هڪ اهم کاتي ۾ سنڌين کي مليل معمولي حصو!

'مختلف موضوع' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    19 هين صديءَ ۾ برطانيه جي پهرين ۽ آخري يهودي وزير اعظم اتان جي اڄوڪي حڪمران پارٽي کي جديد منهن مهانڊو بخشڻ واري ۽ اٽڪل 24 ڪتابن ۽ سوين بليٽن لکندڙ اديب، شاعر بنجامين ڊسرائيلي (1804 کان 1881ع) تائين انگن اکرن جي باري ۾ هڪ مشهور ڳالهه ڪئي هئي ته، ”هن دنيا ۾ ڪوڙ ٽن قسمن جا آهن، سادو ڪوڙ، مذمتي ڪوڙ ۽ انگن اکرن وارو ڪوڙ. آمريڪي ليکڪ مارڪ ٽوئين جو خيال هيو ته انگن اکرن جي چڪر ۾ نه پئجي، اهي ماڻهن کي مت مان ڪڍي ڇڏين ٿا.“ سنڌي ماڻهن جي تمام وڏن شاعرن ”ليکي رکڻ“ جي ڳالهه ڪئي هئي، جڏهن ته قومي طور اسان ۾ پنهنجي گهر کان وٺي سڄي نسل ۾ ان قسم جو ڪڏهن به خيال نه رهيو آهي. اسان برابر ”ٻه ڀائر ٽيون ليکو“ چوندا رهيا آهيون، پر اسان وري به لٺ پنهنجي زماني سازي ۽ تاريخي ڇڏ ڇوٽ ڏانهن هلائي آهي.

    منهنجي ڏاڏي قمبر ۾ هڪ پٺاڻ کان ”حمام دستو“ اوڌر تي ورتو، ڪي ٻه پيسا وياج جا به طئي ٿيا، اهو پٺاڻ هر مهيني ٻه رپيا ان وکر جي بدلي وٺڻ ايندو هو، منجهند جي ماني کائڻ سندس فرض ۾ شمار هيو. چار سال قرض جي اها ڪهاڻي هلي. ڏاڏي مرحوم رڳو گهر ۾ هڪ ٽپڙ وڌڻ جو سوچيو هوندو، پر جيڪڏهن چئن سالن ۾ پنجاهه ڀيرا کارايل ماني جو حساب ڪتاب ڪري ها ته شايد اهو ”واپار“ ئي نه ڪري ها.

    اسان جي رياستي آزادي، اسان جا شهر، شهري مڊل ڪلاس، سياست، سياسي اڳواڻي، پاڻي، ناڻو، تعليم سڀ کسجي، لٽجي، وڃائجي، تباهه ٿيندي رهي آهي. اهو سٺ سالن جو نچوڙ آهي. پاڻي جي مامرن تي محترم ادريس راجپوت جي انڪشافن کان ويندي سنڌ سان ٿيندڙ جيڪي به زيادتيون ٿيون آهن، ظلم ٿيو آهي، جيڪي به انگ اکر آهن، انهن جي باري ۾ اسان کي سچ ۽ ڪوڙ کي وائکو ڪرڻو پوندو. ان باري ۾ پنهنجي ماڻهن کي ٻڌائڻو پوندو. وڏي ڳالهه ته انگن اکرن جي روشني ۾ جيڪي ڪجهه اسان سان ٿيو آهي، ان جي باري ۾ اسان کي گڏيل اصولي موقف رکڻو پوندو. ان سڄي مامري ۾ اسان کي ڪيئي رواجي ۽ روايتي ڳالهيون ۽ نعرا ڇڏڻا پوندا، ماڻهن کي انتهائي اهم انگن اکرن سان سڄي ڳالهه سمجهائڻي پوندي. انهن انکن اکرن پيش ڪرڻ ۽ انگن اکرن جي نالي ۾ رائج ٿيل ڪوڙ جو اصل چهرو سامهون آڻڻو پوندو.

    سنڌي عوام کي سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ زيادتين جي باري ۾ ان کان اڳ گڏيل طور ڪڏهن به احساس نه هيو. اڄ پنهنجي پنهنجي موقف جي باوجود سنڌي ماڻهو ڪنهن به زيادتي جي باري ۾ بنا دير ”هڪ راءِ“ ٺاهي وٺن ٿا، اها گهڻو ڪري مثبت هجي ٿي ۽ اها گهڻو ڪري ڪيترين ئي رڪاوٽن کي دور ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿي آهي. اهو گڏيل تاثر ۽ سڀ ڪجهه جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي قتل کانپوءِ آهستي آهستي پيدا ٿيو آهي. ان جو وڏو اظهار ويجهي ماضي ۾ ايم آر ڊي جي هلچل، ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ جي صورت ۾ سامهون آيو ۽ تازو سنڌي ڪلچر ۽ سنڌو درياءَ ۽ سنڌي ميڊيا جي واڌاري جي شڪل ۾ اسان جي سامهون آهي. سنڌي ماڻهن ۽ خاص ڪري انهن جي ميڊيا ۽ راءِ ٺاهيندڙ ماڻهن جو فرض آهي ته اهي ڏاڪي به ڏاڪي جديد سهولتن مان فائدو وٺندي سنڌي ماڻهن جي خراب حالتن باوجود بي مثال ترقي جي باري ۾ به انگ اکر پيش ڪن ۽ خراب حال جي هوندي جيڪي بهتريون پيدا ڪري سگهجن ٿيون، تن جي باري ۾ پڻ راءِ هموار ڪن.

    پاڪستان ۾ ڪيئي انڪشاف ٿي رهيا آهن، مزي جي ڳالهه ته وڏي بي ڊپائي ۽ بي دردي سان انڪشاف ڪندي ذميوار پاڻ پيا چون ته ”اسان اهو ڏوهه برابر ڪيو هو“ ان لفظ ”برابر“ ۾ هو پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن. ڏهه سال اڳ جڏهن جسٽس نسيم حسن شاهه، جناب ڀٽو جي ”ڦاسي جي سزا“ کي ”عدالتي قتل“ چيو هو ته مڪرمي پاڻ ان سزا ڏيندڙ چئن ججن مان هڪ هيو، جڏهن ته ٽي ٻيا ملڪ اڪرم(اڳوڻي اٽارني ملڪ قيوم جو پيءُ) انوار الحق ۽ جسٽس چوهان هئا. تازو ايشيا جي بدترين ڊڪٽيٽر جنرل ضيا جي پٽ اعجاز الحق پنهنجي ”رهيل قرض“ ۾ چيو آهي ته ”مون وارو پيءُ ڊڪٽيٽر هيو“ اهو سڀ ڪجهه انهن جي ”اخلاقي ذميداري“ طور سامهون نه آيو آهي، پر سنڌ ۾ زمين هيٺان هڪ ”ٻي زمين“ تپي رهي آهي، جنهن جي قالين هيٺان ڪيئي ڏوهه، قتل، گناهه، عذاب، ظلم ۽ زيادتيون لڪايل آهن. انهن ظلمن ۽ زيادتين جا ڪيئي ٻوجهه ۽ وزن ڪيئي ماڻهن کي برداشت ڪرڻا پوندا. آهستي آهستي ڪيئي نسيم ۽ اعجاز وڏا انڪشاف ڪري پاڻ کي ”معجزو ڪندڙن“ جي حيثيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا، پر پاڻ کي ان تي ٽائيم نه وڃائڻ گهرجي. اصل ۾ انهن جي ”واهه واهه“ ڪرڻ اسان جو ڪم ناهي، اهو ته ايئن ٿيندو ته مڙس به اسان جا مرن ۽ تاڙيون به اسان وڄايون!!

    اچو ته پاڻ اڄ هڪ نئين کاتي، وسريل ۽ وساريل کاتي ۽ هر گهڙي سنڌين سان ظلم ڪندڙ کاتي جي باري ۾ ٿوري ڳالهه ٻولهه ڪريون. ان جي سنئين سڌي ذميداري وزير اعظم تي آهي ته هو ان انڪشاف جي صحت جي باري ۾ صاف رويو رکي. سٺ سالن کان سنڌ سان جيڪي ڪجهه ان کاتي ۾ ٿيندو آيو آهي، تنهن جو پاءُ پلئه ڀري ڏئي. اتفاق سان اهو هن دور ۾ به جاري آهي، ان ڪري موصوف تي ذميداري وڌيڪ ٿئي ٿي، نه ته عام حالتن ۾ ذميدارين جي ڀري ”اڳوڻي سرڪار ڪري وئي“ جو جملو ادا ڪري جان ڇڏائي ويندي رهي آهي. ان کاتي جو نالو آهي پرڏيهي کاتو.

    ملڪ جون اڪثر وفاقي سياسي پارٽيون ان کاتي کي هر وقت وفاق ۾ رکڻ جو چونديون آهن. ان کاتي جا آفيسر هوندا آهن، ڊائريڪٽر هوندا آهن، ڪائونصليٽ هوندا آهن، سفير ۽ هاءِ ڪميشنر هوندا آهن. گڏيل قومن ۾ جيڪي مستقل نمائيندا ويندا آهن، سي پڻ اهو کاتو موڪليندو آهي. اچو ته ان جي باري ۾ ٿورڙي خبر چار معلوم ڪريون.

    پرڏيهي کاتي ۾ ڪل آفيسر 472 ۽ سنڌ جا 44 آهن، جيڪي 10 سيڪڙو به نٿا ٿين. جنرل ضياءَ جي وقت ۾ 85 هزار ڪوڙا ڊوميسائيل ٺهرائي انهن کي مختلف وفاقي نوڪرين ۾ ”سنڌ ٻهراڙي“ جي ڪوٽا تي کنيو ويو. ان کاتي ۾ ڪيئي آفيسر، جن جو صوبي سان ڪڏهن به تعلق نه رهيو آهي، سي پڻ ان ڪوٽا تي نوڪريون پيا ڪن. مثلن ملڪ عبدالله، افتخار آرائين، اڳوڻو سفير نذير احمد، اڳوڻو چيف پروٽوڪول آفيسر سرفراز احمد وغيره. ان کاتي ۾ ست ايڊيشنل سيڪريٽري آهن، جن مان خير سان هڪ به سنڌي ناهي. هڪ اسپيشل سيڪريٽري آهي، جيڪو پڻ سنڌ مان ناهي. کاتي ۾ سترنهن ڊائريڪٽر جنرل آهن، جن مان سنڌي ٻه آهن. جڏهن ته کاتي ۾ 34 ڊائريڪٽرن مان ٻه سنڌي هڪ ڊائريڪٽر فنانس ۽ ٻيو ڊائريڪٽر آمريڪا آهي. انهن جي پوسٽنگ عام طور ٻه سال هجي ٿي، پر سنڌ جي محترمه آمنا بلوچ چئن ورهين کان پوسٽنگ جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهي. ان کاتي ۾ ڪل 74 اسسٽنٽ يا ڊپٽي ڊائريڪٽرز آهن، جن مان پنج ڄڻا سنڌي آهن. اڪثر سنڌين کي پوسٽنگ لاءِ يا ته آفريقا موڪليو ويندو آهي يا مڊل ايسٽ. ڪڏهن به اوهان ڪنهن سفير ڪبير کي آمريڪا، ڪوريا، چين، برطانيه ويندي نه ٻڌو هوندو. اڄڪلهه سنڌي سفير عرب امارات ۾ خورشيد احمد جوڻيجو، ڪينيا ۾ مسرور احمد جوڻيجو، برما ۾ مسٽر قاضي، سوڊان جهڙي ”ترقي يافتا“ علائقي ۾ خالد يوسفاڻي ڪائونصليٽ مقرر ٿيل آهن. ان کاتي ۾ هڪڙو ”زباني روايت“ وارو قانون پڻ هلي ٿو، جنهن موجب ڪو به سنڌي 20 هين گريڊ کان مٿي پار نٿو ڪري سگهي. ان ڪري يا ته اهي نائيجيريا، جبوتي، تيونس، عمان، يمن ۽ ڪينيا وڃن يا گهر آرام ڪرڻ لاءِ خالي پني تي استعيفا ڏئي راهه رمندا رهن. عام طور سفيرن جي پوسٽنگ لاءِ الف، ب، ت ۽ ث جا درجا مختلف ملڪن جي ترقي جي حوالي سان طئي ٿيل آهن، جڏهن ته سخت ڪيٽيگري ۾ عراق ۽ افغانستان موجود آهن. ان درجي بندي جي حساب سان هڪ آفيسر جڏهن ”الف“ ملڪ ۾ مدو پورو ڪندو ته ٻيو ملڪ کيس ”ب“ نه ملندو، پر ان بدران کيس ”ث“ يا ”ت“ ملندو، پر هتي ”اکر پڙهه الف جو“ کان اڳتي ڳالهه وڌي ئي نٿي ۽ سنڌي آفيسرن لاءِ ”ت“ ۽ ”ث“ کان مٿي قصو نٿو چڙهي.

    ان هڪ کاتي ۾ سنڌين جي نه هجڻ جي ڪري سڄي ولايت ۾ سنڌي ماڻهن لاءِ سٺ سالن ۾ رڪاوٽون وڌيون آهن يا وري انهن جي همت افزائي ڪرڻ وارو ڪوئي نه ٿو هجي. ان ڪري سنڌي ماڻهن جي وڃڻ جي انگ ۽ رفتار ۾ گهٽتائي رهي آهي. ان ظلم کي وري ان نئين نڪور جملي سان پورو ڪيو ويندو رهيو آهي ته ”سنڌي گهر کان ٻاهر نٿا نڪرن.“ اوهان اڄ به عرب امارات جي ستن رياستن ۾ سڀ کان پراڻا بزنيس ڏسندئو ته اهي سنڌين جا هوندا. سئو سئو سال پراڻا دڪان شاهد آهن ته سنڌي ماڻهو پاڪستان کان اڳ به مختلف ويجهي ۽ پري جي رياستن ۾ ويندا، ڪمائيندا يا آباد ٿيندا رهيا آهن. ان ڪري انهن جملن کان اڳيان به اڄوڪي وزير اعظم کان سوال پڇڻ گهرجي ته جيئن ان وساريل کاتي ۾ سنڌي هوشيار آفيسرن جي ٿوري مدد ٿي پوي. ڪجهه سنڌي پرڏيهه ۾ پڙهي ۽ ڪمائي اچن، ڪجهه نوجوان دنيا جا نظرياتي ۽ ڪاروباري لاڙا پاڪستان جي ترقي لاءِ استعمال ڪن.
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هڪ اهم کاتي ۾ سنڌين کي مليل معمولي حصو!

    ادا بهترين ونڊ آهي،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو