تڪليفن ۽ پريشانين جو مثبت پهلو انهن جي خاتمي لاءِ ورتل ڪوششن ۾ هجي ٿو، تڪليفون انسان کي ماري نه ٿيون سگهون، پر انهن جو منفي حل انسان کي رنجائڻ جو باعث هجي ٿو. منفي حل انسانن جي ڏکن ۾ اضافي جو باعث بڻجي ٿو. اُهي اسان جا ٻوڏ متاثرين جن جا روڊ رستن تي ٺهيل اجها، شهرن ۽ ٻهراڙين جو ڏيک ٿا ڏين. تيز رفتار گاڏين ۾ گذرندي، هاڻ اسين صرف هڪ نظر، ڪنڌ ڦيرائي انهن ڏانهن اڇلايون ٿا ۽ انهن جي اکين ۾ موجود درد ۽ انهن جا اگهاڙا پير گاڏين جي رفتار جو مقابلو نٿا ڪري سگهن ۽ نه وري اسان جي اڇلايل هڪ رحم واري نظر ۾ موجود همدرديءَ جا جذبا اهي پڙهي سگهن ٿا. مهينو پهرين جڏهن درد جا قافلا حيدرآباد ۾ لهڻ شروع ٿيا هئا ته رليف جي دوران افراتفريءَ ۾ سوين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ ۽ ڪجهه موت جون خبرون ميڊيا تي رپورٽ ٿيون هيون، جيڪو ڪجهه به حڪومت ۽ سماجي تنظيمن پاران رليف ٿيو پئي اهو انهن جي ضرورتن کان تمام گهٽ هو. رليف جي دوران انساني رويا جيڪي ظاهر ٿيا، انهن مان اهو ظاهر ٿيو ڄڻ ته مها ساگر ۽ آيل ٻوڏ، سنڌ جي روايتي مهمان نوازي ۽ پيار کي به لوڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي هجي. ائين ٿي لڳو ته مهمان نوازي ۽ پيار جا اهڃاڻ اهي ئي ضلعا ۽ اهي ماڻهو هئا، جيڪي مها ساگر ٻوڙي ڇڏيا. ڪنهن جو درد ونڊڻ، تڪليف ۾ ڪم اچڻ، ٻڏلن جي سهائتا ڪرڻ، انسانيت لاءِ نه پر پنهنجي نيڪين جي اڪائونٽ ۾ اضافي جو ڪارڻ هو، ڪجهه مخصوص ڏينهن ۾ ڪيل نيڪين جي ٻئي فائدي جي حصول لاءِ هو. ڪنهن ڪاروباري نقطه نظر کان ڪيل سيڙپڪاري جيڪا ڪجهه عرصي کان پوءِ ٻيڻو ٽيڻو فائدو ڏياريندڙ هجي، اها هر ڪنهن لاءِ باعث ڪشش هجي، مٿي انسان هميشه سوچي سمجهي گهاٽي جو سودو نه ڪندو آهي، هميشه منافعي تي نظر رکندڙ انسان هن آفت جي وقت ۾ به پوئتي نه رهيا، هڪ هٿ سان ڏيڻ ۽ ٻن هٿن سان ميڙڻ واري فارمولي تحت، انهن ماڻهن پنهنجي سوچ ۽ سمجهه مطابق مدد جي انداز کي نيڪين ميڙڻ جو ذريعو بڻائيندي، اهو ڪجهه به گهرڻ سان نه ڏنو، جنهن کي هنن پاڻ پنهنجي لاءِ استعمال جي قابل نه پئي سمجهيو. هنن سمجهيو ته اهي ڦاٽل گرم ڪپڙا ۽ سوئيٽر گرمين ۾ سندن نامه اعمال ۾ ڪو سٺو اضافو آڻڻ جو ذريعو ثابت ٿيندا ۽ سندن سرخرو ٿيڻ جو باعث ٿيندا. اسين ايترا ته مثبت آهيون جو هر شيءِ کي پنهنجي حاصلات جو ذريعو بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، جيئن ٻوڏ جي متاثر ٿيل ماڻهن لاءِ به اسان جا رويا اهڙا ئي رهيا، دلي محبت ۽ همدرديءَ جي جذبن کان خالي ڪجهه مخصوص ڏينهن ۾، سيڙپ ڪاريءَ جي مهم، سيلاب جي پاڻيءَ وانگر تمام پرجوش رهي، پر ان وقت جي خاتمي ڄڻ ته ٻوڏ جي پاڻيءَ وانگر جذبن جي اٽل کي به سُڪائي ڇڏيو. هاڻ اسان وٽ هنن کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو آهي، ڇو ته هاڻ اسان کي ڪاروبار ۾ فائدي جي اميد گهٽ آهي. هاڻ سماج ۾ ٻوڏ ستايلن لاءِ صرف ڏڪار ۽ انهن جي واپسيءَ جا سوال وڃي بچيا آهن. هنن کي اسين صرف ’ٻوڏ ستايل‘ جي ’ليبل‘ سان سڃاڻون ٿا. هنن جي خواهشن، دردن، ڀوڳنائن کي نظرانداز ڪري، اسان جي انتظاميه ۽ سماج اهو سوچي ٿو. رليف جون شيون ڪيتريون ورهايون ويون. هاڻ وڃي خرچ جا حساب ڪتاب ۽ ڪاٿا بچيا آهن، پر دردن جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي ته انهن جي پيڙائن کي اسين ڪيتريقدر ختم ڪري سگهيا آهيون يا اسان جا رويا انهن جي احساسن کي مجروح ڪرڻ جو باعث بڻجن ٿا. هتي ته هر شخص هڪ ڪهاڻي آهي، جنهن انسانن جي کٽين مٺين يادن جي راک ڦلورڻ سان هٿ آڱريون سڙي ٿيون وڃن ته انهن جا پنهنجا وجود ڪيتريقدر ڀسم ٿيل هوندا، ڪنهن جي اڳيان هٿ ڦهلائڻ، پنهنجا سور ٻڌائڻ حاجت بيان ڪرڻ سولو ته نه آهي. اهو باهه جو سمنڊ روز اُڪرن ٿا، پر انهن جي سهپ جي ڪٿ ڪير به نٿو لڳائي سگهي. ڏکن ۽ تڪليفن، آزمائش جي گهرائيءَ وانگر سندن سهپ به دنياوي ماپن کان مٿاهين آهي. ڀل ته سماجي رويا، انهن جي بيتابين، بيچينين، بي صبرين کي جرم سمجهن، سندن علائقائي صورتحال کي به سندن ڪردار سان سلهاڙي کين مجرم ثابت ڪيو وڃي، پر، اها حقيقت آهي ته قدرت پاران ڏنل ڏکن جي مرحلن مان پار پوڻ کان پوءِ سرڪار پاران ڏنل تذليل جا مرحلا ۽ هنن جي نصيب جو حصو بڻيا ويا آهن. هو ڀوڳين ٿا، دانهين ٿا، ڦٽيل اندر جو حال ظاهر ڪن ٿا. ميارن جا دفتر هنن غريبن جي اعمالن سان ڪارا ٿا ٿين. جيڪڏهن ريسڪيو جي وقت ڪيترائي انسان ٻوڏ ۾ لڙهي ويا ته به انتظاميه پاڻ تي ڪوبه الزام برداشت ڪونه ٿي ڪري، اسان جي انتظاميه جي ميار آهي، ڇو ته خبردار ڪرڻ جي باوجود هر ماڻهو پنهنجي ڪکائن جهوپڙن کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيا هئا. هنن حڪومت تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ٻوڏ سان مقابلي جي همت ڪئي هئي. اها الڳ ڳالهه آهي اُتي به سندن اعتماد ٽٽي پيو هو. رليف جي وقت بدانتظاميءَ جي ذميواريءَ به ٻوڏ ستايلن جي جهالت جي کاتي ۾ لکي ويئي، اڻپوري سامان جي غير معياري تقسيم جا سڀ گناهه ٻوڏ ستايلن جي نامي اعمال ۾ لکيا ويا. ڪئمپن ۾ موجود 3 سالن کان 5 سالن جا ٻار کير لاءِ واجهائيندا رهيا. بريانيءَ جي ديگن تي ڌڪا ثاٻا، پيهه پيهان، رليف جي سامان جي تقسيم جي باقاعدگين کي عورتون ڏسنديون رهجي ويون، مرد لٺيون کائيندا رهيا. پر انهن سڀني ڳالهين ۾ انتظاميه بي معيار رهي ڇو ته اهي مسئلا انهن ٻوڏ ستايلن جا ئي پيدا ڪيل هئا ۽ انهن کي لوڙهڻ انهن جي تقدير هئي. ٻوڏ ستايلن جي واويلا، ڌرڻا ۽ احتجاج ڪارگر ٿيا ته بين الاقوامي ادارن به سهائتا جي تياري ڪئي. هڪ دفعو وري انتظاميه ستل سور جاڳائي ڇڏيا، ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جا سعيا پوري تياريءَ سان ڪيا ويا. وطن ڪارڊ جي سهڻي مٺي ’لولي پاپ‘ ڏيکاري عوام کي خوشفهميءَ جي نازڪ چادر ڍڪائي ويئي، جيڪا جٽادار ثابت نه ٿي، سُٺي کي خراب ڪرڻ، سولي کي ڏکيو ڪرڻ، حق کي ناحق ڪرڻ، انصاف کي ناانصافي ۾ تبديل ڪرڻ، سچ کي ڪوڙ ڪرڻ ۽ شفاف کي غير شفاف بڻائڻ ڪير اسان کان سکي. سو سڀ ڪجهه ’وطن ڪارڊ‘ جي تنقيد جي شروعاتي مرحلن ۾ ئي نظر اچي پيو، انتظاميه جي بي خبريءَ هڪ دفعو وري ٻوڏ متاثرين کي لٺين جا وسڪارا ڪرايا آهن ۽ گهرن ۾ محفوظ ويٺل ماڻهن، ان اسڪيم مان فيض حاصل ڪيو آهي. مڪمل طور تي تباهه ٿيل ضلعن جا ماڻهو وطن ڪارڊ جي حصول جا طريقا پيا پڇن ۽ مطمئن آسوده گهرن ۾ موجود ماڻهو عزت سان ان اسڪيم مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. سکر ضلعي ۽ خيرپور ضلعي کي انتظاميه ٻوڏ کان ته نه بچائي سگهي، پر اتي جي بچي ويل ماڻهن لاءِ وطن ڪارڊن جي حصول کي يقيني بڻايو ويو آهي. گهوٽڪي ضلعي جا ماڻهو ’وطن ڪارڊ‘ جي نالي تي لٺيون پيا کائين. شايد وطن جو نالو عوام لاءِ ڳوريون آزمائشون ۽ آفتون آڻيندڙ هجي ٿو. وطن قربانيون گهرندو آهي ۽ وطن جا مسئلا سر قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار هوندا آهن. پراڻي چوڻي آهي ته ”مٽياريءَ جو موت ويندي جي ويرم“ سو اها چوڻي ٻوڏ لاءِ به ٺيڪ ثابت ٿي، ڪنهن مضبوط قلعي جيان مٽياري ضلعو ناقابل فتح رهيو، جنهن کي بچائڻ لاءِ اُتي جي عوام، انتظاميه ۽ حڪومت جون ڪوششون ڪارگر ثابت ٿيون، جنهن ۾ اهم ڪردار ماڻهن جي عقيدن جو به رهيو ته، مٽياري ضلعي جا اولياءَ ۽ بزرگ ان جي حفاظت ڪندا، سو اها ڳالهه ٺيڪ ثابت ٿي ته، مٽياريءَ جا بزرگ زور نڪتا نه صرف ٻوڏ کان آباديءَ وارا علائقا محفوظ رهيا، پر ٻوڏ متاثرين لاءِ جاري ڪرايل وطن ڪارڊن جو حصول به آسان بڻجي ويو. ڪجهه ماڻهن جا عقيدا مضبوط ٿيا ته ڪجهه ماڻهو انتطاميه جي بي خبري ۽ ”نادرا“ جي قابليت تي ماتم ڪندا رهجي ويا. جتي ڪجهه دليون اعتماد سان مضبوط ٿيون ته لاتعداد دليون ناانصافين جي زخمن مان ڇلجي ويون. اجهن وارن جا اجها مضبوط ٿيندا ويا ۽ بي گهر بي ٿي رهيا. اسان وٽ ناانصافي ۽ بي خبريءَ جو ڪو ڪاٿو ئي نه آهي، شايد اها بي خبري ئي آهي، جيڪا انصافيءَ کي هٿي ڏيندڙ هجي ٿي. ٻوڏ ستايل پيڙهيل طبقو هڪ طرف فنڊ حاصل ڪندڙ طبقو ٻئي طرف وچان هڪ ٻيو مظلوم طبقي جي تشڪيل جون تياريون ٿي رهيون آهن، جيڪو ٻوڏ جو ٽيڪس ڀريندو. هي اهو طبقو آهي، جنهن ٻوڏ ستايلن جي سهائتا ڪئي آهي. هي اهو طبقو آهي، جنهن ٻوڏ جي دوران سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ذهني پيڙائن کي به ڀوڳيو آهي. اسان جو اپر ڪلاس هر ٽيڪس ۽ هر پيڙا کان سڌي طرح محفوظ رهيو آهي. هن وقت جيڪو نظام اسان جي سماج ۾ هلي رهيو آهي، اهو ’انڌير نگري چرٻٽ راجا“ کان گهٽ نه آهي، اهو طريقو منظم سماج کي بي ترتيب سماج ۾ تبديل ڪندو پيو وڃي، آس پاس کان بي خبري ۽ ناانصافي جي ورچڙهيل مظلوم عوام سهائتا لاءِ ڪهڙو در کڙڪائي...؟ قهر ته اهو آهي ته جن ضلعن ۾ ٻوڏ آئي آهي، اتي جي ماڻهن کي وطن ڪارڊ جي حصول لاءِ نااهل قرار ڏنو پيو وڃي. اسان جو سماج نظام اهو نظام آهي، جيڪو بنيادي طرح سان ناانصافي تي ٻڌل آهي، هتي هر غير قانوني ڪم ممڪن ۽ آسان هوندو آهي، هتي ڪنهن قتل جي مجرم کي بچائڻ سولو پر ڪنهن بيگناهه کي بيگناهه ثابت ڪرڻ مشڪل هجي ٿو. ساڳي طرح حقدار کي حق ڏيارڻ مشڪل ۽ اميرن کي امير بنائڻ سولو آهي. اسان جا پٺتي پيل ضلعا جن جي غربت اسين برداشت نه پيا ڪري سگهون، پنهنجين ڪوتاهين تي پردو وجهڻ لاءِ اسين انهن جا ڏوهه گناهه، جهالت سڀ شيون ظاهر پيا ڪريون. جڏهن ته هر چڱائي جو سماجي ڪارج هن جي چڱي نموني سان عمل ڪرڻ ۾ هجي ٿو، ڪابه چڱائي تيستائين فائديمند ثابت نه ٿي سگهندي، جيستائين اهو مثبت عمل نه هجي. اهو هڪ ٻرندڙ سچ آهي، جنهن کي منهن ڏيون ٿا ته ساڙي ڀسم پيو ڪري، جيڪڏهن ڍڪي ٿا ڇڏيون ته هڪ ڏينهن لائو بڻجي ڦاٽندو ۽ پوءِ شايد ئي ڪا لِڪڻ جي جاءِ انهن ٻرندڙ پٿرن کان اسان کي بچائي سگهي...!