حاڪم
سينيئر رڪن
اندر اوتـــــي ڪــــين سگهياســـين.
هــــونءَ ته سهڻا شـــــعر چيا ســين.
دل ۾ دل جا سُـــــــور لڪـــــــــائي،
تنهنجي ڀرســـــان گذري ويا ســــين.
ڪـــير ڀلا پو ڪنهن سان ملندو،
هيـــــڪر جيــــڪر يا ڇڳا ســين.
واٽــــهڙوءَ سان ڪـــهڙو جهــــــيڙو،
جڏهــــين سارا ســانگ ڇڏيا ســـين.
بـــــادل جهــــڙو ڀيـر اســــــان جــــو،
ٿــــر بــــر ڀٽـــڪي برسي پيـا سين.
cd
اٽــــــو اجـــــهــو ۽ لٽـــــو آهــــي.
زندگــــي به ســــهڻو ڏٽـــــو آهي.
ادب اڄ جــــو آهـــي ته ڇاهـــي،
واپار جـــو ڄڻ ڪــو سَٽـو آهي.
ويـــراڳ واٽ تـي ڪنـــڊا رکي،
پڪو سو ڪافر ڪـــــٽو آهي.
جيئــڻ لئه پيئڻ عـــــجب آهي،
جيــــون ته وِههَ جــــو وٽو آهـي.
پنهنجو ملڻ ڪو مـلڻ چـــئنو،
گـــهڙي پل جــو چهــــچٽو آهي.
هر پـــل جــلائي ٿي وڃـــي پئي،
دل بــه ڄــــڻ ننـــگر ٺــــٽو آهي.
cd
الائي ڪيئن لقمئه اجل ٿي پيا ســـين.
خبر ئي نه پئي جــــو قتل ٿي پيا ســـين.
اوهــــان جــو نهــــاريو چتـائي اسان ڏي،
الله سنـــهــن سراپا غزل ٿــــي پيا ســـين.
اڀــــاريو پـــــرين آ اوهــــان جـي اشــــاري،
اســــان حال هيڻا اجهــل ٿي پيا ســــين.
چنـــبـــيلي جا چوٽا ته ڪـــيڏا ٺهن ٿا،
پسي سونهـــن عاشــــق اٽل ٿي پيا سيـن.
اوهان جو پٻيــــن پيــــر آ رس ڀـــڳو ٿي،
اســـــان ڀـــــي سراپا انـــگل ٿي پيا ســين.
ٻٽــــا هنج ڀڙڪيءَ ۾ سيني اوهان جي،
پسي تار ڪينجهر ڪنول ٿي پيا سين.
cd
تـــــــــوريءَ انــــــــــدر اَڌَ.
تو کــــي ڪــهـــڙي سُڌَ
تـــنهن جـــي اُڃ اَساٽ،
مـــــون کــي وڌوئــون وَڌَ
اُٻــــري ڪُنـو جيـــــئن،
روح انـــــــــــدر ســـــا رَڌَ.
ڪاٿي نيندي مــــــون!؟
سونهن سندي جا سَــــــڌَ.
چنـــــــڊ، اکــڙيون، ارات،
سڌ به ڪــــــا هيءَ سڌ!
ڪنهن ٻئي جا ڪاڻ،
ساهه ڪنــــدو نا سَــــڌَ.
پهـــــريـــن ڍُڪَ پُڄـــــاءِ.
ون کــــــي هــن وٽ مَڌَ!
هــــونءَ ته سهڻا شـــــعر چيا ســين.
دل ۾ دل جا سُـــــــور لڪـــــــــائي،
تنهنجي ڀرســـــان گذري ويا ســــين.
ڪـــير ڀلا پو ڪنهن سان ملندو،
هيـــــڪر جيــــڪر يا ڇڳا ســين.
واٽــــهڙوءَ سان ڪـــهڙو جهــــــيڙو،
جڏهــــين سارا ســانگ ڇڏيا ســـين.
بـــــادل جهــــڙو ڀيـر اســــــان جــــو،
ٿــــر بــــر ڀٽـــڪي برسي پيـا سين.
cd
اٽــــــو اجـــــهــو ۽ لٽـــــو آهــــي.
زندگــــي به ســــهڻو ڏٽـــــو آهي.
ادب اڄ جــــو آهـــي ته ڇاهـــي،
واپار جـــو ڄڻ ڪــو سَٽـو آهي.
ويـــراڳ واٽ تـي ڪنـــڊا رکي،
پڪو سو ڪافر ڪـــــٽو آهي.
جيئــڻ لئه پيئڻ عـــــجب آهي،
جيــــون ته وِههَ جــــو وٽو آهـي.
پنهنجو ملڻ ڪو مـلڻ چـــئنو،
گـــهڙي پل جــو چهــــچٽو آهي.
هر پـــل جــلائي ٿي وڃـــي پئي،
دل بــه ڄــــڻ ننـــگر ٺــــٽو آهي.
cd
الائي ڪيئن لقمئه اجل ٿي پيا ســـين.
خبر ئي نه پئي جــــو قتل ٿي پيا ســـين.
اوهــــان جــو نهــــاريو چتـائي اسان ڏي،
الله سنـــهــن سراپا غزل ٿــــي پيا ســـين.
اڀــــاريو پـــــرين آ اوهــــان جـي اشــــاري،
اســــان حال هيڻا اجهــل ٿي پيا ســــين.
چنـــبـــيلي جا چوٽا ته ڪـــيڏا ٺهن ٿا،
پسي سونهـــن عاشــــق اٽل ٿي پيا سيـن.
اوهان جو پٻيــــن پيــــر آ رس ڀـــڳو ٿي،
اســـــان ڀـــــي سراپا انـــگل ٿي پيا ســين.
ٻٽــــا هنج ڀڙڪيءَ ۾ سيني اوهان جي،
پسي تار ڪينجهر ڪنول ٿي پيا سين.
cd
تـــــــــوريءَ انــــــــــدر اَڌَ.
تو کــــي ڪــهـــڙي سُڌَ
تـــنهن جـــي اُڃ اَساٽ،
مـــــون کــي وڌوئــون وَڌَ
اُٻــــري ڪُنـو جيـــــئن،
روح انـــــــــــدر ســـــا رَڌَ.
ڪاٿي نيندي مــــــون!؟
سونهن سندي جا سَــــــڌَ.
چنـــــــڊ، اکــڙيون، ارات،
سڌ به ڪــــــا هيءَ سڌ!
ڪنهن ٻئي جا ڪاڻ،
ساهه ڪنــــدو نا سَــــڌَ.
پهـــــريـــن ڍُڪَ پُڄـــــاءِ.
ون کــــــي هــن وٽ مَڌَ!