ڪمپيوٽر جي نئين طاقتور وائرس ماهرن کي منجهائي ڇڏيو

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ايران ۾ ايٽمي پاور پلانٽ کي هڪ اهڙي ڪمپيوٽر وائرس نشانو بڻايو آهي، جنهن جي ڪري وڏا وڏا ماهر به پريشان ٿي ويا آهن. Stuxnet worm جي نالي سان پيدا ٿيل اهو وائرس ايشيا کان ٿيندو يورپ ۽ آمريڪا جي ڪمپيوٽرن تائين پهچي ويو آهي. هن وائرس سان سڄي دنيا جي ايٽمي ۽ صنعتي بجلي جي تنصيبات لاءِ خطرا پيدا ٿي پيا آهن. ايراني حڪومت جو چوڻ آهي ته ڪمپيوٽر وائرس جو نشانو بڻيل بوشهر ايٽمي پاور پلانٽ جو نظام محفوظ آهي پر جيڪي ماڻهو سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، اهي ايترا مطمئن ۽ پرسڪون نه آهن، انهن کي احساس آهي ته هن ڪمپيوٽر وائرس سان ڪيترن ئي نون خطرن جونِ راهون کلي ويون آهن جن بابت هيل تائين فقط اندازا ئي لڳايا ويندا هئا. ايران جي سائبر ڊفينس ايجنسي جي صدر ۽ باني سميع سيدجاري جو چوڻ آهي ته هن هاڃيڪار سافٽ ويئر يا وائرس جي تياري مان ظاهر ٿئي ٿو ته دنيا ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي صنعتي تنصيبات کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا ۽ اهي ائين ڪري به سگهن ٿا. هاڻي انهن صنعتي نظام کي ڪنٽرول ڪرڻ سان گڏوگڏ ماڻهن جون حياتيون ۽ سڄي نظام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اها هڪ وڏي تبديلي آهي. ماهرن موجب ڪمپيوٽر وائرس Stuxnet کي اهڙي طرح ٺاهيو ويو آهي جو هي سڄي سسٽم کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. خاص طور تي اهو جرمني جي ڪمپني ”سمنز“ جي ڊزائين ڪيل SCADA سسٽم جيڪو سپروائيزري ڪنٽرول ۽ ڊيٽا حاصل ڪرڻ جو نظام آهي، ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. پلانٽ جي سسٽم ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ اهو وائرس سڄي ڊيٽا يا سڄو نظام چوري ڪري وٺي ٿو. ايراني سائبر ڊفينس ايجنسي جو صدر سميع سيدجاري ٻڌائي ٿو ته بجلي گهرن لاءِ جيڪي به خطرا پيدا ٿيا آهن اها ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي پر اهي خطرا رڳو ايٽمي يا بجلي جي پلانٽن تائين محدود نه آهن. هن چيو ته ڪو به صنعتي ڪنٽرول سسٽم جهڙوڪ، ڪيميڪل وارا پلانٽ خطري ۾ آهن. اهڙين ڳالهيون به ٿي رهيون آهن ته ڪمپيوٽر وائرس ذريعي ڪنهن ڪيميڪل پراسيسنگ يا ڪيميڪل پروڊڪشن پلانٽ ۾ به تباهي پکيڙي سگهجي ٿي ۽ ڀوپال جهڙيون حالتون پيدا ڪري سگهجن ٿيون، ڌماڪا ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ انساني جانين جو وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو. ايئن لڳي ٿو ته اڃا تائين هن وائرس مان سڀ کان وڌيڪ تباهي ايران ۾ ٿي آهي. اينٽي وائرس ڪمپني Symantec جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايران ۾ 60000 کان وڌيڪ ڪمپيوٽر هن وائرس سبب متاثر ٿيا آهن، اهي حملا ايترا ته شدت وارا ۽ ٽيڪنيڪي لحاظ کان پيچيده هئا جو ڪجهه ماڻهن جو اهو خيال آهي ته ان جي پٺيان ڪنهن ملڪ جو هٿ ٿي سگهي ٿو. سائبر سيڪيورٽي اينڊ ٽيڪنالاجي جا تجزيي نگار چون ٿا ته ان بابت ڪو فيصلو ڪرڻ وقت کان اڳ هوندو. انٽرنيٽ سيڪيورٽي جي اداري جي عملدار رينڊي ابرامز نئين وائرس Stuxnet تي تحقيق ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته اهو حملو ٽيڪنيڪي لحاظ کان جيترو پيچيده آهي، ان مان اهو خدشو پيدا ٿئي ٿو ته ان ۾ ڪو ملڪ ملوث ٿي سگهي ٿو پر ائين هجڻ ضروري به ناهي. رينڊي ابرامز موجب اها بهترين مهارتون رکندڙ ماڻهن جي هڪ گروهه جي حرڪت ٿي سگهي ٿي، جيڪو اعليٰ مهارتون رکندڙ هجي ۽ جيڪو هڪ يا وڌيڪ ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪندو هجي ۽ حقيقت ۾ اهو ٻڌائڻ چاهيندا هجن ته SCADA جو سسٽم غير محفوظ آهي، جنهن تي حملو ڪرڻ آسان آهي. ٻئي طرف پرڏيهي لاڳاپن واري ڪائونسل جي عملدار ايڊم سيگال جو چوڻ آهي ته هن مرحلي تي وائرس جي حملي بابت ڪيترائي سوال پيدا ٿيا آهن، اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته هن حملي جو اصل ٽارگيٽ ڪهڙو هو؟. في الحال ته ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو آهي ته هن حملي جو اصل هدف ايران جون ايٽمي تنصيبات هيون، پر امڪان آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن اندر خبر پوي ته ان جو اصل مقصد پاڪستان، ڀارت يا انڊونيشيا جي صنعتي نظام کي نشانو بڻائڻ هو، جتي اهو وائرس ڦهلجي رهيو آهي. اسان مان ڪنهن کي به اصل ڳالهه جي خبر ناهي. هيل تائين جنهن نقطي تي سڀ متفق آهن، سو اهو آهي ته Stuxnet مان انهن ماڻهن کي خطرو پيدا ٿي ويو آهي جيڪي صنعتي ڪنٽرول سسٽم هلائين ٿا ۽ سڄي دنيا جي ملڪن جي حڪومت کي سيڪيورٽي وڌائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي.
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪمپيوٽر جي نئين طاقتور وائرس ماهرن کي منجهائي ڇڏيو

    ادا حاڪم ڪُنڀر صاحب لکين کيرون لهڻو اهڙو خوبصورت ڄاڻ سان ڀريل مضمون ونڊ ڪرڻ لانيٽ ذريعي وائرس سان هيڏي ساري تباهي اچي سا ته اسان ڪڏهن سوچي به ڪانه هُئي، اسان ته ٻه چار هزار روپين وارو برانڊيد پي سي وٺي الله سائين کان دُعا گهرندا آهيون ته نه کپي نه کپي اهو مُئو ڪنهن به قسم جو وائرس نه کپي، پر تنهنجي مضمون پڙهڻ کان پو خبر پئي ته مُلڪن ۽ قومن جي انمول تقديرن ۽ هستين سان وائرسن ذريعي کيڏي سگهجي ٿو۔ ادا حاڪم هڪڙي ننڍڙي پتڪڙي گُذارش آهي ته جنهن به سورس تان پو ڀلي اها سورس ڪتابي هُجي، اخباري هُجي، يا نيٽ سان سلهاڙيل ڪنهن ويب تان ورتل هُجي ان مضمون جي سورس آف پليس ضرور ڄاڻائيندو ڪر ته توکي اهو مضمون ڪهڙي هنڌان هٿ آيو۔
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڪمپيوٽر جي نئين طاقتور وائرس ماهرن کي منجهائي ڇڏيو

    ادا مون کي وائرس کان تمام گهڻو ڊپ ٿيندو آهي جڏهن مان پهرين ڪمپيو ٽر2001 ورتو هو ته صرف مون.کي اهيا خبر هوئي ته وائرس به ٿيندو آهي پر جڏهن موبائل جا ميموري ڪارڊ آيا تڏهن خبر پئي ته وائرس ڇا هوندو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو