روزاني ڪاوش جي ٿورن سان. آگسٽ 1947ع جي ڏينهن مسلمانن جي الڳ ملڪ پاڪستان جي ٺهڻ جون خوشيون ملهائجي رهيون هيون، ته ان ئي ڏينهن حيدرآباد جي هڪ قديم ڳوٺ ٽنڊي مير محمود جي سيد گهراڻي ۾ هڪ ٻار جي هن دنيا ۾ آمد ٿي، هن جو نالو گهر وارن حسين شاهه بخاري رکيو. منهنجو سياسي استاد حسين شاهه بخاري هو. 1969ع ۾ جڏهن منهنجي عمر 10 سال هئي، ان وقت ون يونٽ جي خلاف سنڌ جي شاگرد تحريڪ جو عروج هو. آئون به اسڪول مان ڀڄي ان جلوس ۾ شرڪت ڪندو هئس ۽ حسين شاهه بخاري جون پرجوش تقريرون اسان جي جوش کي وڌائينديون هيون. سمري ملٽري ڪورٽ حيدرآباد حسين شاهه بخاري، غازي صلاح الدين، لالا قادر، اقبال ترين، يوسف ٽالپر کي سزا ٻڌائي هئي، جنهن ۾ وڪيل جي اجازت نه هئي. سنڌ جي شاگردن جو ڪيس وڙهڻ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پيش ٿيو. شجاعت، بهادري ۽ شعلا بياني حسين شاهه بخاري جي نس نس ۾ ڀريل هئي. هن جنرل ايوب، جنرل يحيٰ خان، جنرل ضياءُ الحق جي سخت ترين مارشل لا کي للڪاريو ۽ گرفتار ٿيو پر معافي نامو لکي ڏيڻ بجاءِ هن جيل ڪاٽڻ کي ترجيح ڏني. حسين شاهه بخاري جڏهن به تقرير ڪندو هو ته مجموعي تي سحر طاري ٿي ويندو هو، ماڻهو سندس تقرير کي خاموشي سان ٻڌندا هئا. ان تقرير ۾ سچائي جي جهلڪ ڏسڻ ۾ ايندي هئي، جيڪا اڄ هن دور ۾ ناياب ٿي چڪي آهي. سيد حسين شاهه بخاري ذاتي فائدا وٺڻ بدران سڄي زندگي عوام جي خدمت ڪندي، انهن کي شعور ڏيندي گذاري. سال 2002ع ۾ اڄوڪي ڏينهن تي هڪ ڏکوئيندڙ حادثي ۾ هن راهه باني ورتي ۽ خالق حقيقي سان وڃي مليو. دوست محمد ڀٽي/حيدرآباد