حاڪم
سينيئر رڪن
الائي وري ڪٿي سوفسطائين ۾ڦاسي پئين ريما!؟ هزارين ورهيه اڳ جون ڳالهيون توکي اتي ڦلهورڻ مان ڇا ٿو ملي، جتي تاريخ کي فقط ۽ فقط ماضي جي ڳالهه چئي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي؟ توکي سوفسطائيت کي ڌيان سان پڙهڻ گهرجي. سوفسطائيت رڳو تقرير بازي جي هنر جو نالو نه هو. ها! هنن همراهن واقعي دليل بازي جو اهڙو هنر/فن ايجاد ڪيو هو، جو اڇي کي ڪارو ۽ ڪاري کي اڇو ثابت ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا هئا، پر توکي اهو ٻڌائيندو هلان ته سوفسطائيت يوناني فلسفي جو اهو ٻيو اهم دور آهي، جيڪو پنجين صدي قبل مسيح کان شروع ٿي ٻي صدي عيسوي تائين پنهنجا اثر ڇڏيندو نظر اچي ٿو. هن مختصر خط ۾ ته ان تي ڪو ڊگهو بحث نٿو ڪري سگهان، پر توکي اهو ٻڌايان ته تو به سوفسطائيت کي تڪڙ ۾ سمجهي ان تي مڙئي راءِ ڏئي ڇڏي آهي.
جڏهن سقراط اڃا پنهنجي تبليغ به شروع نه ڪئي ته سوفسطائي فلسفي جي دنيا تي ڇائنجي چڪا هئا. ٿيلس، هيراقليتس، پارينائڊز ۽ ڊيمو ڪرائٽس جهڙا فلسفي سوفسطائين کان اڳ ۾ يوناني فلسفي کي، انهن کان اڳ آفاقي، عالمي، ڪائناتي نقطئه نظر تحت پيش ڪري چڪا هئا. ڪائنات ڇا آهي؟ قدرت يا فطرت ڇاهي؟ مادو ڇاهي؟ مادو ڇا مان ٺهيل آهي؟ جهڙا سوال فلسفي جا بنيادي سوال هئا ۽ مٿي ذڪر ڪيل فلسفي فقط ۽ فقط ڪائنات کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ هئا، جڏهن ته انسان جي ذات متعلق سوال ثانوي هو. سوفسطائين ڇا ڪيو جو ”انسان ڇا آهي؟“ جي سوال کي اڳيان آڻي ڪائنات، فطرت، مادي بابت سوالن ۽ بحث کي ثانوي حيثيت ڏئي ڇڏي، تنهن ڪري تاريخ جي ڪئنواس تي اسان کي اهو ٿو نظر اچي ته سوفسطائين پراڻي فلسفي جي آفاقي خيالن ۽ بحث کي پاسيرو رکي فلسفي جي حدن ۾ انسان کي بحث جو موضوع بنايو ۽ اهو چيو ته فلسفي جو مقصد ته انسان کي سمجهڻ ئي هئڻ گهرجي، نه ڪي ڪائنات کي. انهيءَ ڪري فيثا غورث چيو هو ته ”انسان ئي هر شيءِ جو پيمانو آهي.“ هن دور ۾ سوفسطائيت جو لفظ/اصطلاح دوکيبازي وارا دليل ڏيڻ جي مفهوم ۾ استعمال ٿئي ٿو، پر شروع ۾ سوفسطائي جي معنيٰ هئي، ”ڏاهو يا داناءُ استاد“ مولانا روم جهڙي ذهين شاعر سوفسطائيت کي تڏهن واري مفهوم ۾ استعمال ڪيو آهي، جڏهن سوفسطائيت پنهنجي معنيٰ ۽ مفهوم جي ذري گهٽ ابتڙ ٿي وئي هئي.
نفس سو فسطائي آمد ميزنش،
ڪش زدن سازد نه حجت گفتنش!
(نفس سوفسطائي آهي، ان کي مار، ڇو ته هو مارڻ لائق آهي، دليل بازي نه ڪجي ان سان).
ها! سقراط کان افلاطون، ارسطو تائين به سوفسطائين کي دوکيباز دليل باز قرار ڏنو ته ويو آهي، پر توکي خبر آهي ته سقراط خود به سوفسطائي هجڻ جي الزام کان انهيءَ ڪري بچي نه سگهيو هو، جو سقراط به تجربي ذريعي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو قائل هو. شڪ پسند هو ۽ بحث تي زور ڏيندو هو، جڏهن ته اهي ئي ڳالهيون سوفسطائين وٽ هيون. اهي به سقراط جيان پراڻن عقيدن، مذهبن ۽ ديوتائن جا اهڙا انڪاري هئا، جهڙو سقراط خود هو ۽ سندس موت جي سزا جو سبب هڪ اهو الزام به هو، پر افلاطون کي، سقراط کي سو فسطائي هجڻ جي ترديد اهو چئي ڪرڻي پئي هئي ته سقراط سوفسطائين جيان ڪڏهن درس و تدريس لاءِ معاوضو نه وٺندو هو، نه ئي هن ڪڏهن بهترين استاد هجڻ جي سوفسطائين جيان خود دعويٰ ڪئي، نه هو وقت ۽ حالتن پٽاندڙ سچ يا سچائي جو قائل هو، جيئن سو فسطائي چوندا هئا ته هر فرد ۽ هر قوم جو سچ پنهنجو هجي ٿو.
