• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اقتداري تبديليءَ جا خواهشمند ۽ سياست جا حقيقي منظر

حاڪم

سينيئر رڪن
”تبديلي“ اڄ اسان جي ملڪ جي سياست جو سپر هٽ لفظ بڻجي ويو آهي. تبديلي ڪيئن ۽ ڪٿان ايندي، ڪهڙي هوندي ۽ نئون اچڻ وارو ڪير هوندو؟ انهن سوالن جا جواب ڪنهن وٽ به ناهن، پر چانهه جي ڪوپ ۾ طوفان مچائڻ وارا روزانو ملڪ ۾ تبديلي اچڻ جا اعلان ڪري ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن. ڪڏهن اهي فوج کي دعوت ڏئي رهيا آهن ته ڪڏهن عدالت ذريعي حڪومت جي خاتمي جون ”خوشخبريون“ ٻڌائي اندر ئي اندر سرها ٿي رهيا آهن ته حڪومت اڄ ويئي، سڀاڻي ويئي. سپريم ڪورٽ ۾ اين آر او جي ڪيس جي هر ٻڌڻي کان ٻي ٻڌڻي تائين مخصوص ميڊيائي ٽولو اهو تاثر قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي ته حڪومت، سپريم ڪورٽ جي ايندڙ ٻڌڻي کان بچي معنيٰ نئين ڄائي. اين آر او ڪيس جي گذريل ٻڌڻي بعد آچر ڏينهن يعني 3 آڪٽوبر تي ڪجهه صحافي دوستن سان گڏ لاهور ۾ وزير اعظم يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ٿي. ان ملاقات ۾ تبديلي جي اعلانن کان پريشان صحافين وزير اعظم کان لڳاتار اهو سوال پئي ڪيو ته 13 آڪٽوبر تي ڇا ٿيندو؟ ڇا حڪومت 13 آڪٽوبر بعد به هلي سگهندي؟ وزير اعظم يوسف رضا گيلاني کلندي ڪنهن بادشاهه جي ڪهاڻي ٻڌائي جواب ڏنو هو. هن چيو ته ” هڪ بادشاهه پنهنجي سياڻي وزير کي گهرائي ان کي هڪ مُنڊي ڏني ۽ ان کي حڪم ڏنو ته هن مُنڊي تي ڪو اهڙو جملو لک، جنهن کي ڏسي جيڪڏهن مان خوشي ۾ هجان ته غمگين ٿي وڃان ۽ پريشاني وارين حالتن مان گذرندو هجان ته خوش ٿي وڃان. وزير مُنڊي مٿان لکيو ته هي وقت به گذري ويندو. سو 13 آڪٽوبر به گذري ويندي ۽ اسان جي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي.“

وزير اعظم 13 آڪٽوبر جي حوالي سان جيئن چيو ايئن ئي ٿيو. 13 آڪٽوبر به پراڻي ڪهاڻي ٿي ويئي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي هاڻي ايندڙ مهيني يعني نومبر جي پهرين هفتي ۾ ان شرط تي ٿيندي ته 17 رڪني بئنچ جا سمورا جج پرنسپل بئنچ يعني اسلام آباد ۾ موجود هجن. جيڪي 13 آڪٽوبر تي حڪومت جي وڃڻ جا خواب ڏسي رهيا هئا، تن کي وڌيڪ هڪ مهينو انتظار ڪرڻو پوندو ۽ هڪ مهيني تائين اهي رودالي ڪري قوم جا ڪن کائيندا رهندا ته حڪومت نومبر جي پهرئين هفتي تائين جي مهمان آهي. اڳ ۾ جيڪي سيپٽمبر کي ستمگر چوندا هئا، 13 آڪٽوبر کي مشرف جي 12 آڪٽوبر 1999ع واري فوجي بغاوت سان ڀيٽيندي حڪومت ۽ خاص ڪري صدر زرداري لاءِ خراب ڏينهن قرار ڏئي رهيا هئا، تن کي نومبر جي مهيني لاءِ به ڪو نئون رونشو ڳولڻو پوندو. باقي اهي تاريخون اينديون وينديون رهنديون ۽ معاملو هلندو رهندو. ان جو انت ڇا آهي، ڪيئن ٿيندو، اها خبر ته ان اسڪرپٽ رائيٽر کي ئي هوندي، جنهن مشرف هٿان پهرين چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي غيرفعال بڻايو ۽ بعد ۾ هڪ وڏي تحريڪ شروع ڪرائي.

پ پ جي حڪومت اچڻ تي اهو طئي ڪيو ويو ته صدر زرداري کي مٿي ۾ سور وجهڻ لاءِ آزاد عدليه ضروري آهي ۽ لانگ مارچ ڪرايو ويو. سو، ان اسڪرپٽ ۾ اهو به اڳواٽ طئي ٿيل هوندو ته هاڻي ڇا ۽ ڪيئن ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙو مهرو ڪهڙي وقت استعمال ڪرڻو آهي. پر نظر ايئن پيو اچي ته صدر زرداري جي مهرن سامهون ان جون سڀ چالون چِت ٿينديون پيون وڃن ۽ ان ماسٽر کي آخرڪار مجبور ٿي پنهنجي آخري چال چلڻي پوندي، جيڪا انتهائي خطرناڪ هوندي. باقي ٽي وي چئنلن تي ويهي جيڪي هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اهي ملڪ ۽ قوم سان دشمني کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه پيا ڪن.

هڪ ته عوام جي اصل مسئلن تان ڌيان هٽائي اڳ ۾ سڄي ملڪ کي هڪ ڪيس ۾ منجهايو ويو آهي، ٻيو وري ان ڪيس کي بنياد بڻائي هر هفتي حڪومت جي وڃڻ جون خبرون هلايون پيون وڃن. اڳ ۾ ته صرف اين آر او جو ڪيس هو، هاڻي ته ان ۾ نيب چيئرمن جي مقرري کي به شامل ڪيو ويو آهي، جنهن سان ملڪ مان سرمايو ايئن ٻاهر اڏامي رهيو آهي، جيئن گرمي اچڻ بعد ٿڌن ملڪن جا پکي اسان جي ملڪ جون گرم ڍنڍون ڇڏي اڏامي ويندا آهن. سو، جيڪڏهن ملڪ ۾ اهڙي صورتحال نه هجي جنهن مان تبديلي اچڻ جو گمان پيدا ٿئي ته ملڪ ۾ تبديلي ۽ حڪومت جي خاتمي جو خبرون هلائڻ يا تجزيا ڪرڻ ڪهڙي ملڪ دوستي آهي؟ خاص طور اهڙين حالتن ۾ جڏهن ٻوڏ سبب ملڪ تباهين جي ور چڙهيل هجي، تڏهن ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي تي نظر وجهي حڪومت جي نااهلين، غير ذميوارين ۽ پنهنجا نوازين کي وائکو ڪرڻ بدران نان اشوز کي اٿاري ڇا اهو مخصوص ميڊيائي ٽولو پنهنجون پيشيوراڻيون ذميواريون ادا ڪري رهيو آهي؟

بهرحال، سوال جڏهن تبديلي جو آهي ته مونجهارو اهو آهي ته ڇا تبديلي ان هائوس ايندي. يعني پارليامينٽ مان ايندي ۽ عدم اعتماد جي تحريڪ ذريعي وزير اعظم گيلاني جي حڪومت ختم ڪري نئين حڪومت قائم ڪئي ويندي؟ اتحادي حڪومت هئڻ سبب اهو ممڪن ته نظر اچي ٿو پر سولو ڪنهن به حوالي سان ناهي. ڪهڙيون جماعتون گڏجي بي اعتمادي جي تحريڪ کي ڪامياب بڻائينديون ۽ ڪهڙيون جماعتون گڏجي نئين حڪومت ٺاهينديون؟ هن وقت پ پ 125 ووٽن سان اتحادي حڪومت جي قيادت ڪري رهي آهي. ٻئي نمبر تي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي جماعت نواز ليگ آهي، جنهن وٽ 96 ووٽ آهن. جيڪڏهن پ پ جهڙي جماعت، جنهن جي سڄي ملڪ ۾ نمائندگي آهي، اها 125 ووٽن باوجود پنهنجي اتحادي حڪومت نه بچائي سگهندي ته ڇا نواز ليگ نئون اتحاد ٺاهي، نئين حڪومت قائم ڪري ان کي هلائي سگهندي؟

نواز ليگ وٽ صرف ۽ صرف پنجاب جو مئنڊيٽ آهي ۽ ان جي قيادت جو سڄو فوڪس به پنجاب ئي رهيو آهي. ان جو مثال گذريل اڍائي سالن کان نواز شريف جون سرگرميون آهن، جيڪي نه رڳو پنجاب بلڪه ايوانِ وزيراعلى، مري يا اسلام آباد تائين محدود رهيون آهن. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اين ايف سي هجي يا پاڻي اشو، ٻوڏ هجي يا ٻيو ڪو مامرو، نواز شريف پاڻ پنجاب حڪومت جي انهن اجلاسن جي نه رڳو صدارت ڪندو رهي ٿو، بلڪه پنجاب حڪومت پاران صوبي جي ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ ڪوٺايل انٽرنيشنل ڊونرز ڪانفرنس جي صدارت به نواز شريف پاڻ ئي ڪئي، جنهن مان سمورن صوبن کي اهو پيغام مليو ته نواز ليگ پنجاب تائين محدود جماعت آهي ۽ ان جي قيادت جو سڄو فوڪس به پنجاب ئي آهي. نه رڳو مئنڊيٽ جي حوالي سان بلڪه پنهنجي عمل ذريعي به گذريل اڍائي سالن کان نواز شريف اهو ثابت ڪندو رهيو آهي. جيڪڏهن مان غلط ناهيان ته جلاوطني بعد نواز شريف ٻه يا ٽي ڀيرا سنڌ جي دوري تي آيو آهي، هڪ ڀيرو بلوچستان ويو ۽ اٺ ڏهه ڀيرا خيبرپختونخوا ويو، جتي به هن هاڻي وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. جلاوطني ختم ڪرڻ بعد نواز شريف جيترا ڀيرا لنڊن ويو آهي، اوترا ڀيرا ته هو لاهور کان ملتان به ناهي ويو. ان ڪري اهڙي جماعت ڪيئن پ پ حڪومت جي خاتمي بعد نئين اتحادي حڪومت جي قيادت ڪري سگهندي؟ جيڪڏهن نواز ليگ کي ايم ڪيو ايم، اي اين پي، جي يو آءِ ۽ ٻين جماعتن جي حمايت حاصل به ٿي وڃي ته ان جو وزير اعظم ڪير هوندو؟ ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت نواز ليگ اندر هڪ درجن کان وڌيڪ وزير اعظم جا اميدوار آهن ۽ ان وقت تائين نواز ليگ ۾ وزير اعظم جا اميدوار وڌندا رهندا، جيستائين نواز شريف پاڻ کي چونڊرائي قومي اسيمبلي ۾ نٿو اچي. جيڪڏهن ايئن ٿي به وڃي ۽ نواز ليگ، گيلاني کي هٽائي پنهنجي نئين اتحادي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي به وڃي، ته سوال اهو آهي ته ڇا پردي پٺيان ويهي کيل تماشو رچائيندڙ ان بعد چپ ڪري ويهي رهندا؟ اصل مسئلو ته ”پاڪستان جي ڀريل ٻيڙي ۾ سنڌي ڳرو“ وارو آهي. يعني اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي هم خيال سياسي، صحافتي توڙي ٻين لڏن جي اک جو ڪنڊو ته صدر زرداري آهي، جيڪو حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿي وڃڻ باوجود ايوانِ صدر ۾ سنڌي ٽوپي پائي ويٺل رهندو. يعني مسئلو ته جيئن جو تيئن موجود رهندو، پوءِ اِن هائوس تبديلي جون ڳالهيون ڇا اجايون ناهن؟ ڇاڪاڻ ته وزير اعظم کي هٽائڻ سولو ۽ صدر کي هٽائڻ لاءِ مواخذي جو عمل موجوده اسيمبلي ۾ تمام گهڻو ڏکيو نظر اچي رهيو آهي.

وزير اعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ ته ان کي ملندڙ ووٽن کان هڪ وڌيڪ ووٽ کڻڻ تي ڪامياب ٿي ويندي، پر صدر جي مواخذي لاءِ سادي اڪثريت يا واضح اڪثريت نه بلڪه ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت گهرجي. ڇا موجوده ايوان، جنهن ۾ هڪ عجيب و غريب کچڻي پڪل آهي، اتي اهو ممڪن آهي ته صدر خلاف مواخذي جي تحريڪ ڪامياب ٿي سگهي؟ ان کان به وڌيڪ اهم سوال اهو آهي ته جيڪڏهن صدر خلاف مواخذي جي تحريڪ جي ڪاميابي جو هڪ آنو به امڪان هجي ها ته ڇا ان جا بدخواهه صدر کي گهر موڪلڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آس لڳائي ويهن ها؟ يعني انهن کي اها اميد ناهي ته اهي پارليامينٽ ذريعي صدر کي گهر موڪلي سگهن ٿا، ان ڪري هاڻي اهي سپريم ڪورٽ ۾ جاري اين آر او ڪيس جي تاريخن تي نظر وجهيو ويٺا آهن ۽ هر تاريخ کي پنهنجي خواهش مطابق آخري تاريخ قرار ڏئي صدر زرداري جي گهر ڀيڙو ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن، جيڪي في الحال آئيني رستي سان پورا ٿيندا نظر نه ٿا اچن. جن کي مسلم ليگين جي اتحاد مان ڪا اميد آهي ته انهن لاءِ صرف ايترو عرض ڪجي ٿو ته انهن ئي مسلم ليگين کي آمر جنرل پرويز مشرف پنهنجي حڪومت دوران نه رڳو متحد ڪيو، بلڪه انهن کي ضم ڪري پاڪستان مسلم ليگ جو نالو ڏئي وڏي ڪاميابي جو اعلان ڪيو هو. ان مسلم ليگ ۾ چوڌرين جي ”ق“ ليگ به هئي ته پير صاحب پاڳاري جي ”ف“ ليگ به هئي، پ پ پيٽرياٽ به ان ۾ شامل ٿي هئي ته فاروق لغاري جي ملت پارٽي به ان جو حصو هئي ۽ حامد ناصر چٺا جي جوڻيجو ليگ به ان ۾ شامل ٿي هئي، پر پوءِ راڄ ڏٺو ته مهيني اندر سواءِ پيٽرياٽ ۽ ملت پارٽي جي سمورا ان مسلم ليگ کان ڌار ٿي ويا ۽ جيڪي بچيا، انهن مشرف حڪومت جي خاتمي بعد عليحدگي اختيار ڪئي. جن مان شيخ رشيد احمد عوامي مسلم ليگ ٺاهي ته اعجاز الحق مسلم ليگ ضياءُ الحق کي بحال ڪيو. حامد ناصر چٺا، همايون اختر، خورشيد قصوري، ڪشمالا طارق ۽ ٻين وري هم خيال گروپ نالي ان مشرف يا چوڌرين واري مسلم ليگ کان عليحدگي اختيار ڪئي. اهي مسلم ليگون هاڻي وري گڏ ٿي رهيون آهن ۽ جيڪڏهن اهو سمجهي وٺجي ته اهي سڀ گڏجي نواز ليگ سان اتحاد ڪري موجوده حڪومت جو خاتمو ڪن ته سوال وري به اهو آهي ته اقتدار جو تاج ڪنهن جي سر تي رکيو ويندو؟ شيخ رشيد هجي يا خورشيد قصوري، همايون اختر هجي يا اعجاز الحق، اهي سڀ جا سڀ وزارت اعظميٰ جا اميدوار آهن ۽ جيڪڏهن پڙهندڙن کي ياد هجي ته ظفر الله جمالي کي جڏهن مشرف هٽايو هو ته اهي سڀ ليگي اڳواڻ وزير اعظم ٿيڻ لاءِ جماعت اندر لابنگ ۾ ڀِچِي ويا هئا ۽ مشرف، مسلم ليگ مان ڪنهن کي وزير اعظم بنائڻ بدران پنهنجي دوست شوڪت عزيز کي نوازي ڇڏيو هو.

سو، آئيني طريقي يعني اِن هائوس تبديلي يا صدر جي مواخذي جو موجوده حالتن يا ويجهي مستقبل ۾ ته ڪو امڪان ناهي. باقي وڃي بچيو غير آئيني رستو، ته ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ غير آئيني تبديلي ڪنهن به وقت اچي سگهي ٿي. پوءِ هيل ان رستي تي هلڻ لاءِ گاڏيون راولپنڊي مان نڪرن ٿيون يا وري شاهراههِ دستور تان ڪو فرمان جاري ٿئي ٿو، اهو ته ڪو ڄاڻو ٻڌائي. جڏهن ته ان جو به في الحال ڪو امڪان ناهي. جيڪڏهن امڪان هجي ها ته پوءِ نواز ليگ ديدار علي شاهه کي چيئرمن نيب مقرر ڪرڻ واري معاملي کي بهانو بڻائي ايڏو ممڻ نه مچائي ها ۽ شهباز شريف لاهور کان سوين ڪوهه پري پنجاب جي هڪ ننڍي شهر خوشاب ۾ بيهي لانگ مارچ جي ڌمڪي نه ڏئي ها. نواز ليگ جي اٻهرائپ ۽ رودالي صحافين جو پِٽڪو ته هن وقت تائين اهو ئي ٻڌائي ٿو ته في الحال ملڪ ۾ ڪا تبديلي نه پيئي اچي ۽ جن مان انهن کي تبديلي آڻڻ جي اميد هئي انهن کين کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڪري هڪڙا لانگ مارچ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته ٻيا وري سپريم ڪورٽ جي پيشين ذريعي حڪومت جي خاتمي جا خواب ڏسي رهيا آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي ٻاهران ٻه نظر اچن ٿا، پر اصل ۾ هڪ ئي آهن.
 
Back
Top