پنجن هزار سالن جي تهذيب جي وارث قوم، جيڪا خوددار هئي، مهمانواز مشهور هئي، لوڪ ڏاهپ ۽ لوڪ گيت سندس سڃاڻپ هئا، هٿ جي هنرن ۾ ڪير سندن ثاني نه هو، جنهن جي سادگي ۽ سٻاجهائپ جا هر پاسي چوٻول هئا، اڄ اها سنڌي قوم روڊن ۽ رستن تي جهول ڦهلائي بيٺي آهي. حڪمرانن اهڙا بيان به پئي ڏنا ته ”ايتري امداد ملي آهي جو سنڀالڻ مشڪل ٿي پئي آهي.“ يا وري اهو چيو ويو ته ”پاڪستان ۾ پئسي جي ڪمي ناهي.“ پر پوءِ به ماڻهو خالي هٿ ۽ خالي جهول کڻي بيٺا آهن، امداد ورهائڻ لاءِ ڪا به شفاف ۽ غير جانبدار ڪاميٽي جوڙڻ بدران امداد ورهائڻ جي ذميواري وڏيرن، رئيسن ۽ جاگيردارن جي حوالي ڪئي وئي آهي، جيڪي امداد ورهائڻ جو ڪريڊٽ کڻي انتهائي خوش آهن. انهن مان ڪجهه ايم پي اي، ايم اين اي اهڙا به آهن، جيڪي امدادي سامان سان ڀريل گودامن کي تالا ڏيئي اسيمبليءَ جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ نڪري وڃن ٿا، سندن پٺيان ڏتڙيل عوام کي اهو چئي درن تان موٽايو وڃي ٿو ته سرڪار پاڻ اچي پنهنجي هٿن سان امداد ورهائيندي. صدين جي تاريخ جي وارث سنڌي قوم هڪ پينو جو روپ ڌاري رستن تي هٿ ٽنگي ويٺي آهي، اهو هڪ فڪر جو لمحو آهي. سموري سنڌي سماج لاءِ اديبن، دانشورن ۽ سماج سڌارڪن لاءِ جيڪي خوبصورت ڳالهين، دعوائن ۽ پرفريب لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ کان علاوه اڃان تائين کليل طور تي ڪجهه به نه ڪري سگهيا آهن. سنڌي ماڻهو ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ آهن، سيموئل بڪيٽ جي ڊرامي Waiting for Goddot جي ڪردار جيان جنهن جو شدت سان انتظار ڪيو وڃي ٿو. اهو ڪردار گڊو هڪ نئين سوچ ۽ تبديليءَ جو اهڃاڻ آهي. هو ايندو ته بيٺل پاڻيءَ جهڙي زندگي هڪ ڪشادي درياهه ۾ بدلجي ويندي، پر پهرين سين کان آخري سين تائين اهو مسيحا يا رهبر ظاهر نٿو ٿئي. سنڌي قوم به لڳي ٿو ته اهڙي ڪنهن مسيحا يا رهبر جي انتظار ۾ آهي. ”گڊو“ هڪ خوشفهميءَ جو نالو ئي ڇو نه هجي، پر اها خوشفهمي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ اتساهه جو سبب بڻجي ٿي. خواب ساڀيان ماڻين يا نه، پر خواب ڏسڻ تبديليءَ جو پهريون ڏاڪو آهي. تبديلي ٻاهرين اثر کان وڌيڪ ذهني ڪيفيت جو نالو آهي. تبديلي سوچ جي بدلجڻ سان اچي ٿي، سوچ هڪ طاقت آهي. هڪ بٺ زمين ۾ ٻج پوکڻ سان سلو نه ٿو ڦٽي، ان لاءِ زمين کي زرخيز ۽ هموار بنائڻ لاءِ ڪوشش جي ضرورت آهي. پاڪستان جي سياست بٺ زمين تي ٻج پوکڻ جي ڪوشش آهي، ٻوٽي جي اسرڻ ۾ زرخيز زمين، هوا، پاڻي ۽ روشنيءَ جي هڪجيتري شراڪت ٿي گهرجي. هوا، پاڻي ۽ روشني هجي، پر زمين زرخيز نه هئڻ سان مطلوبه نتيجو ڪڏهن به نٿو ملي سگهي. جمهوريت جو ٻوٽو اڃان ننڍو آهي، جيڪو سخت موسمن سان مقابلو ڪري رهيو آهي. ٻوٽو جڏهن وڌي وڻ ٿئي ٿو ته ان جي ڊيگهه ۽ گهاٽي هجڻ جو تعين موسم ۽ آبهوا تي دارومدار رکي ٿو. دنيا جي ڪيترين قومن تي تباهيون آيون آهن، ڪيترين قومن هڪ ڊگهي بقا جي جنگ وڙهي آهي، سمجهدار قومن ڊهڻ جي لمحن کان تعميري سگهه وٺي خود انحصاريءَ جو هٿيار ساڻ ڪري، پاڻ کي دنيا جي نظرن ۾ سرخرو رکيو آهي. جپان هيروشيما ۽ ناگاساڪي جي تباهيءَ کانپوءِ هٿيار ٺاهيندڙ فيڪٽرين کي صنعتي ترقيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ اچي بيٺو. چائنا به نشي جي اونداهين دور مان نڪري پاڻ کي معاشي طور تي مضبوط ڪري هڪ متحد سماجي سرشتو جوڙي ورتو. جنگ جي تباهه ڪارين کي منهن ڏيندڙ ويٽنام جو نقشو سندس عوام سخت جاکوڙ ۽ خود انحصاريءَ سان بدلائي ڇڏيو آهي. تاريخ ۾ اهڙين ڪيترين قومن جا مثال ملن ٿا، جن محنت ۽ پاڻ ڀرائيءَ جو عزم ساڻ ڪري پنهنجي تقدير پاڻ بدلائي آهي. هتي صورتحال ابتڙ آهي. عوام کي سدائين حڪمرانن ۽ وڏيرا شاهي هڪ مهري طور استعمال ڪيو آهي، جن کي پنهنجي پورهئي جي پوري اجوري کان به محروم رکيو وڃي ٿو. اهو ئي عوام، جنهن کي پاڪستان جي سياست ۾ ثانوي حيثيت جو حامل سمجهيو ويو، ٻوڏ جي وسيع پيماني تي ٿيندڙ تباهيءَ کانپوءِ پاڻ هلي حڪمرانن تائين پهتو آهي. جن کي ڏسي سرڪاري عملدارن جون وايون بتال ٿي ويون، سندن ذاتي ڪم ڪار بيهي ويا ۽ سرڪاري مال ۾ سندن گهوٻين جا سلسلا به منقطع ٿي ويا. سندن بلڊ پريشر هاءِ ٿي ويا ۽ هو ماتحتن تي بنا مند جي برسات جيان وسڻ لڳا. ٻوڏ متاثرين جي مختلف ڪيمپن ۾ قيام دوران سندن مناسب طريقي سان پرگهور نه لهڻ جي هاءِ گهوڙا شروع ٿي وئي، وقت تي ماني پاڻي نه ملڻ، طبي امداد جي اڻاٺ ۽ بنيادي سهولتن جو فقدان انتظامي طور تي غير منظم هئڻ جي نشاندهي ڪن ٿا. هڪ واضح ۽ فعال منصوبا بندي جي کوٽ پڻ محسوس ٿي. ڪجهه ڪيمپن ۾ تمام سٺو انتظام ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن ته ڪيترين ڪيمپن ۾ ماڻهو بک ۽ اڃ تي گذارو ڪندا رهيا. وسيلا هئڻ باوجود به صحيح طريقي سان سندن پرگهور نه ٿي سگهي. ان امداد ورهائڻ دوران به رشوت خور آفيسرن پنهنجا جوهر ضرور ڏيکاريا. ٻوڏ جي ستايل قافلن کي رستي ۾ لٽيو ۽ ڦريو ويو. خالي گهرن ۾ ڦورن ٻيڙين تي چڙهي سامان جو صفايو الڳ ڪيو. ان تمام صورتحال دوران اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ماڻهن جي نفسيات ۾ پنهنجو حق ڦري وٺڻ جو رجحان شامل آهي. اها لٽ مار، ڦرڻ ۽ ڌانڌليون هڪ قوم جي مزاج جو حصو بنايون ويون آهن. جيڪو ڏاڍو آهي اهو سرخرو آهي، ڪمزور سدائين بي وس ۽ نقصان ۾ آهي. پاڪستان جي سياست به ان ٻٽي رويي جي ترجماني ٿي ڪري. سياست جي ايوانن ۾ هڪ غاصب ۽ ڦورو گروپ آهي، جيڪو سازشون سٽي پنهنجو مفاد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. ٻئي پاسي ڪمزور عوام آهي، جنهن جي حقن جو مستقل استحصال ٿيندو رهيو آهي. مارشل لا جي اونداهين ۾ ڪٿي ڪٿي جمهوريت جو چنڊ چمڪندي نظر اچي ٿو، پر ٻيهر بربريت جا ڪارا ڪڪر کيس وڪوڙي وڃن ٿا. جنرل پرويز مشرف آمريت جي قافلي جو آخري سرواڻ آهي، (خدا ڪري ائين هجي) جنهن آمريڪا کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي قابليت جا جوهر ڏيکاريا ۽ طالبان کي وڌيڪ مڇرائي ڇڏيو. آمريڪا طالبان جي آڙ ۾ پنهنجا ڪيترائي مفاد حاصل ڪرڻ گهري ٿو. جيئن آمر سندس هٿ ۾ ڪٺ پتلي بڻيا آهن، ائين جمهوري قوتون به سندس اک جي هلڪي جنبش کان خوفزده رهيون آهن. آئڊيالاجي ڪانهي، اجتماعي شعور ڪونهي، جنهن ۾ عوام جي مسئلن جي حيثيت ثانوي رهي آهي. هي پهرين جمهوريت آهي، جنهن ايترين مشڪلاتن جي باوجود ڪجهه سالن جو سفر ڪاميابيءَ سان طئي ڪيو آهي. جيڪڏهن هيءَ حڪومت پنهنجو جمهوري مدو پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته ايندڙ وقت ۾ جمهوريت جو آئندو روشن نظر اچي ٿو. پاڪستان ۾ نان سويلين حڪومتن ۽ طبقاتي اڻ برابري انفرادي سوچ کي جنم ڏنو آهي. گذريل ڪجهه سالن کان ماديت پرستي جو وڌندڙ رجحان ناانصافين، لاقانونيت ۽ ڏوهن ۾ اضافي جو سبب بڻيو آهي، جنهن غاصب، ڦورو ۽ لٽيرا پيدا ڪيا آهن. اهي ساڳيا وڏيرا، جاگيردار ۽ سرمائيدار عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ مامور ڪيا ويا آهن، جن پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ ذخيرا اندوزي ڪري عوام تي خود ساخته مهانگائيءَ جو عذاب نازل ڪيو آهي. اٽي جي بحران وقت يو اين او جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ”ڪڻڪ جي پيداوار ماڻهن جي گهربل ضرورتن کان ڪجهه گهٽ هئي.“ ڪافي ڪڻڪ ٻاهر اسمگل ڪئي وئي، جيڪا موجود هئي ان جي اڻاٺ کي ظاهر ڪري اگهه وڌايا ويا. اهي ماڻهو اٽي جي هٿرادو اڻاٺ ظاهر ڪري لکين رپيا ڪمائيندا هئا ۽ منافعي جو حصو سياستدانن ۽ حڪمرانن کي پڻ ارپيندا هئا. انهن اٽي جي واپارين ڪجهه سياستدانن سان ملي اضافي ڪڻڪ ٻه سئو ڊالر ٽن جي حساب سان عالمي منڊي ۾ فروخت ڪئي، اٽي جي بحران جي صورت ۾ انهن پنج سئو ڊالر في ٽن جي حساب سان ڪڻڪ خريد ڪري پاڪستان کي سپلاءِ ڪئي ۽ اربين رپيا ڪمايا. اها ماديت پرستي ۽ انفرادي سوچ آهي، جنهن عوام کي سدائين نقصان پهچايو آهي. موجوده ٻوڏ جي دوران ڪيترن زميندارن پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، جن مان اڪثريت اسيمبلين ۾ عوام جو ووٽ کڻي سرخرو ٿي ويٺل آهي. ڏوهه ته سنڌ جي سٻاجهي عوام جو آهي، جيڪي انهن کي رهبر سمجهي اعتماد ڪن ٿا. عوام پنهنجي ووٽ ذريعي کين اسيمبلي تائين پهچڻ ۾ مدد ڪري ٿو، اهي ساڳيا نمائندا تڪليف ۽ ڏک جي وقت عوام جي سچائيءَ سان پرگهور لهڻ بدران پنهنجي بينڪ اڪائونٽس جو گراف وڌائيندا رهن ٿا. موجوده صورتحال جي اها تقاضا آهن ته سمورا سياستدان ۽ حڪمران ذاتي سوچ مان ٻاهر نڪري عوام جي اجتماعي ڀلي لاءِ سوچين، جنهن لاءِ هڪ منظم منصوبابندي جي ضرورت آهي. ٻوڏ کانپوءِ سنڌ جي زرعي صنعت کي وڏو نقصان رسيو آهي، سنڌ جا ساريالي فصل جا علائقا 60 کان 80 سيڪڙو پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. انهن سمورن مسئلن کي سامهون رکي 50 سيڪڙو پيداوار گهٽ لهڻ جو امڪان ڄاڻايو ويو آهي. 200 رائيس ملون پاڻي هيٺ اچڻ سبب ڇڙهائيءَ جو ڪم نه ٿي سگهندو ۽ 50 سيڪڙو چانور ايڪسپورٽ نه ٿي سگهندا. فصلن جي مڪمل طور تي تباهه ٿيڻ کانپوءِ جيڪا صورتحال آهي، ان مطابق ٻوڏ هيٺ آيل علائقن ۾ تڪڙي پوک ممڪن نه آهي. پيداوار جي سگهه گهٽجڻ سان مهانگائي وڌڻ سان گڏ غذا جي اڻاٺ جا مسئلا به سامهون ايندا. ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ حڪومت ڀاڻ ۽ ٻج مفت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان جو ڪو خاطر خواهه نتيجو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ڇو ته ڪيترا علائقا اهڙا آهن، جن ۾ سالن تائين فصل ٻيهر ٿيڻ جو امڪان نظر نٿو اچي. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پوک سان وابسته ماڻهن کي روزگار جو ڪو ٻيو ذريعو ڏنو وڃي. اهو ڪم حڪومتي سطح ممڪن ٿي سگهي ٿو. اهي زميندار، جن غير قانوني طور تي ڪٽ ڏيئي آبادي وارن علائقن کي هٿ سان ٻوڙيو، انهن تي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۽ انهن لاءِ وسيلا پيدا ڪرڻ جي ذميداري رکي وڃي، يا وري انهن ماڻهن کي ٻين علائقن ۾ زمينون ڏيئي آبادگاريءَ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. ڪا به ڳالهه ناممڪن آهي، مسئلن کي ورجائڻ بدران جيڪڏهن انهن جو حل ڳوليو وڃي ته هڪ مسئلي جا ڏهه حل موجود آهن. ڪنهن زماني ۾ آمريڪا ۾ روز هزار ٽن خوراڪ ضايع ٿيندي هئي، ريسٽورينٽ ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ کاڌو ضايع ٿيندو هو، جڏهن ته لکن جي تعداد ۾ ماڻهو فاقه ڪشي ڪرڻ تي مجبور هئا. ڪجهه باشعور ماڻهن اڳتي وڌي فوڊ بينڪ جي نالي سان اين جي او جو بنياد وڌو، جيڪي هوٽلن ۽ ريسٽورينٽ مان بچيل کاڌو کڻي گرم ڪري ضرورتمندن تائين پهچائڻ لڳا. ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترا صاحبِ اختيار ماڻهو انهن سان شامل ٿي ويا. اهو فقط هڪ مثال نه آهي، باشعور قومن وٽ ايترا ڪيترا مثال موجود آهن، جڏهن مشڪل وقت ۾ اڳتي وڌي هنن پنهنجي هم وطننن جي دل و جان سان مدد ڪئي. اسان وٽ گهرن، دعوتن ۽ شادين ۾ بي انداز کاڌو ضايع ٿئي ٿو، اهو کاڌو جيڪڏهن ڪيمپن ۾ موڪليو وڃي ته هڪ بهتر صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. مون هڪ خاتون کي اهو ڪندي ڏٺو ته هوءَ بچيل کاڌو پيڪ ڪري جڏهن به ڪم سان ٻاهر ويندي هئي ته فقيرن ۽ ضرورتمندن ۾ ورهائي ڇڏيندي هئي، پر انفرادي سوچ جا حامل ماڻهو فقط پنهنجي مفاد جي دائري ۾ ڦرندا رهن ٿا. مصيبت ۾ ڦاٿل انسانن جي مدد ڪرڻ واري سوچ آمريڪا جهڙي ناپسنديده ملڪ ۾ ته نظر اچي سگهي ٿي، پر مسلمان ملڪن ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. دنيا جي امير ترين ماڻهو بل گيٽس جو تعلق به آمريڪا سان آهي، جنهن جا ڪيترا فلاحي ادارا انسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته دنيا جي ٻئي امير ترين عرب شهزادي جا جوا جا اڏا سڄي دنيا ۾ ڦهليل آهن. يورپي ملڪ هجن يا آمريڪا هجي، پر انساني فلاحي ڪمن ۾ رڌل آهن. هنن اها رمز پرکي ورتي آهي ته سڪون ۽ خوشحالي تڏهن ممڪن آهي، جڏهن معاشري مان بي سڪوني ۽ معاشرتي اڻ برابري ختم ڪئي ويندي. هو جيڪا ڳالهه پنهنجي لاءِ خراب سمجهن ٿا، اها ٻين لاءِ به سٺي نه آهي. هنن حقن ۽ ذميدارين ۾ هڪ توازن ڳولي لڌو آهي. وقت هميشه ساڳيو نٿو رهي، ڪي قدرتي آفتون ۽ سانحا قومن جي ظرف کي آزمائڻ جي ڪسوٽي بڻجي وڃن ٿا. تضاد ۾ اصليت کلي سامهون ايندي آهي، ڪڙي آزمائش ۾ چهرن تي پيل ٻيائي جا نقاب کُلي ويندا آهن، قوم جي بگڙيل نفسيات جا ڪيئي لڪل ۽ پيچيده رخ سامهون ايندا آهن، قومن جي نفسيات اتي جي حڪمرانن جي عملن سان ٺهندي يا ڊهندي آهي. حڪمرانن جيڪو ٻيائيءَ جو سلو پوکيو، قوم اها پوک لڻي رهي آهي. ٻوڏ جي آفت سنڌي قوم جي خودداريءَ کي هڪ وڏو ڌڪ رسايو آهي. انهن پورهيتن، جن ڪڏهن ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگيو هوندو، قطارن ۾ ويهي ماني ملڻ جو انتظار ڪن ٿا، هو امداد لاءِ واجهائي رهيا آهن. کين هٿ ٽنگيندي ڏسي سندن ٻارن جي ذهنن تي ڇا اثر پوندو، جيڪي اڳتي هلي گُهري کانئڻ کي عيب نه سمجهندا، يا انهن جي معصوم ذهن ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين جو خوف مستقبل ۾ ذهني پيچيدگين ۾ بدلجي ويندو! ڇا هو پينو جي روپ ۾ ذهني مريض ٿي زندگي گذاريندا!!؟
جواب: ڪنهن نجات ڏياريندڙ جو انتظار ڪندڙ سنڌ! ابا سهڻا سائين ڀلي ڀلي ڪري آئين۔ با مان ته وڏا وس ڪيا آهن اوهان جو تعارف ڳولڻ جي لا ڪاٿي ملي ئي ڪان ٿو۔ سهڻا تعارف ڪرائي پو ته بسم الله پڙهين هان۔
جواب: ڪنهن نجات ڏياريندڙ جو انتظار ڪندڙ سنڌ! دوست اوهان جي مهرباني۔ اچڻ سان هيڏو وڏو ۽ سوچن سان ڀرپور ليک لکي اوهان قرب ڪري ڇڏيا۔ ادا ڪو ٻاهران اچي سنڌ کي نجات ڪونه ڏياريندو۔ دنيا جا سڀ ملڪ پنهنجي پنهنجي مفاد جي جنگ پيا لڙن۔ تنهنڪري اسان کي پاڻ مان ئي ڪا سچي قيادت پيدا ڪرڻي پوندي۔ جيستائين سٺي ، بيباڪ ۽ بي لوث قيادت نٿي پيدا ٿئي تيسين سنڌ جي نجات ته ڪٿ نظر ڪانه ٿي اچي۔ پوء به مايوس ناهي ٿيڻو۔ اونداه ضرور آهي پر رات کانپوء صبح ضرور ٿيندو آهي۔ ڏکن پٺيان سک ضرور ايندا آهن۔ بس اسان کي ثابت قدم رهي اميد جو دامن ناهي ڇڏڻو۔ مان قمر شهباز جو ڪجه سٽون آهن ڪو شهر هجي اميدن جو جت آس هجي، پر پياس ٻجهي؛ جت ساز چُري، آواز ٻُري، ۽ روح ۾ ڪوئي راز سُري؛ جت صبح هجي – رنگين صبح، ۽ شام به سون پگهاري، لا! جو فردا جو ڪو غم نه ڪري، ۽ ماضيءَ ڏي نه نهاري، لا! ڪو شهر هجي اميدن جو – جت سُوريءَ جو معراج هجي، جت منصورن جو راڄ هجي، پوءِ نيٺ ته رات به کُٽندي هو! ۽ آخر باک به ڦٽندي، هو!
جواب: ڪنهن نجات ڏياريندڙ جو انتظار ڪندڙ سنڌ! ادا سڀني دوستن جي مهرباني جو توهان منهجني تعريف پيا ڪيو لک لائڪ اوهان جا۔ باقي پيارا دوست مان ڪجھ شيون پاڻ ت ڪجھ وري سنڌي اخبارن مان سليڪٽ ڪري موڪليندو آهيان