ٽماٽن جا فائدا

'صحت سرير جي' فورم ۾ حڪيم محمد يوسف کتري طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2009۔

  1. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ٽما ٽن مان ٺهيل دوائن جا فائدا
    محققن جو خيال آهي ته ٽماٽن جو ڪيچ اپ کائڻ سان ارهن جي ڪينسر ۽ هڏين جي ٽٽڻ جو امڪان گھٽجي وڃي ٿو.انهيءَ جو سبب ٽماٽن ۾ موجود لائيڪوپن جي ڪري آهي جيڪو هن کي ڳاڙهو رنگ ڏي ٿو.گذريل چند سالن جي تحقيق جي دوران اها به خبر پئجي چڪي آهي ته اهي شيون جيڪي ٽماٽي مان ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ جن ۾ لائيڪو پين زياده اهي اهي مردن جي غده قداميه جي ڪينسر ۾ به مفيد اهن .تنهنڪري پهروڪي ۽ هاڻوڪي تحقيق جي مطالعي کان پوءِ اهو چئي سگھجي ٿوته ٽماٽي ۾ موجود لائيڪوپن مرد ۽ عورت ٻنهي جي لاءِ مفيد آهي ارهن جي ڪينسري خلين تي لائيڪوپن ۽ ٽماتي ۾ موجود دوا ۽ طاقتور جزن جو ڪهڙو اثر پوي ٿو.مشاهدي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته جڏهن خلين جو انهن طاقتور جزن سان واسطو پيو ته اهي پهرين وانگر تيزي سان وڌندا رهيا .جڏهن انهن ٽنهي مقوي جزن جو مقدار وڌايو ويو ته سرطاني خلين جي وا ڌ رڪجي وئي.
    ٻي تحقيق هالينڊ ۾ ٿي ته جنهن مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته اهڙي غذا سان هڏين جي ٽٽڻ کي روڪي سگھجي ٿو جنهن ۾ ٽماٽو گھڻو هجي پيري ۾ هي بيماري گھڻو ڪري عورتن ۾ وڌي ويندي آهي جنهنجي جي ڪري سندن هڏين جي ٽٽڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي ٻن نمونن جي خلين ج جائزو ورتو ويوهڪ اهڙو خليو هو جيڪو هڏين کي سخت رکي ٿو ۽ بيو اهو جيڪو هڏين کي نرم رکي ٿو يعني طبعي ۽ غير طبعي گھرڙن کي مشاهدي ۾ رکيو ويو .ظاهر آهي ته هڏين جي ٽٽڻ جو تعلق غير طبعي گھرڙن سان آهي خبر پئي ته لائيڪو پن غِر طبعي گھرڙن تي ڪنٽرول ڪري ٿو .
    هڏين جي ٽٽڻ جي مرض کي هڪ خاموش بيماري چيو ڃي ٿو پر حقيقت اها آهي ته هڏي جو وڌڻ 35 سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو آهي انهيءَ کان پوءِگھٽجڻ جوعمل شروع ٿي وڃي ٿو. انهي ءَ ڪري ماهرن جو خيال آهي ته ٽماٽي جو استعمال هر عمر ۾ جاري هجڻ گھرجي
    ڪينيڊا جا سائنسدان هاڻ اهو ڏسڻ چاهين ٿا ته جيڪڏهن ٽماٽي جي ست مان گوريون ٺاهيو وڃن ته هڏين جي ناڪاره ٿيڻ تي ڪيترو فائدو ڪنديون هيستائين هوو انهيءَ نتيجي تي پڳ آهن ته جيڪڏهن روزانو ٽماتي جو 8 آئونس رس پيتو وڃي يا ڏيڍ سو گرام پاستا ساس کاڌو وڃي يا لائيڪوپن جي هڪ گولي کاڌي وڃي ته جسم ۾ لائيڪوپن جو مقدار مناسب سطح تي رهي ٿو.ان ماهرن جو خيال آهي ته گھڻن ماڻهن کي مناسب مقدار ۾ لائيڪوپن نه ملندو آهي. اها ڳالهه عجيب آهي ته اسان جو جسم تازن ٽماتن مان ايتري لائيڪوپن جذب نه ڪندو آهي جيتري رڌل ٽماٽن مان حاصل ڪري ٿو
    ڪجھ عرصو پهرين مثاني جي غدود جي ڪينسر ۾ ٽماٽي مان ٺهيل شين باب جيڪاتحقيق ٿي هئي انهيءَ مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو هو ته جيڪڏهن ٽماٽي جو ڪيچ اپ هفتي ۾ هڪ دفعو کاڌو وڃي ته ته مردن ۾ مثاني جي غدود جي ڪينسر جو خطرو ٽيون حصو گھٽجي وڃي ٿو


    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا حڪيم محمد يوسف کتري صاحب
    حق موجود؛
    مهربانيون اهڙي ڪارائتي ڄاڻ ڏيڻ تي، واقعي الله ذوالجلال اسان لاءِ اهڙيون نعمتون، پئدا ڪيون آهن جو انسان جيترا شڪرانا ادا ڪري گهٽ آهن ...
    ادا سائين، هڪ سوال آهي ته ٽماٽي کائڻ سان مساني ۾ پٿري به ٿي پوندي آهي ڇا؟
    جڙيل هجو شال
    نثار ابڙو
    مڪو پاڪ
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين محمد يوسف صاحب توهان جي مهرباني اهڙي قيمتي ڄاڻ ڏيڻ لا۽
    لک ٿورا توهان جا سائين
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين حڪيم صاحب توهان جون لک مهربانيون، جو اسان کي لال ٽماٽر جي باري ۾ اهڙي ناياب معلومات ڏني۔ سائين هڪ دفعو ٻيهر مهرباني
     
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ٽماٽن جا فائدا

    لک ٿورا سائين حڪيم صاحب
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ٽماٽن جا فائدا

    زبردست شيئرنگ آهي ادا
     
  7. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٽماٽن جا فائدا

    ادا سائين !
    اڄ ته سنڌ سلامت تي رڳو حڪيمن جو قبضو آهي۔مان ڀڄان ٿو ،الائي جي، ڪيتري وقت کان پوءِ وڃي سنڌ سلامت ڳولي لڌي ،پر اتي به رڳو ٽماتن ، انبن ،ليسوڙن۽گدرن وغيره جا فائدا ۔ جيڪي خريد ڪري کائي نه ٿو سگهان۔
    رڳو وات ٿو پاڻي پاڻي ٿئي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو