وارد فرنچائيز تي ڪهڙو دوست ڪم ڪندو آهي ؟؟؟

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2010۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم دوستو


    دوستو ڪافي ٽائيم اڳ ۾ موبائيل ڪمپنين وارن اها سهولت عوام کي متعارف ڪرائي هئي ته توهان 668 تي ايس ايم ايس ڪريو جيڪي به سم توهان جي سي ، اين ، آ۽ ، سي تي رجسٽرڊ هونديون ته انهن جي باري ۾ اوهان کي معلومات ملي ويندي ، معلومات ته بلڪل ملي پئي پر ان تي عمل نه پيو ٿئي هاڻي مونکي ئي ڏسو مون وٽ
    موبلنڪ جي سم آهي يو فون جي سم آهي جيڪي گولڊن نمبرس آهن اهي پاڻ مون پنهنجي نالي تي رجسٽر ڪرايا آهن پر هاڻي 3 مهينن کان 668 واري سهولت مونکي ٻڌائي رهي آهي ته مان کي وارد جون به پنج سمان آهن جيڪي مون جي سي ، اين، آ۽ ، سي تي رجسٽرڊ آهن .
    سو قصو ڪٽائڻو مان وارد فرنيچائيز تي ويس مان فقير ماڻهو صفا اصل اٻوجهه جيئن ئي وڃي انچارج کي حوال ڪيم ته ان چيو ته سائين اسان توهان اپليڪيشن لکي ڏيو ته توهان جي نالي تي جيڪي رجسٽرڊ نمبرس آهن انهن کي مان بند ڪرائيندس مان ان کي اپليڪيشن به لکي ڏني ۽ اها به آفر ڪئي ته ادا توهان مون کي اهي نمبر ٻڌايو جيڪڏهن نمبر ڪو ايزي هوندو ته اهو مان پاڻ استعمال ڪندس ۽ توهان جي به اها ڪوشش هوندي آهي ته نمبر بند نه هجي سو ان نمبر ٻڌائڻ کان به جواب ڏئي ڇڏيو حالانڪه ناجائزي ڏسو سم نالي به مون جي ، سم نمبر مون ئي نه ٿا ٻڌائين ۽ وري سم بند به نه ٿيون آهن سو ان صورت ۾ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي ڪهڙي نموني سان مونکي ان نمبرس جي معلومات ملندي جيڪي مون جي سي ، اين ، آ۽ ،سي تي رجسٽرڊ ٿيل آهن ؟؟؟
    مان ڪهڙي نموني سان اهي نمبرس بند ڪرايان ؟؟؟
    هاڻي مون کي هڪ ٻيو آئيڊيا به ذهن ۾ آيو ته مان هن مسئلي کي فورم تي رکان متان ڪو دوست فرنچائيز ۾ ڪم ڪندو هجي مان ان کي پنهنجو سي ، اين ، آ۽ ، سي نمبر پي ايم ڪندس اهو دوست مون کي نمبرس ٻڌائي يا ڪو اهڙو طريقو ٻڌائي جيڪڏهن ڪو نمبر سهولت وارو مليو ته ان نمبر کي پاڻ وٽ رکندس باقي نمبرس بند ڪرائيندس
    ۽ جيڪڏهن مون وٽ سم نمبر هوندو ته مان اهي نمبر سروس سينٽر واري کي ٻڌائي آرام سان بند ڪرائي سگهان ٿو .

    وڌيڪ دوستن وٽ جيڪي آئيڊيا هجن ته هن ٿريڊ ۾ مون سان شيئر ڪري ،
    [​IMG][/IMG]​
    سدائين گڏ
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: وارد فرنچائيز تي ڪهڙو دوست ڪم ڪندو آهي ؟؟؟

    فقير سائين اهو نمبر جيڪو اوهان جي نالي تي آهي يقينا ڪو استعمال ڪري رهيو هوندو انڪري اوهان کي اهو نمبر نه ملي سگهندو باقي بند ڪرائڻ لاء اوهان درخواست ڏئي ڇڏيو پوء جڏهن ان نمبر جو يوزر سجاڳ ٿيو ته توهان جي نالي تان سم ڪٽجي ان جي نالي تي ٿي ويندي باقي جيڪڏهن فرنچائيز وارا بند ڪرڻ چاهين ته انهن لاء ڪو مسئلو نه اهي مون سان به اهڙو مسئلو آهي . هتي ته فرنچائيز تي ڪافي دوست به آهن ليڪن مالڪن جي اجازت نه اٿن ان ڪري بيوس لڳا پيا آهن شروع ۾ جنهن شريف ماڻهو ڪارڊ جي ڪاپي ڏني ٻين نه ڏني جن نه ڏني انهن جا نمبر به ان شريف ماڻهو جي ڪارڊ تي رجسٽر ڪرائي ڇڏيائون اهو اها پاڪستان سي زنده ڀاگ.

    وڌيڪ ڪنهن دوست کي ڪا وڌيڪ سُڌ هوندي ته اوهان کي ٻڌائيندو.
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: وارد فرنچائيز تي ڪهڙو دوست ڪم ڪندو آهي ؟؟؟

    فقير سائين بهتر اهو آهي ته توهان انهن نمبرن کي بلاڪ ڪرائي ڇڏيو۔۔۔ ڪمپني وارا توهان کي اهو نمبر ڪونه ٻڌائيندا۔۔ مون سان به ساڳي ويڌن ٿي هئي۔۔ ها باقي جيڪڏهن وارد جو ڪو همراهه توهان جو سڃاڻو نڪري پوي ته 50 سيڪڙو چانس آهن ۔۔۔ بهرحال توهان رسڪ نه کڻو ۽ نمبر بلاڪ ڪرائي ڇڏيو ڇو ته اڄ ڪلهه مجرماڻي ڪمن ۾ اهڙيون سمون استعمال ٿين پيون۔۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: وارد فرنچائيز تي ڪهڙو دوست ڪم ڪندو آهي ؟؟؟

    فقير سائين منهنجي به صلاح اهائي اٿئي ته نمبر کي بند ڪرايو۔
    ابا زمانو خراب آهي،ڪٿي وري ڳالھ ڳيچي ۾نه پئجي وڃئي۔
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: وارد فرنچائيز تي ڪهڙو دوست ڪم ڪندو آهي ؟؟؟

    دوستو نمبر ته بند ٿين ئي نه پيا فرنچائيز وارن کي اپليڪشن به ڏني آهي ۽ رسيو ڪاپي به ورتي آهي پر وري به نمبر هلن پيا ڇا ڪجي
    مون وٽ انهن جي ريسيو ڪاپي هٿيڪي آهي
    وڌيڪ جيڪڏهن وري جيڪا سنگت جي صلاح

    سدائين گڏ
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: وارد فرنچائيز تي ڪهڙو دوست ڪم ڪندو آهي ؟؟؟

    فقير اصل هاڻي حيدري ڏنڊو کڻڻو پوندو اوهان کي۔۔۔۔ باقي ائين هونئين ته ڪم ڪونه هلندو۔۔۔ وارو ڪر فرنچائيز وارن جي دوڪان جي ٻه ٽي شيشا ڀڃڻا پوندا اوهان کي۔

    منهنجي صلاح ته اها اٿئي باقي جي اڃان به منٿون ۽ واڪا ڪرڻا اٿئي ته پو ڀلي پيو ڪرين۔۔۔۔۔
     
  7. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: وارد فرنچائيز تي ڪهڙو دوست ڪم ڪندو آهي ؟؟؟

    سائين اهي نمبر استعمال ۾ آهن ان ڪري هو پنهنجو نقصان نه ڪندا. ۽ نه ئي نمبر ٻڌائيندا............
     
  8. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: وارد فرنچائيز تي ڪهڙو دوست ڪم ڪندو آهي ؟؟؟

    باقي ڪو واسطو ڪم ڪرائي سگهي ٿو.......
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: وارد فرنچائيز تي ڪهڙو دوست ڪم ڪندو آهي ؟؟؟

    ادا ان جي لاء توهان کي وارد جي سروس سينٽر تي ڪال ڪرڻي پوندي  انهن کي توهان رسيو ڪاپي جو نمبر ب ٻڌائيندا ت توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو