سنڌ جي ثقافت ۾ نياڻي کي وڏي عزت وارو درجو ڏنو ويو آهي، اڄ به جتي قبيلائي جهيڙا ۽ قتل عام ٿين ٿا، انهن جي حل لاءِ جڏهن سنڌ جا ماڻهو نياڻي ميڙ ڪري وڃن ٿا ته اهي ڌريون انهن نياڻين جي احترام ۾ انهن نياڻين کي عزت ڏيڻ لاءِ سڀ جهيڙا ختم ڪري خون به معاف ڪريو ڇڏين، اڇڙي ٿر جي نياڻي لوئي لڄ جي محافظ بڻيل آهي، مارئي جهڙا ڪردار جن عمر بادشاهه جي محلن کي به ٿڏي ڇڏيو ۽ چيو ته آئون پنهنجن مسڪين ماروئڙن سان انهن جهوپڙن ۾ جيترو خوش آهيان، ان کي بيان نٿي ڪري سگهان، ٿر جي ان علائقي جي وڏي شهر کپرو جتي ورهاڱي کانپوءِ ٿر جي ان ثقافت عزت ۽ احترام جا سڀ ليڪا لتاڙجي چڪا آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ اڇڙي ٿر جي علائقي کپري جي 15 سالن جي نياڻي زينب ڀيو سان ٿيل شرمناڪ لڄالٽ ۽ ان جي وڊيو انٽرنيٽ تي رکڻ جي مذمت ڪئي پئي وڃي ۽ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي ته اهڙي حرڪت ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي، ان واقعي ۾ ملوث ٽن ڇوڪرين کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، جنهن لاءِ جسقم آريسر گروپ پاران کپري شهر ۾ مڪمل هڙتال ڪرائي وئي، هڙتال واري ڏينهن سمورو کپرو شهر مڪمل طور بند رهيو، ايتري حد تائين جو پيٽرول پمپ، ريڙهيون، ٽرانسپورٽ به بند رهي، هزارين ماڻهن احتجاج ڪيو، ٽائرن کي باهيون ڏنيون، کپري ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته سنڌ جي نياڻي زينب ڀيو سان لڄالٽ ڪندڙ گروهه ۾ شامل ٽن ڇوڪرين تحريم، فراسط ۽ ناياب قائمخاني کي گرفتار ڪيو وڃي، جنهن لاءِ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري زينب ڀيو چيو ته آئون اسڪول ۾ هيس ته مون کي تحريم قائمخاني چيو ته اسڪول جي موڪل بعد اسان جي گهر هل، اتي ويس، اهي منهنجون سهيليون هيون، انهن مون کي مٺائي کارائي، جنهن بعد آئون نيم بيهوش ٿي ويس، مون کي خبر ئي نه پئي ته ڇا پيو ٿئي، آئون ڏسان سڀ ڪجهه پئي ته چئن ڇوڪرن دانش، سهيل، جهانزيب ۽ وسيم قائمخاني مون سان واري واري تي لڄالٽ ڪئي پر مون کي ايترو حوصلو ۽ هوش نه هو ته آئون ڇا ڪريان، مٺائي ۾ اهڙو ڪو نشو مليل هو، انهن وحشي نوجوانن اڳ به ڪيترن ئي نياڻين سان اهڙيون حرڪتون ڪيون آهن، انهن منهنجي ۽ منهنجي خاندان جي زندگي برباد ڪري ڇڏي آهي پر کپري جون ٻيون نياڻيون ته انهن جي ظلم ۽ بليڪ ميلنگ کان بچي سگهن، ڳالهائيندي سڏڪا ڀريندڙ تذليل جو نشانو بڻيل سنڌ جي نياڻي چيو ته آئون کي سلام پيش ڪريان ٿي، جن منهنجو ساٿ ڏنو، اجتماعي ڏاڍائي جو شڪار ٿيل هي نياڻي انتهائي شديد ذهني دٻاءُ ۾ هئي، سندس گهر ڀاتي گهر خالي ڪري هليا ويا آهن ۽ هي نياڻي پنهنجي چاچي ڊاڪٽر امين ڀيو وٽ پناهه وٺي ويٺل آهي، جتي سندس والد لعل خان ڀيو سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو ڪنهن وقت کلي پيو ته ڪنهن وقت ڪنڌ هيٺ ڪري روئڻ لڳو، جنهن مان معلوم ٿيو ته سندس ذهني توازن درست ناهي رهيو، کپري جي مسڪين پورهيت لعل خان ڀيو جي 15 سالن جي نياڻي زينب ڀيو جيڪا ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي، ان سان اهو شرمناڪ اجتماعي لڄالٽ جو واقعو ڪجهه مهينا اڳ ٿيو هو ۽ اها ڳالهه تڏهن ڦاٽي جڏهن زينب ڀيو سان اجتماعي لڄالٽ ڪري انسانيت ۽ اسلام کي لڄائيندڙ وحشي گروهه سندس اهڙي وڊيو ٺاهي نيٽ تي رکي، جنهن بعد شهر جي هر ان نوجوان جنهن وٽ ڪئميرا وارو موبائل فون هو، ان وٽ اها وڊيو موجود هئي، اهڙي رپورٽ ڪاوش ۾ اچڻ بعد ڊي پي او سانگهڙ عبدالله شيخ پاڻ کپرو وڃي نياڻي سان ملاقات ڪئي ۽ سندس وارثن کي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ راضي ڪيو ته جيئن نياڻين جي عزتن سان کيڏندڙ اهڙي گروهه کي گرفتار ڪري سزا ڏياري گهجي، ڊي پي او جي خاطري بعد ڪيترن مهينن کان ايڏي وڏي بدنامي جو شڪار ٿيل زينب جي وارثن فيصلو ڪيو ته کپري جي ٻين نياڻين کي اهڙي ظلم کان بچائڻ لاءِ همٿ جي ضرورت آهي، جنهن بعد کپري شهر جي ڊاڪٽر امين ڀيو پاڻ کپري ٿاڻي تي نياڻين جون اهڙيون وڊيو ٺاهي انٽرنيٽ تي رکندڙ گروهه جي 7 ڄڻن جن ۾ 3 ڇوڪريون تحريم، ناياب ۽ فراسط قائمخاني ڌيئر خالد قائمخاني، چئن وحشي نوجوانن دانش، وسيم جهانزيب ۽ سهيل قائمخاني تي ايف آءِ آر نمبر 2010/181 تحت کپري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو، جنهن بعد پوليس چئن مک جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پر ان ڪيس ۾ شامل ٽن ڇوڪرين جي سندن وارثن هاءِ ڪورٽ سنڌ مان گرفتاري کان اڳ جي ضمانت منظور ڪرائي ورتي آهي، جنهن لاءِ کپري ۾ احتجاج ڪندڙن شهرين ۽ زينب ڀيو جي وارثن چيو ته جڏهن زينب ڀيو سان اهڙو انسانيت کي شرمائيندڙ واقعو پيش آيو، ان وقت کپري جي اشرافيه ڪٿي هئي، انهن ڇو نه اهڙو آواز اٿاريو، اڄ زينب جي وارثن جڏهن ٽن جوابدارن ڇوڪرين جا نالا ايف آءِ آر ۾ داخل ڪرايا آهن ته کپري شهر ۾ رهندڙ هڪ طبقي جا ماڻهو سڀ سياسي ويڇا وساري هڪ ٿي ويا آهن، جڏهن ان واقعي جو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني نوٽيس ورتو آهي ته ان باوجود اهي سڀ جوابدارن جي حمايت ڪري رهيا آهن، (ق) ليگ جي ايم اين اي ماروي ميمڻ کپري پهتي، جنهن معصوم نياڻي زينب ڀيو سان ملاقات ڪئي، سندس عزيزن کان معلومات حاصل ڪئي، ان موقعي تي ماروي ميمڻ چيو ته زينب ڀيو سنڌي قوم جي نياڻي آهي، ان کي انصاف ڏيارڻ تائين ساڻس گڏ آهيان، ڀلي سڀ زينب مان هٿ ڪڍي وڃن، اسين ان سان هر صورت ۾ گڏ آهيون، زينب ڀيو سان جيڪو واقعو پيش آيو آهي، ان لاءِ سڄي قوم کي آواز اٿارڻ گهرجي جوابدارن جا ماڻهو هٿياربند ٿي ويٺا آهن، کپري ۾ خوف وارو ماحول آهي، جنهن لاءِ مون وزيراعظم پاڪستان يوسف رضا گيلاني کي آگاهه ڪيو آهي، وزيراعظم متاثر نياڻي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان واقعي جو نوٽيس ورتو آهي، آئون قومي اسيمبلي ۾ ان خلاف آواز اٿارينديس ته جيئن اهڙا خطرناڪ واقعا نه ٿي سگهن، مون کي کپري ۾ معلوم ٿيو آهي ته ان وحشي گروهه اڳ به اهڙا واقعا ڪيا آهن، ان جي به ايمانداري سان جاچ ٿيڻ گهرجي، انهن نياڻين کي به انصاف ملڻ گهرجي، ان کان اڳ وومين اليڪشن فورم جي امر سنڌوءَ عرفانه ملاح کپري پهچي زينب سان ملاقات ڪئي، عورت فائونڊيشن جي وفد به زينب جو ڪيس وڙهڻ جو اعلان ڪيو، لڄالٽ جو شڪار ٿيل سنڌ جي نياڻي زينب ڀيو جي چاچي ڊاڪٽر امين ڀيو چيو ته کپري ۾ صرف زينب اهڙن واقعن جو شڪار ناهي ٿي، هڪ ديوان جي نياڻي سان ساڳئي وحشي ٽولي لڄالٽ جو نشانو بڻائي ان جي وڊيو سندس والد کي ڏيکاري ۽ ان کي بليڪ ميل ڪري 2 لک رپيا ورتا، جنهن جي سڄي شهر کي خبر آهي، ڪيترا ماڻهو اهڙن ظلمن سبب لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن، کوڙ سارا واقعا ٿيا آهن، انهن جي پوليس جاچ ڪري، هي وڏو گروهه آهي، اسان صرف پنهنجي نياڻي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪيس داخل ناهي ڪرايو، اسان سڄي شهر جي نياڻين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون پر اسان کي افسوس اهو آهي ته هتي جا بااثر ماڻهو، سياسي ڌريون، سماجي ڌريون اهڙن واقعن تي خاموش تماشائي بڻيل آهن، اسين غريب مسڪين شريف ماڻهو اهڙي واقعي بعد شرم ۾ ٻڏل هئاسين ته ڇا ڪريون، اها حقيقت آهي، آئون پاڻ ڊاڪٽر آهيان ته نياڻي ان وقت ظاهري هوش هواس ۾ نه هئي، ان جو ڪو به ڏوهه ناهي، ان کي مون پاڻ پناهه ڏني آهي، هاڻ جوابدارن کي سزا ڏيارڻ تائين خاموش نه ويهنداسين، اڄ به جوابدارن جي سندس برادري جا ماڻهو حمايت ڪري رهيا آهن، حمايت ۾ آهن، اهي طاقتور ۽ ڏاڍا آهن، انهن خلاف ڪير به ڳالهائڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي، ۾ اسان همٿ ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي، ڊاڪٽر امين پاران کپري ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ ار نمبر 2010/181 ۾ جيڪي قلم لڳايا ويا آهن، اهي عام آهن، پوليس ان ڪيس ۾ سائيبر ڪرائم جو قلم نه لڳايو آهي، کپري جي نياڻي زينب سان اجتماعي لڄالٽ بعد سندس فلم ٺاهي انٽرنيٽ تي رکي وئي، اهڙي ڪيس کي سائبر ڪرائيم چئبو آهي پر پوليس ان ايف آءِ آر ۾ سائيبر ڪرائم نه لڳايو آهي، جيڪي قلم ان ڪيس ۾ لڳايا ويا آهن، انهن ۾ 376 ٽو جو مطلب آهي ته ڪنهن سان اجتماعي زنا ڪرڻ، 342 جو مطلب ڪنهن کي ناحق بند رکڻ ۽ 337 جو مطلب ڪنهن کي نشو ڏئي ان جي لڄ لٽڻ ۽ 354 اي جو مطلب ڪنهن عورت جي لڄالٽ ڪرڻ بعد ان جي فلم ٺاهي نمائش ڪرڻ، ان ڪيس ۾ موت يا ڦاسي جي سزا اچي سگهي ٿي پر سنڌ ۾ سال 2002ع کان لاڳو ڪيل سائيبر ڪرائيم جو ايڪٽ ان ڪيس ۾ ڇو نه لاڳو ڪيو ويو آهي، ان جي به تحقيقات ڪرائي وڃي، اسين جڏهن ان ڪيس جي معلومات لاءِ کپري پهتاسين ته کپري پوليس جي ايس پي او گل عباس ڳالهين ڳالهين ۾ صحافين کي چوندو رهيو ته هاڻ جوابدار گرفتار ٿي ويا آهن، ڇوڪرين جي ضمانت ٿي وئي آهي، هاڻ اوهين ڪيس کي وڌيڪ نه وڌايو، ان ۾ راڄوڻي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪريو، ان مان اندازو لڳايو ته کپرو پوليس ان ڪيس ۾ جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ ڪيتري سچي آهي ۽ ان جي ڪيتري سچائي سان جاچ ڪندي، ان لاءِ ضروري آهي ته هاڻ جڏهن وزيراعظم ان ڪيس جو نوٽيس ورتو آهي ته پوءِ ان ڪيس جي جاچ گل عباس جهڙن ڌر بڻيل پوليس آفيسرن کان ڪرائڻ بدران ڊي آءِ جي ڊاڪٽر امير شيخ جهڙن آفيسرن کان ڪرائي وڃي ته جيئن اڃا به لڪل ڳالهيون ظاهر ٿي سگهن ۽ اڄ به انهن جي مٿان ڪنهن جي شفقت جو هٿ آهي، اهي ڳجها هٿ به ظاهر ڪيا وڃن ته جيئن کپري سميت سڄي سنڌ جي نياڻين کي تحفظ ملي سگهي، هن وقت کپرو، سانگهڙ، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ زينب ڀيو سان ٿيل وحشياڻي عمل خلاف احتجاج ۽ هڙتالون ٿي رهيون آهن ته سنڌ جي نياڻين جي عزت سان کيڏندڙن کي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي، هاڻ ڏسون ته سنڌ جي مظلوم نياڻي زينب ڀيو کي انصاف ملي ٿو يا ان ڪيس جي پويان شامل طاقتور ڌريون ان ڪيس کي لئه مٽي ڪرائڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿيون؟ جيڪڏهن وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي نوٽيس وٺڻ بعد به زينب ڀيو کي انصاف نه مليو ته پوءِ سنڌ جي نياڻين جو مستقبل ڪٿي بيهندو، اهو هر ڪو باشعور ۽ باضمير ماڻهو سمجهي سگهي ٿو