوهان جو اهو ڪم مونکي ڏاڍو وڻيو ۽ مان پنهنجا تاثرات به ڏنا آهن اوهان جي پوسٽ تي۔ جتي سنڌي چئنل ثقافت کان هٽڻ ڪري سخت تنقيد جو نشانو بڻجن ٿا اتي سندن اهڙيون ڪاوشون به ساراه جوڳيون آهن
ڀائو وساڻ تمام سهڻو بيت ۽ ان سان گڏ اوهان جي سهڻي ڊزائين واھ واھ دل خوش ٿي وئي
ادا عاشق مهرباني۔ دوست اسان ته ڇنڇر جي ڏينهن اوهان جو انتظار ڪندا رهياسين جو سائين نثار ابڙي ٻڌايو ته توهان سچل ڳوٺ ايندا۔