جواب: ڏکن جو سمنڊ
محترم ڊاڪٽر صاحب جي شاعري پنهنجي مٽ پاڻ آهي، سهڻا لفظ، سهڻو پيغام ۽ دل لڀائيندڙ رنگ ڍنگ سان پيش ڪري ادي سجاد سرور ڪيو ڪمال آهي، کيس مبارڪون هجن ۔۔۔
پر ادي سجاد سرور جي ان پنجن مصرعائن واري گيت ۾ مصرع نمبر چار ۾ تار ٽٽل لڳي ٿي، جڏهن ته باقي چئن مصرعائن ۾ ساڳيو رڌم آهي ۔۔۔
سڀني مصرعائن ۾ پڄاڻي ٿئي ٿي ” آ ته ڇاهي! “ پر چوٿين نمبر بيت ۾ پڄاڻي ٿئي ٿي ” آهي ڇاهي! “ جيتوڻيڪ پاڻ ڪي شاعر يا شاعريءَ جي فن جا واقفڪار ناهيون پر جڏهن جتي ڪا تند ٽٽندي آهي ته سر ۾ هيٺ مٿاهين ٿيندي آهي، انجو احساس ٿيو ۔۔۔