ڀٽائيءَ جي هن دور جي لاءِ رهنمائي

'سنڌي ادب' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌي سوسائٽي هن وقت جنهن ابتري ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، سا حقيقت ڪنهن کان به ڳجهي ڪانهي. توڙي جو صدين کان قائم محبت ۽ مروت، رواداري ۽ مهمان نوازي، سهپ ۽ سچيتائي، شرم ۽ حيا، ايثار ۽ قرباني جون روايتون مجموعي طرح زواليون ناهن ۽ اسان جي روٽس ۾ ان جا آثار باقي آهن، تنهن هوندي به شخصي طور تي ويڳاڻپ، خود غرضي، اناپسندي، تڪبر، تقليد ۽ عقل ڪل هئڻ جا رويا هينئر اسان جي سوسائٽيءَ جو روڳ بڻبا پيا وڃن. اسان جي شهري ۽ پڙهيل سوسائٽي انهيءَ روڳ جو اصل شڪار آهي ۽ ڳوٺاڻي آباديءَ جا ماڻهو به جڏهن شهري سوسائٽيءَ جو حصو بڻجن ٿا ته اهي به انهيءَ وبا کان پاڻ کي بچائي نٿا سگهن. نتيجي ۾ انهن انفرادي روڳن اسان جي اجتماعي سوچ جي روح کي رهڙي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. صورتحال هتي وڃي پهتي آهي جو ڪٿي به چار سنڌي اجتماعيت جي جذبي سان ويهڻ جو سوچين ٿا ته اسان جون انائون، مفاد، ذاتيات، عقل ڪل هئڻ يا جانبداريءَ جهڙيون موذي جهالتون اسان جي ان اجتماعيت جي سفر کي سڦلائتو بنجڻ نه ٿيون ڏين. جتي به ڏسو اتي اختلاف آهن، گروپ آهن ۽ ڏاڙهي پٽ آهي. اسان جي سياست، اسان جا ادارا، اسان جون سماجي تنظيمون، اسان جون برادريون، مطلب ته ڪوبه اهڙو شعبو ناهي جتي انتشار ۽ خلفشار ڪونهي. وري بدقسمتيءَ سان اسان جو پڙهيل طبقو ته تهائين وڌيڪ انهن جهالتن جي ور چڙهيل آهي. پڙهيل طبقو سڄي دنيا جي قومن ۾ ڏسو ته ادارا جوڙي ٿو ۽ انهن ذريعي قومي بنيادن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري ٿو. ليڪن هتي حالت هيءَ آهي جو نظر ٿا کڻون ته ڪوبه اهڙو مضبوط ادارو نظر نٿو اچي جنهن کي ڏيکارڻ لاءِ دنيا جي سامهون پيش ڪري سگهون ته اجهو اسان موهن جي دڙي جي وارثن ههڙو مثالي ادارو قائم ڪيو آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن مثالي شخص ڳڻڻ شروع ٿا ڪريون ته انهن جو تعداد به آڱرين تي پورو ٿي وڃي ٿو ۽ ان ۾ به بين الاقوامي ليول جو هينئر اهڙو ڪوبه ماڻهو ڪونهي جنهن کي اسان سياست، علم و ادب، فلسفي ۽ قانون وغيره ۾ سنڌ جي نمائندي طور نهايت مٿئين درجي جو ماڻهو ڳڻائي سگهون.

    هڪ طرف هيڏي هوند جو صدين جي سفر تي محيط سنڌ جو علمي، تمدني ۽ تهذيبي ورثو، دنيا جي مثالي وحدت الوجودي صوفياڻين روح رتين روايتن جي موجودگي ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي تعليمات ۽ فڪر جو گهوارو سندس رسالو موجود آهي، جيڪو هر سال هزارن جي تعداد ۾ ترجمي ۽ تشريحن سان ڇپجي ٿو. ٻئي طرف ايڏي اڻهوند جو هينئر سنڌي سوسائٽيءَ جو ڪوبه اجتماعي پهلو سگهارو نظر نٿو اچي ۽ مثالي فرد پيدا ٿيڻ رڪجي ويا آهن.

    انهيءَ جا ڪي به تاريخي ۽ تمدني سبب ٿي سگهن ٿا، جن ۾ لڳاتار غلاميءَ ۾ رهڻ جو هڪ سبب به ڳڻي سگهجي ٿو ليڪن انهيءَ جو هڪ فوري سبب هي سامهون ٿو اچي ته مجموعي طرح اسان ماڻهن جو پنهنجي زندگيءَ بابت حقيقتن ۽ روين ۾ تضاد شامل ٿي ويو آهي. زندگيءَ جو ڪوبه مقصد متعين ڪونهي ۽ ڪيتري عرصي کان اسان جي زندگي آئل ٽينڪرن جي پويان لکيل هن شعر وانگر گذري رهي آهي ته:



    نہ انجن کے خوبی نہ کمال ڈرائیور

    چلی جا رہی ہے خدا کے سھارے



    جڏهن زندگيءَ جي باري ۾ ڪنهن نصب العين جو تعين ئي ڪونهي ته پوءِ اسان پنهنجي پاڻ مان اهو انساني جوهر استعداد، صلاحيت ۽ لقاءُ ئي وڃائي چڪا آهيون جنهن ۾ چڱائيءَ جي قبوليت جي خاصيت هوندي آهي. جڏهن اهو استعداد ئي وڃائي چڪا آهيون ته پوءِ اسان جو تهذيبي ۽ علمي پسمنظر ۽ اسان جي صوفي فڪر جي زرخيزي به اسان کي بچائي نٿي سگهي. بارش زمين جي استعداد ۽ لقاءَ کي نوبنو ڪرڻ لاءِ وسي ٿي ليڪن اوسر اتي ئي ٿئي ٿي جتي زمين ۾ اسرڻ جي صلاحيت هجي ٿي ۽ اتي ئي گل گلزار ۽ هٻڪار مهڪي پوي ٿي.

    انهيءَ حقيقت جي تناظر ۾ اسان شاهه لطيف جي فڪر جي موجوده دور ۾ رهنمائيءَ کي ڏسون ته اسان کي هڙ حاصل ٿيندو، ٻي صورت ۾ ڀٽڪڻ جو عمل ڪڏهن به ختم ناهي ٿيڻو.

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه هڪ پختي عقيدي جي مسلمان جي حيثيت ۾ پنهنجي رسالي کي ”آيتن“ جي تشريح ۽ نمائندگي طور پيش ڪري ٿو. هُن جي سڄي فڪر جو سرچشمو قرآن مجيد ئي آهي. ليڪن قرآن مجيد جي تشريح کي تنگ نظر مذهبيت جي نمائندن جنهن سوڙهي گهٽيءَ مان گذاريو پئي، شاهه لطيف پنهنجي سڄي تاريخي شعور سان قرآني فڪر کي وحدت الوجود جي فڪري رويي سان انسانيت جي فلاح لاءِ ميدان تي آڻي اچي بيهاريو. انهيءَ ڪري جيئن قرآن مجيد ”هدي للناس“ جي خطاب سان سموري انسانيت کي پنهنجي هدايت جي دائري ۾ آڻي ٿو، تيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام به سموري انسانيت لاءِ ڀلائيءَ جو سرچشمو آهي. ليڪن جيئن قرآن چوي ٿو ته ان سرچشمي مان سيراب اهي ٿي سگهندا جيڪي ماڻهپي لاءِ جيئڻ گهرندا (هدي للمتقين). تيئن ڀٽائيءَ جو فڪر مان به اهي فيضياب ٿي سگهندا جيڪي ماڻهپي سان جيئڻ جي نيت رکندا هجن ۽ جن ۾ انسانيت لاءِ جيئڻ جو جذبو هجي.

    انهيءَ ڪري جن ماڻهن وٽ انسانيت لاءِ جيئڻ جو ڪو نصب العين ڪونهي، ڪو پروگرام ڪونهي ۽ ڪو جذبو ڪونهي، انهن لاءِ نه قرآن مان هدايت جو حصو آهي ۽ نه ڀٽائي جي تشريحن مان ڪو لاڀ حاصل ٿيڻو آهي. ٻين لفظن ۾ تاريخ جي ڪهڙي به دور ۾ ماڻهن کي ڪنهن به فڪر مان رهنمائي تڏهن ملي سگهي آهي جڏهن پهريائين پاڻ ۾ ماڻهپو پيدا ڪيو آهي، ماڻهپي سان جيئڻ جو عهد ڪيو آهي ۽ ماڻهن جي ڀلائي کي ئي پنهنجي زندگيءَ جو ڪارج قرار ڏنو آهي.

    هاڻي جيڪڏهن هن دور ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪري روين مان رهنمائي حاصل ڪرڻي آهي ته سڀ کان پهريان اسان کي پنهنجي زندگيءَ بابت تصورن ۽ روين کي تبديل ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسان اهو شعور ۽ ماڻهپو حاصل ڪري ٿا وٺون ته پوءِ شاهه عبداللطيف جو پيغام ترقيءَ جو هڪ ڀنڊار آهي، جيڪو اسان جي نفسي مسئلن کان وٺي اسان جي فڪري ۽ اقتصادي، قومي ۽ اجتماعي مقصدن ۾ اسان لاءِ هڪ رهبر ۽ سونهين جي حيثيت رکي ٿو.



    نفسي مسئلن ۾ رهنمائي:



    انسان جيئن ته صرف کل ۽ گوشت جو لوٿڙو ناهي بلڪه ان کي هڪ ذات ۽ تشخص به عطا ٿيل آهي، ان ڪري ان ذات ۽ تشخص جي نشونما لاءِ هر دور ۾ پيغمبرن، سڌارڪن ۽ فلاسافرن رهنمائي ڪئي آهي. سڌارڪن جو طريقو فلاسافرن واري پيچيده دانشوراڻي طريقي بجاءِ پيغمبرن جي عوامي سڌاري واري طريقي جي پٺڀرائيءَ تي هوندو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ سڌارڪ جي حيثيت ۾ هتان جي ماڻهن ۾ وحدت الوجودي فڪري رويي جي پرچار ڪئي آهي. ان فڪر جي روءِ سان سڀ ماڻهو الله جا ڀاتي آهن، اهي انسانيت جي حقن ۾ برابر آهن ۽ هڪجيترو احترام لهڻن ٿا. انسانن جو صنفي فرق به مرتبن جو فرق ڪونهي ۽ جيڪي خوبيون ۽ جذبا مردن جو مرڪ ليکجن ٿا، تن جي ڪماليت ۾ عورتون به ساڻن شريڪ آهن. انهيءَ ڪري زندگيءَ جي قافلي کي سرگرمي ۽ ترقيءَ سان اڳتي وڌائڻو آهي ته ان ۾ ٻنهي جي شرڪت اڻٽر آهي.

    هن وقت اسان جي مذهبي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ فرقيوارانه ۽ ذات برادريءَ جي تقسيم جي ڪري جيڪي اڻ ڳڻيون برايون جنم وٺنديون وڃن ٿيون ۽ معاشرتي زندگيءَ ۾ عورتن سان بدسلوڪيءَ جا جيڪي سفاڪانه رويا ۽ ريتون موجود آهن، جيڪڏهن شاهه لطيف جي وحدت الوجودي فڪري رويي کي شعوري طور تي عوام جي زندگيءَ جي نصب العين ۾ شامل ڪري ڇڏجي ته انهن سڀني ڪروڌن مان نجات جي لاءِ جيڪر حيرت انگيز مسيحائي ٿي وڃي.

    انهيءَ ۾ ضرورت صرف هن ڳالهه جي آهي ته شاهه لطيف جي رسالي ۾ وحدت الوجودي فڪري تشريح کي هڪ طرف ان جي قرآن سان نسبت کي نکيڙي عوام آڏو آڻي ان کي عقيدي جي طور تي مڃائڻ جون تبليغي ۽ پرچارڪ ڪوششون ڪيون وڃن ته ٻئي طرف دنيا جي سڌريل معاشرن جي گڏيل چڱاين سان ان جي نسبت نکيڙي ان کي دليل جي بنياد تي عمل ۾ آڻڻ جون گهڻ رخيون ڪوششون ڪيون وڃن. جيڪڏهن اسان اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب ٿا وڃون ۽ ان جو بهترين عملي مثال پنهنجي معاشري ۾ جوڙي ٿا وٺون ته سچ پچ اسان جي اها ڪوشش نه صرف سنڌ سميت برصغير جي ٻين غلاميءَ جي ويڳاڻپ ۾ ورتل قومن لاءِ هڪ شاندار نمونو بڻجي پوندي بلڪه دنيا جي ٻين قومن لاءِ به سڌاري ۽ ترقيءَ جو بي نظير مثال بڻجي منظر تي ايندي.

    اهڙي طرح انسان جي نفس زندگيءَ ۾ سندس ذات جي نشونما ۾ رڪاوٽ بنجندڙ نظر ايندڙ توڙي لڪل جيڪي به منفي جبلتون ۽ عادتون آهن، شاهه لطيف جنهن ڪمال نبض شناسي، دليل ۽ مثال سان ماڻهن کي انهن کان دور رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان جو مثال سندس همعصر يا پوءِ جي سڌارڪن ۾ گهٽ ملي ٿو. ڊاڪٽر علي شريعتي چواڻي ”انسان فطري طور تي فطرت، سماج، تاريخ ۽ ذات جي بنديخانن ۾ قيد آهي. پهرين ٽن بنديخانن مان هو علمي ترقيءَ جي ذريعي نڪري اچي ٿو، ليڪن ذات جي قيد مان انسان علمي ترقيءَ جي ذريعي نٿو نڪري سگهي. ان قيد مان صرف عشق جي ذريعي ئي نڪري سگهي ٿو.“ اهو خدا، انسان ۽ ڌرتيءَ سان عشق شاهه لطيف جي فڪر جو منبع ۽ محور آهي ۽ وحدت الوجودي فڪري رويي ۾ اهي ٽيئي مربوط ۽ مليل آهين. انهيءَ ٽڪنڊي جي هر هڪ ڪنڊ حق آهي ۽ هڪ ڪنڊ نڪري ويندي ته صرف ليڪ وڃي رهندي. اهو عشق ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي نصب العين ۽ مقصد جو متوالو بڻائي ٿو. جيڪو ماڻهوءَ جي جز کي ڪُلَ جو حصو بڻائي ٿو. ماڻهوءَ کي انسانيت لاءِ جيئاري ٿو ۽ ان لاءِ ئي ديوانو بڻائي ٿو. جڏهن انسان ۾ نصب العين ۽ مقصد سان جذباتي لڳاءُ پيدا ٿي وڃي ته منفي جبلتون ۽ عادتون پاڻ ئي دٻجي ختم ٿي وڃن ٿيون. ابن خلدون قومن جي عروج جا سبب ڄاڻائيندي لکيو آهي ته ”اوهان کي پنهنجي ماڻهن کي متحد رکڻو آهي ته انهن کي ويڙهه ۽ مقابل ۾ مصروف رکو.“ هن دؤر ۾ ويڙهه ۽ مقابلي جي مسابقت فڪري ۽ تهذيبي ترقي، اقتصادي ۽ تجارتي سرگرميءَ جا ميدان مچائي ڇڏيان آهن ۽ جيئن ته اسان جي ملڪي تاڃي پيٽي ۾ رياست اسان جي سڄڻ ڪونهي، انهيءَ ڪري اهو ڪم هتان جي فردن، ادارن ۽ جماعتن کي ڪرڻو آهي. جيڪڏهن فرد، ادارا ۽ جماعتون اهو ڪم ڪري ٿيون وٺن ته پڪ سان اسان جي سماج جا نفسي ۽ اخلاقي مونجهارا به حل ٿي ويندا.



    اقتصادي مسئلن ۾ رهنمائي:



    وحدت الوجودي فڪري رويي ۾ سڀ ماڻهو الله جا ڀاتي آهن، انهيءَ ڪري الله جي پيدا ڪيل وسيلن تي به سڀني ڀاتين جو مساوي حق آهي. توڻي جو صلاحيتن جي گهٽ وڌ هئڻ ڪري رزق جي گهٽ وڌائي فطري تسليم ڪئي وڃي ٿي ليڪن معاشرو ۽ رياست پابند آهن ته سڀني ماڻهن کي بنيادي ضرورتن جي پورائي جا وسيلا مهيا ڪري ڏين. اسان کي پاڻ وٽ اهڙي جهان جي اڏاوت ڪرڻي آهي جنهن ۾ اسين سڀ پاڻ کي سڀني هموطنن لاءِ بنيادي ضرورتن ۽ روزگار جي ذريعن کي مهيا ڪري ڏيڻ جا پابند سمجهون. جيڪڏهن رياست اسان کي ان استحقاق کان محروم رکي ٿي ته فردي ۽ تنظيمي طور تي انهن ذريعن ۾ سهڪاري بڻجئون. جيڪڏهن اهڙو جهان اسين هتي اڏي ٿا وجهون ته پوءِ پڪ ڄاڻو معاشي زندگيءَ جي بهتريءَ جا باقي سڀ مسئلا مٿي ڄاڻايل اصول جا ضمني نُڪتا بڻجي پوندا.

    اهڙي طرح شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ جيئن ته ڦورو طبقن تي ڦٽڪار وجهي ٿو ۽ واپارين، وڻجارن ۽ جوهرين جي اؤج کي سماج جي مجموعي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جي علامت ڄاڻائي ٿو ۽ وقت جون ويران بازاريون پسندي سندس هينئڙو لوڻ ٿئي ٿو، ان ڪري واپارين جي ترقيءَ جي عوام سان ڳانڍاپي واري اها رهنمائي موجوده دور جي تجارتي ترقيءَ واري ڊوڙ ۾ سنڌين جي مڊل ڪلاس طبقي لاءِ هڪ ميني فيسٽو جي حيثيت رکي ٿي. اسان جي سوسائٽيءَ جو الميو هي آهي ته اسان وٽ حقيقي مڊل ڪلاس اڃا پيدا ٿيو ئي ناهي، جيڪو عوام جي مجموعي خوشحاليءَ جي واسطي سان تجارتي ترقيءَ ذريعي پيدا ٿيندو آهي. ان جي بجاءِ ٺيڪن، پرمٽن، پرسنٽيج، ڪميشنن ۽ ٻين جڳاڙن جي ذريعي جيڪو جعلي مڊل ڪلاس پيدا ٿيو آهي، اهو زندگيءَ جي سڀني روين ۾ جڳاڙيءَ طريقن تي ڪاربند آهي ۽ قومي ترقي ۽ اوسر ۾ پنهنجو ڪوبه ڪردار ادا ڪرڻ ته ٺهيو، مورڳو ڌارين جي اقتدار هيٺ پنهنجي مفاد ۽ غرضن جي لاءِ هميشه پاڻ وڪڻڻ ۾ پيش پيش رهيو آهي. انهيءَ ڪري حقيقي مڊل ڪلاس پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ شاهه لطيف جي فڪري تعليم مان ڀرپور رهنمائي ملي سگهندي.



    قومي ۽ اجتماعي مقصدن ۾ رهنمائي:



    ”سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري“ جي سٽ شاهه جي سياسي ۽ اجتماعي فڪر جو اساس ۽ بنياد آهي. هي پيغام هر سنڌيءَ کي پنهنجو سڄڻ يا سڳو ڀاءُ قرار ڏئي اجتماعي ڌارا ۾ هڪ ٻئي سان ۽ هڪ ٻئي لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ جي رهنمائي ٿو ڪري. سڄڻ لفظ جي معنائن تي غور ڪبو ته خيرخواهه کان وٺي دوست، محبوب ۽ پرين به سڄڻ ۾ شمار آهي ۽ ساڳئي نسب ۽ قوم جو ماڻهو ۽ ساڳئي وطن جو ڄائو هئڻ به سڄڻ ليکبو. ساڻيهه يعني پنهنجو ديس، اهي ٻئي وسارڻ احسان فراموشي ۽ بيغرتي جي ڳالهه آهي.

    اهڙي طرح شاهه لطيف وطن وساريندڙن کي ”حيف تنين هوءِ“ جو پاراتو ڏئي اسان جي قومي وحدت جي سلامتيءَ لاءِ وطن ۽ قوم سان محبت کي لازمي قرار ڏئي ٿو. هو پنهنجو قومي تشخص برقرار رکڻ لاءِ وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ جي رهنمائي ڪري ٿو.



    سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار
    هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال ۾ ڍار،
    مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.


    ***

    سوريءَ چڙهڻ، سيج پسڻ، اي ڪم عاشقن،
    پاهون ڪين پسن، سئو هلن سامهان.


    هن سڄي تفصيل جي بيان ۾ اها حقيقت پڻ پڌري آهي ته شاهه انسانيت جي اعلى آدرشن جو مفڪر شاعر آهي. قرآن مجيد جيئن ته سندس فڪر جو سرچشمو آهي، انهيءَ ڪري جيئن قرآن جي هدايت ابدي آهي تيئن سندس فڪري پيغام سنڌي قوم لاءِ ابدي اصولن جو منشور آهي. شاهه جي دور ۾ سنڌي قوم بتدريج دهليءَ جي مرڪزيت مان آجي ٿي رهي هئي. ان ڪري شاهه سنڌين کي غلاميءَ مان آجپي ۽ قومي تشخص جي مانائتي حيثيت جي حاصلات لاءِ جيڪي دڳ ڏسيا، سي حالتون هينئر به ساڳيون آهن. هينئر به قومي تشخص جي مانائتي شڪل عدم حاصلات ۾ آهي. ساڳيا ماري، ساڳيا شڪاري، ساڳيا واقعا ۽ ساڳيا موقعا. انهيءَ ڪري جيئن ان وقت اهو فڪر اجتماعي مقصدن جي حاصلات ۾ سنڌي ماڻهن لاءِ آسيس بڻيو هو تيئن هينئر به سنڌي ماڻهن جي لاءِ سڀ کان وڏو سهارو آهي.

    شاهه لطيف جي شاعريءَ لاءِ منڍ ۾ ئي چيو ويو آهي ته هو پنهنجي سڄي تعليمات ۽ فڪر جو سرچشمو قرآن کي ليکي ٿو، ۽ هو بيتن جي صورت ۾ پاڻ کي قرآن جو شارح قرار ڏئي ٿو. ان حوالي سان هيءَ ڳالهه طئي آهي ته قرآن جو توحيد ۽ انسان بابت تصور شاهه جي سڄي فڪري پيغام جو منبع آهي. توحيد جي ان تصور ۾ الله جي پالڻهاريءَ جو نظام، ان جي اطاعت جو نظام، ان جي عبادت جو نظام وحده لاشريڪ لہ آهي ۽ ان نظام جو استفادو محمد ڪارڻي جي طريقي تي هلي حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڪا ٻي واٽ ڪانهي. انهيءَ ڪري ڀٽائي جنهن واٽ ۽ دڳ تي وٺي هلي ٿو ته ان ۾ هو سفر جي منزل جي چٽي نشاندهي پڻ ڪري ٿو ۽ ان ۾ ڪي به ٻه رايا ڪونهن. ۽ جيئن ته هو پنهنجو فڪري رهنما قرآن کي بڻائي ٿو ۽ ان جي ذريعي نفسن جي تزڪئي جو پيغمبري ڪم سرانجام ڏئي ٿو، انهيءَ ڪري جيڪو ماڻهو به ڀٽائيءَ جي واٽ تي هلڻ جو دعويدار آهي اهو جيستائين قرآن جي يونيورسل تعليم جي پيروڪار نه بڻبو تيستائين ڀٽائيءَ جي فڪري تعليم ذريعي پنهنجي ذات جي نشونما ۽ پنهنجي اجتماعي مقصدن جي حاصلات ماڻي نه سگهندو. صرف هي سوچي ڪري ته قرآن جي ڳالهه جيئن ته ملان ڪري ٿو تنهنڪري اسان کي هرگز ناهي ٻڌڻي ۽ مڃڻي ته، هيءَ غير منطقي ۽ اياڻو نقطئه نظر آهي ۽ اسان جي ماڻهن کي پوين چئن ڏهاڪن ۾ هن نقطئه نظر جي تمام وڏي قيمت چڪائڻي پئي آهي. ملائيت جو سسٽم ڀٽائيءَ کي اسان کان وڌيڪ اهنجائيندڙ هو، ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿي ته قرآن هر مذهبي ٺيڪيداري ۽ ظلم زيادتيءَ کي چئلينج ڪري ٿو تنهنڪري هن مٿير مڙس ملائيت جي رجعت پسندي ۽ تنگ نظريءَ سان ٽڪر کاڌو ۽ عوام کي ٻڌايو ته مذهب جو اصل روح خدا پرستي ۽ انسان دوستي آهي، توحيد الله جي صفتن جو مظهر بنجڻ جو نالو آهي ۽ انسان الله جو پرتوو آهي. ڀٽائي انهيءَ پرچار سان سنڌ جي ماڻهن کي اعلى انساني روايتن جو امين بڻائيندو آيو، ليڪن اها اسان جي نااهلي هئي جو اسان سندس فڪري لاٽ ۽ رهنمائيءَ کي پنهنجي آئيندي اجارڻ جو ذريعو نه بڻائي سگهياسين.

    جيڪڏهن اسان کي واقعي پنهنجي ذات يا سماج جي اندر تبديليءَ جو اونو آهي ته پوءِ اسان کي سوچ جا هي تضاد ختم ڪرڻا پوندا ته پنهنجي مرضي ۽ سهولت جي ڳالهين ۾ ته ڀٽائيءَ کي مرشد ڪري مڃون ۽ جتي اسان کان ايثار جي تقاضا ڪئي وڃي، جتي قرباني گهري وڃي، جتي لڇڻ ۽ لوچڻ جو درس ملي، جتي پتنگن وانگر پچڻو پوي اتي اسان ٿڌو ساهه ڀري چئون ته سائين ڀٽائي جي رمزن کي آسانيءَ سان ڪير سمجهي سگهندو؟ ۽ پوءِ پاسو ڏئي کسجي هليا وڃون يا فراريت جي راهه اختيار ڪيون.

    هينئر ابلاغ جا ذريعا قدرت هڪ وڏي نعمت ڪري ڏنا آهن، انهن جي ذريعي اسان ڀٽائيءَ جي سوچ ۽ لوچ، ان جي امنگ ۽ اڪير، ان جي جهد ۽ جستجو، ان جي اثر ۽ فڪر کي موجوده نسلن تائين پهچايون، اهو وقت جو سڀ کان وڏو قرض آهي. هن سنڌي سماج آڏو مثالي انسان جو جيڪو تصور پيش ڪيو آهي ۽ هن سنڌي سماج کي جنهن نئين اجتماعي وحدت جي شعور کان واقف ڪيو آهي ۽ ان لاءِ جيڪا عملي راهه ڏيکاري آهي، ان کي شانتي نڪيتن جهڙا فڪري اسڪول ۽ ادارا کولي انهن جي وسيلي پنهنجي نسلن تائين ان جا عملي مظاهر چٽا ڪري سامهون آڻيون، اها هن دور جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو