• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ ٻڏل شهر جي ماڻهن جا سوال!

حاڪم

سينيئر رڪن
ٻين سيپٽمبر تي خيرپور ناٿن شاهه جي لاسٽ ڊفينس لائين خدا واهه کي گهارو لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه لک کان وڌيڪ آباديءَ وارو شهر ۽ ان جي پسگردائي جي ڪل آبادي، (هڪ اندازي موجب لڳ ڀڳ پنج لک) سوين ڳوٺ، هزارين ڪچا ۽ پڪا گهر، هزارين ايڪڙن تي بيٺل سارين جو فصل ٻڏي ويا. پاڻي يڪدم گهرن ۾ ڪاهي پيو، انڊس هاءِ وي بند ٿي ويو، گرڊ اسٽيشن ٻڏي ويئي، افراتفري واري منظر جنم ورتو.آئون اها ڳالهه ان ڪري ڪريان ٿو ته شهر ۽ ان جي پسگردائي جي ٻڏڻ جو ڪو به امڪان نه هو، ڇو ته شهر جي اولهه ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ چار ڊفينس بند ۽ واهه آهن. (1) ايف پي بند جنهن کي بچاءُ بند به چيو وڃي ٿو، جيڪو بلوچستان ۽ کيرٿر جبلن جي برساتي پاڻيءَ کي روڪي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرائي ٿو. (2) ايم اين وي ڊرين آهي، جنهن کي ڇنڊڻ چيو وڃي ٿو، جنهن جي ڪپرن جي اوچائي به تقريبن ايف پي بند جيڏي آهي. (3) ان کان پوءِ سپريو بند آهي، جيڪو 1973ع، 1976ع، 1993ع ۽ 2007ع جهڙين وڏين ٻوڏن کي منهن ڏنو ۽ ڪٿان به نه ٽُٽَو. (4) ان کان پوءِ آخر ۾ رائيس ڪئنال ۽ خدا واهه جا اهي ڪپر آهن، جيڪي سدائين شهر ۽ ان جي پسگردائي کي بچائيندا آيا آهن، تنهنڪري منهنجو چوڻ آهي ته خيرپور ناٿن شاهه جي ٻڏڻ جو ڪو به امڪان نه هو پر اسان جي نمائندن جي نااهلي ۽ بي ڌياني جي ڪري هيڏو وڏو شهر ۽ ان جي پسگردائي ٻڏي ويئي. مان ان سلسلي ۾ هيٺيان ڪجهه سوال خيرپور ناٿن شاهه جي ايم اين اي، ايم پي اي، سرڪاري ڪامورن تعلقه ميونسپل ايڊمنسٽريٽر، مختيار ڪار ۽ ڊي سي او دادو کان پڇڻ چاهيان ٿو. جيڪڏهن هو واقعي به پاڻ کي هن سموري تباهيءَ جي ذمي کان آجو ڪرائڻ چاهين ٿا ته هنن سوالن جا جواب ڏين. سنڌ جو عوام باشعور آهي، تنهنڪري ووٽ وٺندڙن کي ووٽرن پاران ڪيل اهم سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا. منهنجا سوال ڪجهه هيٺين ريت آهن.

(1) ستين آگسٽ تي ٽوڙي بند کي گهارو هنيو ويو يا پاڻ ٽُٽَو ان جو فيصلو آئينده جو وقت ڪندو، جنهن مان روزانو هڪ لک ڪيوسڪ پاڻي گذرندو رهيو، جيڪو مختلف علائقن ۾ تباهي آڻيندو رهيو. 7 آگسٽ ۽ 2 سيپٽمبر جي وچ ۾ 25 ڏينهن جو وقت هيو، ان پنجويهه ڏينهن ۾ هنن نمائندن ڇو ڪو نه سرگرمي ڪئي ۽ خدا واهه جي ڪنارن کي ڇو نه مضبوط ڪيو ويو؟ جيڪو وڌ ۾ وڌ ڏهن ڏينهن جو ڪم به ڪو نه هيو. خدا واهه جو مفاصلو هڪ اندازي موجب وڌ ۾ وڌ 8 ڪلوميٽر مس آهي، ان تي جيڪڏهن چار مشينون روزانو ڪم ڪن ها ته وڌ ۾ وڌ 50 لک کان 70 لک تائين خرچ اچي ها ۽ خدا واهه تمام گهڻو مضبوط ٿي وڃي ها ته پوءِ انهن 25 ڏينهن ۾ ڇو ڪا سرگرمي نه ڪئي ويئي؟ يا ڪو بندوبست ڇو نه ڪيو ويو؟

(2) بقول اڳوڻي ايم پي اي قاضي شفيق احمد مهيسر ۽ موجوده تعليم واري وزير پير مظهر جي ته خيرپور ناٿن شاهه لاءِ ضلعي حڪومت طرفان ٻه ڪروڙ رپيا شهر کي بچائڻ ۽ رنگ بند ڏيڻ لاءِ جاري ڪيا ويا هئا، اهي ٻه ڪروڙ ڪٿي خرچ ڪيا ويا؟ انهن ٻن ڪروڙن ۾ خدا واهه جي ڪنارن يا شهر کي رنگ بند ڏيڻ لاءِ ڇو ڪو نه استعمال ڪيو ويو؟

(3) جوهي بئراج کي ڪاري موري وٽ ڪٽ هڻڻ لاءِ اڳواٽ سرڪاري سطح تي اتفاق ڇو ڪو نه ٺاهيو ويو؟ اها ڳالهه ميڊيا ۽ ٻين ادارن تائين ڇو ڪو نه ٻڌائي ويئي ته هڪ مملڪتي وزير جا هٿياربند ماڻهو جوهي بئراج کي ڪٽ هڻڻ نٿا ڏين؟

(4) ان سڄي معاملي ۾ خيرپور ناٿن شاهه جي باشعور ماڻهن، سرنديءَ وارن ماڻهن، مخالف ڌرين کي ڇو ڪو نه پاڻ سان گڏ کنيو ويو ۽ انهن کان ڇو ڪو نه مدد ورتي ويئي؟

(5) هر مهيني ٽي ايم اي جي اڪائونٽ ۾ سنڌ حڪومت کان جي ايس ٽي جي مدَ ۾ هڪ ڪروڙ رپيا قسط ايندي آهي، جنهن ۾ ٽي ايم اي جي ملازمن جي پگهار 30 لک آهي، باقي 70 لک رپيا بچن ٿا، انهن کي بندن جي مضبوطي خاطر ڇو ڪو نه استعمال ڪيو ويو؟

(6) شهر جي سياسي، سماجي ڪارڪنن ۽ شهرين توڙي پنهنجي هارين نارين راڄن ۽ ڀاڳن کي ڇو ڪو نه چيو ويو ته اوهان به اسان سان گڏ بند تي هلو ۽ رضاڪارانه طور ڊيوٽيون ڏيو. هيءَ ڳالهه رڳو چونڊيل نمائيندن تي نه، پر مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ ٻيٽي جي جتوئين تي به لاڳو ٿئي ٿي ته شهر کي بچائڻ لاءِ انهن پنهنجن ڪيترن ماڻهن کي سرگرم ڪري ڊيوٽيون لڳايون. سياست جي راند ڪندي ڪندي شهرين کي ٻوڙائڻ ۾ انهن جو به هڪجيترو ڪردار آهي، جيترو چونڊيل نمائيندن جو ڪردار آهي.

(7) ماڻهن کي ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو ڇو ڪو نه بندوبست ڪيو ويو؟ ماڻهن کي موقعي پرست لالچي ٽرانسپورٽن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو، جن ماڻهن جي مجبوريءَ مان ناجائز فائدو وٺي چئوڻ ۽ پنجوڻ تي وڌيڪ ڪرايو وصول ڪيو، ان لاءِ اڳواٽ گاڏين جو ڇو ڪو نه بندوبست ڪيو ويو؟

(8) هوڏانهن خدا واهه کي گهارو لڳو ۽ پاڻي تيزيءَ سان شهر ڏانهن وڌڻ لڳو ته ايم اين اي صاحب ان وقت ٽي وي تي فرمان جاري ڪري رهيو هو ته خيرپور ناٿن شاهه کي ڪو به خطرو نه آهي ۽ شهري سڪون سان ننڊ ڪن، ڇا اها ماڻهن سان دشمني نه چئبي؟

(9) ايم پي اي ۽ ايم اين اي مهرباني ڪري اهو ٻڌائين ته انهن متاثر ماڻهن لاءِ اڳواٽ گهڻين ڪيمپن جو بندوبست ڪيو ۽ متاثرن جي مالڪي ڪئي؟

(10) جنهن مهل هڪ مملڪتي وزير جي هٿياربند ماڻهن گاڏين تي چڙهي کاٽيءَ جي مشين ساڻ ڪري ايم اين وي ڊرين کي ڪنب وٽان گهارو هنيو ته ان مهل اوهان ڇو پاڻ سان سوين ماڻهو گڏ ڪري ان هنڌ تي پهچي اهو گهارو بند نه ڪرايو؟

ڪي اين شاهه جي ٽي ايم اي آفيس ۾ هر مهيني جي قسط هڪ ڪروڙ رپيا آهي. 30 لک کان 40 لک پگهارن ۾ وڃن ٿا، باقي هر مهيني 60 لک رپيا بچن ٿا، سي ٻن سالن کان وٺي ڪٿي خرچ ڪيا ويا؟ انهن جو ڪو به رڪارڊ نه آهي. ماڻهو مطالبو ڪن ٿا ته گذريل چئن سالن کان وٺي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، جنهن جي هاءِ ڪورٽ کان جاچ ڪرائي وڃي. ٻن اڍائي سالن کان ته پيپلز پارٽي آئي آهي، پر ان کان اڳ به جيڪي هن علائقي مان چونڊيل هئا، انهن ساڳي آفيس مان ڪرپشن جا ڪلور ڪيا آهن، انهن کان به حساب ٿيڻ گهرجي، پوءِ ڀلي کڻي اهي ”خان“ ئي ڇو نه هجن!
 
Back
Top