صداقت ۽ نيڪي مخصوص ماحول ۽ وقت جي پيداوار هجي ٿي. سوفسطائين، جن جي تعليم اخلاقيات بجاءِ پريڪٽيڪل ۽ پروفيشنل هوندي هئي، اهي انهن مخصوص حالتن ۾ پيدا ٿيا، جڏهن يوناني ايرانين تي فتح حاصل ڪري اهو يقين ڪري چڪا هئا ته هڪ مهذب اقليت به بي ترتيب، بي تنظيم اڻ ڳڻي اڪثريت تي فتح حاصل ڪري سگهي ٿي. انهيءَ فتح کانپوءِ ئي يونانين جا دنيا ۾ آباد ٻين ملڪن جي ٻين قومن سان واسطا ۽ رابطا ٿيا ۽ خود اٿينز ۾ جمهوري ذهن اڀرڻ لڳا، جن جي سياست توڙي سماج ۾ ضرورت هئي ته ٻئي طرف وري مقابلي بازي جو رجحان وڌيو. انهيءَ ماحول ۾ يوناني سماج کي اهڙن ماڻهن جي ضرورت پئي، جيڪي نوجوان نسل جي انهن سبجيڪٽن ۾ تربيت ڪري سگهن، جيڪي سماجي حوالي سان فائديمند ۽ اثرائتا هجن. سوفسطائين جي پروفيشنلزم کي انهيءَ ماحول جو وڏو فائدو حاصل ٿيو ۽ هنن سياست کان وٺي فصاحت، بلاغت تي زور ڏنو، تقرير ۽ دليل بازي جي فن کي کڻي هو هڪ شهر کان ٻي شهر هلڻ لڳا. هجومن جا هجوم سوفسطائين کي ٻڌڻ لاءِ آتا هوندا هئا. سوفسطائين کي پيريڪليس يورو پڊيز ۽ سقراط جهڙا ماڻهو به شهرن جي چوڪ تي عوام سان گڏجي وڃي ٻڌندا هئا.
ها! رات کي ڏينهن ثابت ڪندڙ سوفسطائي جتي ٻيون اهڙيون ڳالهيون به ڪندا هئا، جيڪي اڄ اسان کي کل جوڳيون لڳن ٿيون، اتي اهي صاحب حاڪم ٽولن جي ٺاهيل قانونن واري چال جا بکيا به اڊيڙيندا هئا. مثال طور: سوفسطائي ٿريسي ميڪس چيو ته ”عدل ۽ انصاف ته حاڪم طبقن جي مفادن جي نگهباني جو ٻيو نالو آهي ۽ قانون چند طاقتور ماڻهن جو ڪمزور ۽ غريب ماڻهن کي هميشه دٻائي رکڻ جي چال ۽ هٿ ڪنڊو آهي.“ اهي سوفسطائي ئي هئا، جن سياست ۾ مذهب جي استعمال کان منع ڪئي هئي ۽ انهيءَ ٿريسي ميڪس ئي چيو هو ته، ”مڪار سياستدان عوام کي مذهب جي نالي ۾ ڌوڪو ڏئي ماڻهن کي پنهنجو اطاعت گذار بنائڻ چاهين ٿا.“ انهيءَ کانسواءِ اهڙيون ڪئين ڳالهيون آهن سوفسطائين جون، جيڪي اڄ به عقل کي حيران ڪري ٿيون ڇڏين. جيئن اها ڳالهه به گورجياس سوفسطائي نالي ڪئي هئي ته ”ڪو به اخلاقي معيار آخري ۽ قطعي ناهي.“ يعني هر فرد جو اخلاق، هر قوم جيان پنهنجو هجي ٿو. ائين هن چيو ته ”حقيقت تائين پهچڻ لاءِ انساني حواس ناڪافي آهن، ڇو ته جيستائين انساني حواس حقيقت تائين پهچي ڪو نتيجو ڪڍن ٿا، تيستائين اها حقيقت ئي تبديل ٿيو وڃي.“ اميد ته ايندڙ خط ۾ تون ڪجهه ڳالهيون وڌيڪ شيئر ڪندئين شل خوش هجين -آباد هجين!