نيب جو سنڌي چيئرمين به نه ٿو وڻي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نيب جو سنڌي چيئرمين به نه ٿو وڻي!

    عاجز جمالي

    هُو اڄڪلهه سياست ۽ سياسي سرگرمين کان گهڻو پري نظر اچي رهيو هو. ڪراچي جي قديم پوش علائقي سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي سان سلهاڙيل ڪراچي جي تعليمي اداري کي هلائيندڙ گلستان شاهه لطيف ٽرسٽ جو اعزازي سيڪريٽري آهي. ساڻس آخري ملاقات ٽي سال اڳ گلستان شاهه لطيف پرائمري اسڪول جي سالياني نتيجي جي تقريب ۾ ٿي. کيس ياد ڏياريو ته سنڌي اخبار ۾ سندس اماڻيل ڪالم ڇاپيندو هوس. ان کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا رابطي جي باوجود ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي. پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول هلائيندڙ هن ٽرسٽ ۾ ڪجهه پراڻا سنڌي، ڪجهه ميمڻ واپاري، ڪجهه ريٽائرڊ تعليمي آفيسر شامل آهن. جسٽس ريٽائرڊ ديدار حسين شاهه ان ٽرسٽ جو اعزازي سيڪريٽري آهي. سندس هن تعارف جي گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج، سنڌ اسيمبليءَ جو اڳوڻو ميمبر لاڙڪاڻي ضلعي ڪائونسل جو اڳوڻو چيئرمين سيد ديدار حسين شاهه کي تازو ئي مُلڪ جي صدر آصف علي زرداريءَ قومي احتساب بيورو (نيب) جو چيئرمين مقرر ڪيو ته مُلڪ ۾ ديدار حسين شاهه خلاف ٻائيتال مچي ويو. سڀ ڳجهيون ايجنسيون ديدار حسين شاهه جا پراڻا فائل ڳولي رهيون آهن. ٻيو ڪجهه نه به ملي سگهيو ته ايترو ڪافي آهي ته پيپلز پارٽيءَ جو حامي آهي ڇو ته ٻه ڀيرا جو پ پ جي سيٽ تي ايم پي اي جو بڻيو. ممتاز ڀٽو کي شڪست جو ڏنائين، ان ڪري واويلا. مسلم ليگ (ن) سان واڳيل چوڌري نثار علي پڻ جسٽس ديدار حسين شاهه جي مقرريءَ جو مخالف آهي.

    مسلم ليگ (ن) جي ٽريڪ رڪارڊ تي ديدار حسين شاهه جهڙيون تمام گهڻيون آساميون رکيل آهن. سندس سياسي حامي اڄ به اهم عهدن تي مقرر ٿي پنجاب ۾ روپوش آهن. هي اهائي پارٽي چوي پئي جنهن سينيٽر سيف الرحمان کي احتساب بيورو جو چيئرمين مقرر ڪيو هو. سيف الرحمان جنهن بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري سميت هن ملڪ جي سمورن انهن ماڻهن تي ڪرپشن جا ڪيس داخل ڪيا جن کي بينظير ڀٽو جو حامي تصور ڪيو پئي ويو. سيف الرحمان جنهن اسٽيل مل جي اڳوڻي چيئرمين عثمان فاروقي جي زال ۽ ڌيءَ شرميلا فاروقيءَ سان جٺيون ڪرايون، جنهن صحافت تي تڏهوڪي سرڪار ۾ پابنديون هڻايون هيون. ان زماني ۾ سيف الرحمان مسلم ليگ (ن) جو اهم پرزو هو. اُهو زمانو چوڌري نثار ۽ مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي وسري ويو آهي. ملڪ جي هاڻوڪي صدر آصف علي زرداري کي قتل ڪرڻ جي سازش ۾ گهربل جوابدار سنڌ جو اڳوڻو آءِ جي راڻا مقبول روپوشي جي حالت ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ هائوس ۾ آهي. آءِ ايس آءِ جو اڳوڻو سربراهه ۽ هڪ ڏينهن لاءِ فوج جو سربراهه مقرر ٿيندڙ جنرل ضياءَ بٽ کي مسلم ليگ (ن) اهم عهدو ڏنو آهي.

    ميان نواز شريف پنهنجي مرحوم والد جي فرمائش تي پنهنجي والد جي دوست رفيق تارڙ کي ملڪ جو صدر بڻائي ڇڏيو هو. رفيق تارڙ جيڪو ريٽائرڊ جج هو ۽ نواز شريف خلاف سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس دوران مٿس اهو الزام لڳو هو ته هُو پئسن جا بيگ ڀري ڪوئيٽا ويو هو. هي سڀ ماڻهو نواز شريف دور جا ڪردار هُئا، ان دور ۾ چوڌري نثار پڻ اهم ڪردار هو پر اڄ کيس سنڌي ڳالهائيندڙ ديدار حسين شاهه نيب جي چيئرمين جي صورت ۾ قبول ناهي. اسٽبلشمينٽ جا اهم مُهرا پڻ ديدار حسين شاهه جي مخالفت ۾ لڳي ويا آهن. پنجاب ۾ خيبر پختونخواه ۾ جسٽس ديدار حسين شاهه جي مقرري جي مخالفت ٿي رهي آهي. ڪير به اهو اعتراض ڪونه ٿو اٿاري ته اويس احمد غني خيبر پختونخواه جو گورنر ڇو آهي؟ هن ملڪ ۾ اسٽبلشمينٽ جا پُرزا سمورن اهم عهدن تي سنڌين جا مخالف رهندا آيا آهن. سنڌ ۾ سنڌي چيف سيڪريٽري ۽ سنڌي آءِ جي جي مخالفت ڪبي پر پنجاب جو آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري ڀلي پنجابي ڳالهائيندڙ هجي. سنڌي ڳالهائيندڙ صدر جي مخالفت ڪبي پر وزيراعظم جي واکاڻ ڪبي. سينيٽ چيئرمين ايڏو خراب ناهي پر قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر تي جانبداريءَ جو الزام ضرور لڳندو. هي اسٽبلشمينٽ جو هڪ رويو آهي، جنهن جي ترجماني مسلم ليگ (ن) جي قيادت ڪري رهي آهي.

    پنجاب اسيمبليءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ قرارداد آڻي پيپلز پارٽيءَ کي پنجاب ۾ ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪبي، پوءِ ڀل باقي ٽن صوبن ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف شديد نفرت ڇونه هُجي. هن ڀيري پنجاب اسيمبليءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ قرارداد آڻڻ جو صرف هڪڙو ئي مطلب آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ خلاف ان بهاني ئي هاءِ گهوڙا شروع ٿي سگهي. سو اسٽبلشمينٽ هڪ طرف نيب چيئرمين مقرر نه ٿيڻ تي راند کيڏي رهي هئي ۽ چوڌري نثار جهڙا مُهرا ان ڳالهه تي زور ڏيئي رهيا هئا ته نيب جو چيئرمين جلدي مقرر ڪيو. ساڻس وزيراعظم صلاح مصلحت به ڪئي پر کيس سنڌي ڳالهائيندڙ ديدار حسين شاهه جي مقرري تي اعتراض هو.

    ذريعن چواڻي ته چوڌري نثار حسين جو خيال هو ته جيڪڏهن ڪو ريٽائرڊ جج ئي نيب چيئرمين ڪرڻو آهي ته به سنڌي نه هُجي. اڻ سڌي ريت سندس اشارو سنڌ ۾ انهن غير سنڌي ريٽائرڊ ججن ڏانهن هوندو جيڪي سندن خيال ۾ سندن لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهيا پئي. مثال جسٽس ريٽائرڊ سعيدالزمان صديقي، جسٽس ريٽائرڊ وجيهه الدين جسٽس ريٽائرڊ ناصر اسلم زاهد وغيره وغيره. انهن سڀني لاءِ غير جانبداريءَ جا سرٽيفڪيٽ تيار پيل آهن پر جسٽس ريٽائرڊ ديدار حسين شاهه ڀل سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس رهيو هُجي، سپريم ڪورٽ جو سينئر جج رهيو هُجي، پر اُهو ڪنهن کي به نه ٿو وڻي.

    جيڪڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرعام اِهو چوي ته شريف خاندان جا مٿس احسان آهن ته ان جو مطلب ڇا ورتو وڃي. پر ڪارڻ اِهو آهي ته سندن اجازت کان بغير ڪيئن ٿيو. مُلڪ جي صدر ۽ وزيراعظم کي ڄڻ ڪو اختيار ئي ناهي. مسلم ليگ (ن) جيڪا مخالف ڌر ۾ به آهي پر سندس مرضيءَ سان هر ڪم ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن صدر زرداري پنهنجا صوابديدي اختيار به استعمال ڪري ته اهو سڀ ڪجهه پوءِ اسٽبلشمينٽ کي قبول ناهي. پوءِ عدالت ۾ وڃڻ جي ڌمڪي، پارليامينٽ ۾ قبول نه ڪرڻ جي ڌمڪي، هي تعصب ۽ تنگ نظريءَ جي انتها آهي. جيڪا پاڻ کي جمهوريت پسند سڏائيندڙ جماعت کي ڪنهن به ريت زيب نه ٿي ڏئي.

    جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي مفاهمت ۾ گُم آهي ان ڪري جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي پر اڄ مسلم ليگ (ن) کي چارٽر آف ڊيموڪريسي ياد اچي وئي. ارڙهين ترميم وقت چارٽر آف ڊيموڪريسيءَ جي مخالفت ڪندڙن ۾ مسلم ليگ (ق) سان گڏ مسلم ليگ (ن) به شامل هئي. پر هاڻي مسلم ليگ (ن) چوي ٿي ته نيب چيئرمين جي مقرري چارٽر آف ڊيموڪريسي مطابق ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم خود اهو به چيو آهي ته صرف ديدار شاهه نه پر جسٽس ريٽائرڊ مختيار جوڻيجي تي به چوڌري نثار کي اعتراض هو. جسٽس مختيار جوڻيجو ته ڪڏهن به پيپلز پارٽيءَ ۾ به نه رهيو ۽ هُو مڪمل طور تي پروفيشنل جج هو. پر مختيار جوڻيجو به سنڌي ڳالهائيندڙ آهي. شايد ڪوبه سنڌي ڳالهائيندڙ قبول ناهي. خود حڪمران پارٽيءَ اندر ويٺل اسٽبلشمينٽ جي حامين کي به اهو قبول ناهي ته اهڙي اهم عهدي تي ڪو سنڌي ماڻهو به هُجي. نواز شريف دور ۾ ئي سنڌي ڳالهائيندڙ چيف جسٽس سجاد علي شاهه کي ڪهڙي ريت دربدر ڪري سپريم ڪورٽ مان ڪڍيو ويو هو. سندس خلاف جعلي فيصلو ڏياري ٻاهر ڪڍيو ويو هو ۽ سنڌي صدر جي مقرري جي پهرين ڏينهن کان وٺي اڄ تائين هڪ مهم هلي رهي آهي. نواز ليگ سڌي ريت اظهار ڪري چُڪي آهي ته بس کيس آصف زرداري صدر طور قبول ناهي. ان ڪري ڳالهه چٽي پئي آهي. سنڌي قومپرستن ۾ جيڪي ڌريون اندروني طور نواز شريف لاءِ ”گرائونڊ ورڪ“ ڪري رهيون آهن، انهن کي پڻ سمجهڻ گهرجي ته نواز ليگ جو سنڌين ڏانهن رويو ڇا آهي؟

    روزانه عبرت جي ٿورن سان

    انسانوں کو ناانصافی کے ترازو پر نہ تولا جائے……عرض حال…نذیر لغاری

    http://criticalppp.com/archives/25722
     
  2. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: نيب جو سنڌي چيئرمين به نه ٿو وڻي!

    نه رًًڳو اسٽيبلشمينٽ پر اردو ميڊيا به سنڌين جو دشمن آهي۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: نيب جو سنڌي چيئرمين به نه ٿو وڻي!

    ادا اهيا حقيقت آهي ته ڪو به سنڌي جيڪو ڪنهن وڏي عهدي تي هوندو آهي اهو مخالفن کي چڀندو رهندو آهي، پر مان ته هت صرف شاه صاحب جو هڪ شعر پڙهندس
    الله کر جيئن، مندي جن جي من ۾
    اسان ۽ پرين جون شل اميندون پسن
    تنهان پوءِ مرن سڙي انهيء سور م ​


    [​IMG]
    سيد ديدار حسين شاهه جو مختصر تعارف ​
    سيد ديدار حسين شاهه رتي ديري جي ڳوٺ غلام حيدر ۾ جنم ورتو. هن 1962 ۾ گريجوئيشن ڪئي. 1965 ۾ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪري ورتي، جنهن بعد هن 1967 ۾ وڪالت شروع ڪئي. پ پ جي ٽڪيٽ تان 1988 ۽ 1990 ۾ ٻه ڀيرا ايم پي اي چونڊيو. هن فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽو آڏو چونڊ وڙهي کيس شڪست ڏني. ديدار حسين شاهه 1994 ۾ سنڌ ها ءِڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج ٿيو. ان بعد هو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس به رهيو. ديدار حسين شاهه 2004 تائين سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس به رهيو. هو رتي ديري ۽ لاڙڪاڻي جي ڪائونسل جو چيئرمين به رهي چڪو آهي.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نيب جو سنڌي چيئرمين به نه ٿو وڻي!

    ادا ممتاز مهرباني جو اوهان سنڌ جي هن شخصيت جي تاريخ به لکي۔ مان ٻڌائيندو هلان ته ديدار شاه صاحب هن وقت به سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو رڪن پڻ آهي ۽ تعليم جي ميدان ۾ سنڌين جي ترقي جو خواهان پڻ آهي۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: نيب جو سنڌي چيئرمين به نه ٿو وڻي!

    ادا سنڌي بيوروڪريٽس ۽ ماهرن جي اڪثريت هن حڪومت ۾ سٺي عهدن تي لڳي آهي پر انهن جي هجڻ سان سنڌي قوم کي ڪو فائدو ته نه پيو آهي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو