حاڪم
سينيئر رڪن
شـل سنسار ســـڄو ئي سُک پسي.
اهڙو وقت اچي.
ڪــوڀي ماڻهو ڪنهن جي آڏو،
شال نه هٿ ٽنگي.
اهڙو وقت اچي.
ڪا ڀي مارئي ڪنهن ڀي تڙ تان،
ڪنهن پر ڪان کڄي.
اهڙو وقت اچي.
مرڪو پنهنجي ويڙهه وسي شل،
پنهنجيءَ توهه تڳي.
اهڙو وقت اچي.
dc
هاءِ هاءِ منهنجي جند جڏي،
ويٺا ويڄ وڍين!
ورهه وونئرو تيز تپائي، ڏاهپ ساڻ ڏنڀين!
ويٺا ويڄ وڍين!
هاءِ هاءِ ...........
وِهـه ڪڍڻ جـي ڪَانَ ڪيائون، رهندو نانـگ بڇين
ويٺا ويڄ وڍين!
هاءِ هاءِ ...........
هي ته جيئڻ جا ڏاڍاڙي، ڏکيا ڏانءُ ڏسين،
ويٺا ويڄ وڍين!
هاءِ هاءِ ...........
dc
پرج پرينءَ ڏي هاڻ.
سونهين اسونهين.
پاڻ وڃائي پنڌ ۾_
مارڳ مري ماڻ.
سونهين او سونهين
روهه ٻري ٿو سج ۾_
تپي تون ڀي تاڻ.
سونهين او سونهين
رهين هت جي هاڻ،
چري ڪنهن جي ڪاڻ.
سونهين او سونهين.
پرج پرينءَ ڏي هاڻ.
dc
سرءُ سار ولر!
سانجهيءَ جي آڪاس ۾.
ماريءَ اُڇل هٿ ۾_
تاڙي ٻَول تتر،
سانجهيءَ جي آڪاس ۾.
ڪيَڙي واٽ سنواٽ،
تنهنجي نينهن نظر،
سانجهيءَ جي آڪاس ۾.
پسي ڌوڙ درياءَ ۾_
مونجهيا ميربحر،
سانجهيءَ جي آڪاس ۾.
وٺي نڪتا واٽ تي،
تنهن جو نانءُ نڌر،
سانجهيءَ جي آڪاس ۾.
تنهنجيءَ سار پچار ۾_
ڳليون ڳوٺ شهر،
سانجهيءَ جي آڪاس ۾.
dc
سنگهرن منجهه سنگهار، ميان!
سُتي ڪيئن سک ٿئي
اڀري ايندو مور نه کڻندا مارو لوڪ ميار، ميان!
سُتي ڪيئن سک ٿئي
وَسَ ريءَ ڪهڙو وَسُ ميان هت، مٺ ۾ ساهه سنگهار، ميان!
سُتي ڪيئن سک ٿئي
هيل ته ٻوڙان ٻوڙ ٿئي ڀل وس وس وسڻهار، ميان!
سُتي ڪيئن سک ٿئي
مند تي ميڙي سيڙي آڻج واري سڀ ولهار، ميان!
سُتي ڪيئن سک ٿئي
پنهنجي قسمت پنهنجي ليکي لِک ٿيءُ لکڻهار، ميان!
سُتي ڪيئن سک ٿئي
مان ئي آٿت مان واهر، مان ئي تات تنوار، ميان!
سُتي ڪيئن سک ٿئي
سُتي ڪيئن سک ٿئي
dc
ويل وِهاڻي ويڻ ڏئي ٿي،
سوڍا سانول موٽ.
تارا ٽم ٽم ياد اوهانجي،
منهنجو ڏيل ڏَنگي ٿي.
مُٺي مومل مُحب اوهان ري،
هئه هئه جاڙي جِئي ٿي.
هيڪل ويا ڪل آءُ اڱڻ ۾،
ٿڌڙي هير گهُلي ٿي.
اهڙو وقت اچي.
ڪــوڀي ماڻهو ڪنهن جي آڏو،
شال نه هٿ ٽنگي.
اهڙو وقت اچي.
ڪا ڀي مارئي ڪنهن ڀي تڙ تان،
ڪنهن پر ڪان کڄي.
اهڙو وقت اچي.
مرڪو پنهنجي ويڙهه وسي شل،
پنهنجيءَ توهه تڳي.
اهڙو وقت اچي.
dc
هاءِ هاءِ منهنجي جند جڏي،
ويٺا ويڄ وڍين!
ورهه وونئرو تيز تپائي، ڏاهپ ساڻ ڏنڀين!
ويٺا ويڄ وڍين!
هاءِ هاءِ ...........
وِهـه ڪڍڻ جـي ڪَانَ ڪيائون، رهندو نانـگ بڇين
ويٺا ويڄ وڍين!
هاءِ هاءِ ...........
هي ته جيئڻ جا ڏاڍاڙي، ڏکيا ڏانءُ ڏسين،
ويٺا ويڄ وڍين!
هاءِ هاءِ ...........
dc
پرج پرينءَ ڏي هاڻ.
سونهين اسونهين.
پاڻ وڃائي پنڌ ۾_
مارڳ مري ماڻ.
سونهين او سونهين
روهه ٻري ٿو سج ۾_
تپي تون ڀي تاڻ.
سونهين او سونهين
رهين هت جي هاڻ،
چري ڪنهن جي ڪاڻ.
سونهين او سونهين.
پرج پرينءَ ڏي هاڻ.
dc
سرءُ سار ولر!
سانجهيءَ جي آڪاس ۾.
ماريءَ اُڇل هٿ ۾_
تاڙي ٻَول تتر،
سانجهيءَ جي آڪاس ۾.
ڪيَڙي واٽ سنواٽ،
تنهنجي نينهن نظر،
سانجهيءَ جي آڪاس ۾.
پسي ڌوڙ درياءَ ۾_
مونجهيا ميربحر،
سانجهيءَ جي آڪاس ۾.
وٺي نڪتا واٽ تي،
تنهن جو نانءُ نڌر،
سانجهيءَ جي آڪاس ۾.
تنهنجيءَ سار پچار ۾_
ڳليون ڳوٺ شهر،
سانجهيءَ جي آڪاس ۾.
dc
سنگهرن منجهه سنگهار، ميان!
سُتي ڪيئن سک ٿئي
اڀري ايندو مور نه کڻندا مارو لوڪ ميار، ميان!
سُتي ڪيئن سک ٿئي
وَسَ ريءَ ڪهڙو وَسُ ميان هت، مٺ ۾ ساهه سنگهار، ميان!
سُتي ڪيئن سک ٿئي
هيل ته ٻوڙان ٻوڙ ٿئي ڀل وس وس وسڻهار، ميان!
سُتي ڪيئن سک ٿئي
مند تي ميڙي سيڙي آڻج واري سڀ ولهار، ميان!
سُتي ڪيئن سک ٿئي
پنهنجي قسمت پنهنجي ليکي لِک ٿيءُ لکڻهار، ميان!
سُتي ڪيئن سک ٿئي
مان ئي آٿت مان واهر، مان ئي تات تنوار، ميان!
سُتي ڪيئن سک ٿئي
سُتي ڪيئن سک ٿئي
dc
ويل وِهاڻي ويڻ ڏئي ٿي،
سوڍا سانول موٽ.
تارا ٽم ٽم ياد اوهانجي،
منهنجو ڏيل ڏَنگي ٿي.
مُٺي مومل مُحب اوهان ري،
هئه هئه جاڙي جِئي ٿي.
هيڪل ويا ڪل آءُ اڱڻ ۾،
ٿڌڙي هير گهُلي ٿي.