• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ميهڙ تعلقي جي وڌيڪ 15 ڳوٺن جي ڊيٽا نادرا جي ڪمپيوٽر تان غائب:مظاهرو

حاڪم

سينيئر رڪن
ميهڙ تعلقي جي ڪچي ڪاڇي ۽ پڪي ۾ ٻوڏ جي تباهي هيٺ آيل 3 يوسيز فريدآباد، خان جو ڳوٺ ۽ باليشاهه جي ٻڏي ويل وڌيڪ 15 ڳوٺن عثمان چانڊيو، گرڪڻ، غلام نبي بروهي، ڳاڙهي، خوشحال ماڇي، گهاڙي جاگير، قائم جتوئي، بيتل، قاضي عبدالحميد مهيسر، ڳاڙهي، سيلرا، علي بخش تيوڻو ۽ الهڏنو تيوڻو جي ڊيٽا نادرا جي ڪمپيوٽر تان غائب آهي، جنهن ڪري مٿين ڳوٺن جي هڪ به ٻوڏ متاثر کي وطن ڪارڊ ناهي مليو، ڪچي جي ڳوٺ عثمان چانڊيو جي ڳوٺاڻن خدا بخش چانڊيو ۽ امام بخش چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري گهنٽا گهر چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو، هوڏانهن يوسي قاضي عارف ۽ فريدآباد واسين ٻوڏ متاثرن کي راشن نه ملڻ خلاف ميهڙ ۾ پ پ ڪارڪنن سڪندر ڏيرو ۽ محمد بخش چانڊيو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ۽ گهنٽا گهر چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو.
 
Back
Top