موبائل فون جو وڌندڙ استعمال ۽ ان جا هاڃيڪار اثر

'راءِ شماري' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسان وٽ اڄڪلهه موبائل فون جو استعمال تمام گهڻو وڌي ويو آهي، گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ موبائل فون جي سهولت ڏني وئي، اڳي شهرن ۾ موبائل استعمال ٿيندا هئا، جيڪي ڏاڍا مهانگا هئا، انهن جا ”ڪال ريٽس“ به ڏاڍا مهانگا هئا، اِن ڪمنگ ڪال تي به پئسا لڳندا هئا، تڏهن غريب ماڻهو ته ٺهيو پر امير طبقي جا سڀ ماڻهو به موبائل رکي نه سگهندا هئا پر پوءِ آهستي آهستي موبائل فون عام ٿيندو ويو، وڏن شهرن ۾ ڪجهه سستا ريٽ ٿيا، عام ماڻهن وٽ به موبائل اچي ويو ۽ ڪجهه سال اڳ ته موبائل فون جو نيٽ ورڪ لڳ ڀڳ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو آهي، هاڻي ته غريب ماڻهو وٽ به موبائل فون آهي، گڏهه گاڏو هلائيندڙ کان وٺي خاڪروب تائين موبائل فون جو استعمال ڪن ٿا، جنهن سان سندن خرچ ۾ ته اضافو ٿي ويو آهي پر سندن رابطا بحال رهن ٿا، ماڻهو موبائل فون کي پنهنجي ڪرت يا ڪاروبار لاءِ به استعمال ڪن ٿا، هينئر اسان وٽ ته جيڪڏهن گهر ۾ 5 ڀاتي آهن ته پنجن وٽ موبائل فون آهن، موبائل جو جتي استعمال وڌيو آهي اتي ان جي نقصانڪار هجڻ يا ان جي منفي اثرن ۽ پاسن تي بحث ٿي رهيو آهي، ان حوالي سان عالمي سطح تي تحقيق ۽ سروي جو ڪم به ٿي رهيو آهي، ڪجهه طبي ماهرن جو خيال آهي ته موبائل فون دماغي ڪينسر جو سبب بڻجي ٿو، تڏهن ان جي نقصانن بابت سوال ڪر کڻن ٿا، هڪ سوال اهو به آهي ته ڇا موبائل ڪمپنيون سڄي دنيا ۾ پنهنجي ڪاروبار دوران پنهنجي اربين گراهڪن جي تحفظ ۽ صحت لاءِ ڪي قدم کڻن ٿيون؟ ان حوالي سان آمريڪي عورت سائنسدان ديوڙا ڊيوس ان جو جواب ڏئي ٿي، هن جو چوڻ آهي ته موبائل فون جي استعمال سان خاص طور تي ٻارن ۾ مسئلا پيدا ٿين ٿا، انهن مسئلن کي جيڪڏهن اسان نظرانداز ڪيو ته اسان کي عالمي سطح تي ايندڙ ٽن سالن ۾ عوام جي صحت جي وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو، هن جو چوڻ آهي ته موبائل فون گهٽ پاور جي ريڊيو فريڪوئينسي وارا ٽراسميٽرز آهن جيڪي ننڍين لهرن وارا شعاع پيدا ڪن ٿا، انهن شعاعن سبب ڪجهه سالن ۾ ڪينسر ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿئي ٿو، تنهنڪري موبائل فونن جي محفوظ استعمال لاءِ موبائل فون جي ڪمپنين کي قدم کڻڻا پوندا، 2007ع ۾ امن جو نوبل انعام حاصل ڪندڙ گروپ کي موبائل جي استعمال سان خطرا وڌندي نظر اچن ٿا، اسان کي اهو به سوچڻو آهي ته موبائل جي استعمال سان اسان جي ڪنن کي نقصان ته نٿو رسي؟ ڊيوس جو چوڻ آهي ته اسان موبائل فون جي شعاعن سبب خطري هيٺ آهيون، موبائل ٻارن جي اهليت تي اثر انداز ٿئي ٿو ۽ اسان جي دماغ توڙي سڄي جسم لاءِ ڊگهي عرصي لاءِ خطرا پيدا ٿي وڃن ٿا، هونئن به اسان زندگي ۾ ڪڏهن اهو سوچيو به ناهي، ڇا اليڪٽرانڪ ٽيڪنالاجي اسان لاءِ ڪو حادثو ته ناهي؟ واشنگٽن جي هڪ يونيورسٽي جي تحقيق موجب ٻن ڪلاڪن جي موبائل استعمال سان اهڙا مقناطيسي شعاع انساني دماغ تي اثر ڇڏين ٿا جيڪي ڪينسر جو سبب بڻجن ٿا، ماسڪو ۾ ڪيل هڪ تحقيق موجب اهي ٻار جيڪي گهرن ۾ موبائل فون استعمال ڪن ٿا ان جي حافظي تي اثر پوي ٿو ۽ سندس يادگيرين تي پڻ اثر پوي ٿو، ڊاڪٽر ديوڙا ڊيوس جو چوڻ آهي ته اڄڪلهه جا ٻارڙا خطرناڪ ريڊيو فريڪوئينسي وارن سگنلز جي ٻوڏ ۾ زندگي گذارين ٿا، اسان کي موبائل فون صرف ايمرجنسي ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي. آمريڪا، روس، چين ۽ آسٽريليا سميت ستن ملڪن ۾ ڪيل تحقيق موجب ٽرائوزر جي کيسي ۾ موبائل فون رکڻ سان جنسي صحت جا مسئلا به پيدا ٿين ٿا.ڊاڪٽر ڊيوس جو چوڻ آهي ته موبائل فون جو استعمال هيڊ فون ذريعي ڪيو وڃي، اسان جا ٻه سائنسدان جيڪي موبائل فون تي ڪم ڪري رهيا آهن انهن فون ڪمپنين کي چيو آهي ته توهان صحت جي خطرن جي حوالي سان قدم کڻو، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پڻ موبائل فون جي استعمال جا خطرا ظاهر ڪيا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو