ادا عاشق بهترين ونڊ آهي.
بلڪل صحيح ادا ۔ ڪاش اسان پنهنجي ڏاهن جي چيل قولن تي عمل ڪريون ته جيڪر نقصان ۾ نه وڃون
ادا توهان سچ چيو آهي ۽ اسان خيالن جا محل ٺاهي ٺاهي پنهنجي زندگي ختم ڪري ڇڏيندا آهيون، جڏهن ته عمل ۾ هڪ لمحو به گذارڻ لاء ڪوشش ناهيون ڪندا جنهن جا نتيجا اڄ اسان جي سامهون آهن، دنيا ڪاٿي وڃي پهتي آهي چنڊ تي ۽ اسان اهي ئي جنڊ تي
عاشق ڀاءُ ساڳئي ڳالهه مولا علي عليه السلام جي هن قول مان به پڌري آهي ته ۔۔
“پاڻ کي خواهشن کان بچايو ۽ فقط ضرورتن تائين محدود رکو، ڇو ته ضرورتون فقير جون به پوريون ٿي وڃن ٿيون پر خواهشون بادشاهه جون به اڌوريون رهجي وڃن ٿيون“