اي سنڌ جا شاگردؤ!

'سنڌي ادب' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اوهان جي اجتماعي شعور کي پنجويهن سالن کان شيشو کڻي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳوليو ويو آهي پر ڪٿي به ان جو ڏس ڪو نه ٿو ملي. ماڻهن کان پڇڻ تي اهي ڪجهه نوجوانن ڏانهن اشارو ڪن ٿا جن مان ڪي ڪمپيوٽر ڪيفيز مان نڪري رهيا آهن ڪي وري ريسٽورنٽس ۽ تفريحي ماڳن کان واپس اچن پر انهن جي چهرن تي همتن ۽ جرئتن بجاءِ نراسائي ۽ ويڳاڻپ جون ريکائون واضع نظر اچن ٿيون. اعتبار ئي نٿو اچي ته هي سٺ ستر ۽ اسي جي ڏهاڪي وارن سنڌ شاگردن جي باقيات آهن. اوهان کي تعليمي ادارن ۾ اچي ڳوليو ويو آهي. ماڻهن کان پڇڻ تي اهي ڪجهه نوجوانن ڏانهن اشارو ڪن ٿا جيڪي قطار ڪيو پنهنجي اڳيان گذرندڙ ڇوڪرين لاءِ سيٽيون وڄائن ٿا، فقري بازي ڪن ٿا ۽ ڇوڪرين جي مٿي جي وارن کان وٺي سينڊلن جي کڙين تائين گهوري پنهنجي نظر کي بتال ۽ بيحال ڪري ڇڏين ٿا. انهن مان ڪن شاگردن سخت احساس ڪمتريءَ ۾ پاڻ کي ڇوڪرين جي وضع قطع جي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي، ڪن ڪولابا پائي پاڻ تي بيحالي ۽ بدحاليءَ جا آثار ٿاڦڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪن وري پونيون پويان ٻڌي پاڻ کي مردن ۽ عورتن جي وچ تي منفرد مخلوق جو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن جي چهرن تي لوڪ لڄا ڏسي اعتبار ئي نٿو اچي ته اهي شاهه عنايت، صبغت الله راشدي، هوشو ۽ هيمون جي ديس جا نوجوان آهن.

    اي سنڌ جا شاگردؤ!

    ڪو دور هو جو اوهان شآگرد پاڻ کي سنڌي سماج جو هڪ حصو سمجهندا هئا. اوهان جون ڌڙڪنون سنڌي ماڻهن جي ڌڙڪنن کان الڳ نه هيون ۽ جڏهن سنڌي ماڻهن جي جيئدان کي سوڙهو ڪري ساهه منجهايو ويندو هو ته ان مونجهه ۽ گهٽ جو ڪرب محسوس ڪري اوهان جا وجود بيتاب ٿي پوندا هئا ۽ پوءِ اوهان جي باغياڻي اٿل ظالمن ۽ غاصبن کي ڏهڪائي وجهندي هئي. ون يونٽ جي ذريعي سنڌين جي تشخص کي نهوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اوهان پاڻ کي بي خود ڪري پنهنجي قومي بقا جي لاءِ ديوانا بڻجي پيا ۽ اوهان جي انهيءَ ديوانگيءَ هن قوم کي ون يونٽ جي ڏانڊا ٻيڙين کان نجات ڏياري. ٻوليءَ جي مسئلن تي به اوهان پاڻ کي سڀ کان پهريان سماج جو حصو ۽ پوءِ شاگرد سمجهيو. اوهان ان مسئلي تي تاريخي جدوجهد هلائي 4 مارچ کي سنڌ جي تاريخ جو لازوال يادگار بڻائي ڇڏيو. سنڌ جي عوام تان فوجي آمريت جي ڇپ هٽائڻ ۽ ان کي غلاميءَ جي سنگهرن جي سوڙهه کان آجو ڪرڻ لاءِ ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ ۾ اوهان جي سخت عملي مزاحمت ان وقت جي آمرن ۽ غاصبن کي هيءُ پيغام ڏنو ته هن ڌرتيءَ جي ماڻهن کي ڌرتيءَ تان ميسارڻ جون خواهشون ڪڏهن به پوريون ٿي نه ٿيون سگهن.

    ضياءَ الحق جي آپيشاهي اوهان جي ان عزم ۽ همتن کان خوف کائي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن يونين تي پابندي مڙهي. ان کان پوءِ جڏهن اوهان کان پنهنجي اجتماعي ڪردار جو هي جمهوري حق کسيو ويو ته ان ڪردار جي ادائيگيءَ لاءِ متبادل اجتماعي عمل جون صورتون سامهون آڻي ديس دروهين جي سازشن کي ناڪام بڻايو وڃي ها، پر هتي ان جي ابتڙ ٿيو. مختلف ايجنسين کي تعليمي ادارن ۾ تعليمي نظام کي ڊانوان ڊول ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو، انهن ڪارندن اتي موجود نعريباز سياسي ڌڙن کي استعمال ڪري يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کي هلڙ بازي ۽ داداگيرين جي ور چاڙهي ڇڏيو. نتيجي ۾ هڪ طرف سنڌي سماج کي اجتماعي سوچ ۽ عمل سان جيڪا جرئت، ساڃهه ۽ ماڻهن جي سياسي افرادي قوت ملندي هئي سا بند ٿيندي وئي ته ٻئي طرف مهارتن سان ڀڙتي نڪرندڙ نوجوانن جي لاءِ پڻ انيڪ مسئلا الڳ پيدا ٿيندا ويا.

    اوهان مان ڪيترائي شاگرد سنڌي سماج جي سڄڻائپ جي ڳڻ ڳوت واري جذبي تحت انهن تنظيمن سان سلهاڙيا پر اهي پنهنجي تربيتي زندگيءَ ۾ پاڻ سان دوکي جو شڪار ٿيندا رهيا. جڏهن به کين ڪنهن ٻڌايو ٿي ته فلاڻو ماڻهو اڳواڻ يا رهبر آهي ته ان کي رهبر ڪري ورتو. بدقسمتي هيءَ هئي ته انهن شاگردن جي اڪثريت ان سڄڻائپ جي فڪرمنديءَ ۾ انهن سياسي ڌڙن جي مضبوط انسان دوست عالمي قومي فڪر بنيادن کي سامهون رکيو ۽ نه انهن جي سياست جي نتيجي ۾ سنڌ جي حقيقي آجپي ۽ سنڌي ماڻهن جي تقدير بدلجڻ ۾ ان جي عملي ڪردار کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، بلڪه انهن پاڻ کي اهڙي نعري بازي سياست جي ور چاڙهي ڇڏيو، جنهن ۾ نه انهن جي شخصيت ۽ ستل صلاحيتن کي بيدار ڪرڻ جي اثر پذيري هئي ۽ نه انهن جي تعليمي مهارتن کي ترقي ڏيارڻ جي سهڪاري ڪوشش هئي.

    اي سنڌ جا شاگردؤ!

    اوهان اعليٰ تعليم جي حاصلات جي لاءِ شهر اچي وسايا تعليمي ادارن جون هاسٽلون اچي آباد ڪيون. ائين اوهان پنهنجي Roots کان ڪٽجي ويا. اوهان کي بدليل ماحول ۾ پنهنجي مٽيءَ سان، پنهنجي ماٽن سان ۽ ڌرتيءَ ڄاون سان پنهنجي نسبت قائم رکڻ جا محرڪ ڳولڻا هئا، پر شهر ۽ شهري تعليمي ڪلچر ۾ اشرافيه اسٽينڊرڊ چمڪ دمڪ اوهان کي هرکائي وڌو. ائين اوهان جي ماڻهپي کي اوهان جي روح ۽ قلب کي پنهنجن سان گڏ ڌڙڪڻ جو جيڪو اطمينان حاصل هو، ان جون لڪيرون جيئن پوءِ تيئن ڌنڌلائبيون ويون ۽ اوهان کي ان جو احساس ئي نه رهيو.

    پوءِ جڏهن اوهان مان ڪيترا ماڻهو روح ۽ قلب جي بي اطمينانيءَ واري حالت ۾ عملي زندگيءَ ۾ داخل ٿيندا ويا ته رڳو ذاتي غرض جي چوڌاري ڦرڻ انهن جي زندگيءَ جو محور رهيو ۽ پنهنجي دنياوي سک جي حاصلات لاءِ ڀٽڪڻ هنن جي زندگيءَ جو ڪل مقصد وڃي رهيو.

    اوهان زندگي لاءِ صرف هنرن ۽ پيشن جي سکيا ۽ تربيت لازمي ڄاتي پر اوهان کي پنهنجي شخصيت ۾ انساني صلاحيتن سان ڀرپور اهڙو استعداد به سکڻ جي لاءِ گهرجي پيو، جيڪو اوهان کي هن سماج جو ڪارگر فرد بڻائي، جيڪو اوهان کي پڙهڻ سان گڏ ڪڙهڻ جي رازن کان به واقف ڪري، جيڪو اوهان جي شخصيت ۾ اڀامندڙ ”غرور“ ۽ ”مان“ کي ماٺو ڪري، جيڪو اوهان جي زناني هار سينگار جي خواهشن کي دٻائي اوهان کي مردانگيءَ جي زيورن سان آراسته ڪري، جيڪو اوهان کي پنهنجي معتبرائپ ۽ وڏي ماڻهو باور ڪرائڻ جي روين کي متوازن رکي ۽ اهڙو استعداد جيڪو اوهان کي ناجائز حدن کي اورانگهڻ ۽ نتيجن جي پرواهه کانسواءِ بنا سوچ سمجهه جي ٿيندڙ اٻهراين تي ڪنٽرول حاصل ڪري سگهي.

    ويجهڙائيءَ واري عرصي ۾ اوهان مان اڪثر شاگردن جي تعليمي مشغولي صرف هن لاءِ آهي ته اهي پڙهي پنهنجي ذات جي لاءِ سک، عيش ۽ آرام جو مقام ٺاهين، معاشري ۾ انهن جي لئي هجي ۽ اميرن ڪبيرن ۾ انهن جو شمار ٿئي. اوهان پنهنجي شعور کي هن ڳالهه کان قطعي عاري رکي ڇڏيو آهي ته اوهان جي تياريءَ تي سورهن، ارڙهن ۽ ويهه سال اوهان جي پيارن جو مالي خرچ ۽ قومي وسيلا ان لاءِ صرف ٿين ٿا ته هن شاگرديءَ جي دور ۾ پنهنجي مهارتن جي ترقي ۽ مثالي شخصيت سان اوهان کي عملي زندگي ۾ پير پائي قومي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو آهي. اوهان مان ڪيترن جا والدين بکون ڪاٽي، زندگيءَ جا سک تلف ڪري سخت مالي مشڪلات ۾ پاڇي ڪري سندن خرچ جو پورائو ڪندڙ هئا. اوهان جي مٿان جيڪي رياست جا وسيلا صرف پئي ٿيا انهن ۾ هن ڌرتيءَ جي غريب ۽ پيڙهيل عوام جو اهي رقمون به شامل هيون جيڪي اٽي لٽي ۽ دوا درمل جي خريداريءَ وقت سيلزٽيڪس جي صورت ۾ انهن حڪومت کي ادا ڪيون هيون.

    اوهان کي تعليم ذريعي مهارتن جي ترقي ۽ مثالي شخصيت سان عملي زندگيءَ ۾ هڪ طرف والدين جي لاءِ انهن جي پوڙهپ جي آسيس بنجڻو هو ۽ ٻئي طرف ڀٽائيءَ جي ڌرتيءَ تي غربت جي ماريل ۽ رياست جي ڌتڪاريل عوام کي سک ۽ سهنج، خوشحالي ۽ آجپي ڏيڻ جا نت نوان امڪان پيدا ڪري پنهنجي قرض کي چڪائڻو هو.

    اوهان هر سال پنهنجي تعليمي ادارن ۾ جشن لطيف ملهائيندا رهيا پر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام سان اوهان کي رڳو رسمي جذباتي تعلق هو. اوهان ڀٽائيءَ سان وابستگيءَ جي لاءِ ان جا چار ڇهه بيت ياد رکڻ کي ڪافي سمجهيو ۽ ڪڏهن به ان جي ٻڌايل واٽ تي هلي پوڻ جو نه شعور حاصل ڪيو، نه عزم ڪري ورتو. اوهان جو ڀٽائيءَ سان به ”جيئي لطيف“ جي نعري جيترو لڳاءُ هو ۽ سنڌ سان به ”جيئي سنڌ“ جي نعري جيتري وابستگي هئي.

    هي شاگرديءَ جي بي فڪريءَ وارو زمانو اوهان کي قدرت جي پاران عنايت ٿي مليو هو ته اوهان زماني جي خفن خفتالن کان آزاد رهي اطمينان سان پنهنجي شخصيت جي مثالي تعمير ڪري سگهو. شخصيت جي مثالي تعمير لاءِ اوهان هنن سوالن کي يڪسر نظر انداز ڪري ڇڏيو ته بحيثيت انسان اوهان جو تخليقي مقصد ڇا آهي؟ ۽ اوهان جي منزل ڪهڙي آهي؟ هن سوال جو جواب به اوهان لاءِ گهڻو اهم نه رهيو ته اوهان کي اوهان جي خلقڻهار خلقيو ته سندس تخليقي نقشو ۽ منصوبو ڇا هو ۽ اوهان کي ان منصوبي جي تڪميل ۾ ڪيترو حصدار بنجڻو آهي. خدا پنهنجي تخليقي نقشي مطابق دنيا کي جوڙڻ ۽ ضدن جي شڪل ۾ ٺاهيو. هڪ پيدا ٿيڻ کانپوءِ واري دنيا ۽ ٻي موت کان پوءِ جي دنيا. موت کان اڳ واري دنيا ۽ آزمائش جي ميدان طور ٺاهي وئي ۽ موت کانپوءِ انهن عملن ۽ آزمائش جي دائمي بدلي جي هميشه رهڻ واري دنيا. عمل ۽ آزمائش جي دنيا ۾ انسان کي آزاد راءِ جو اختيار ڏئي قدرت پنهنجي منشا ٻڌائي ته ڌرتيءَ تي فلاحي معاشرو اڏيندڙ ٻنهي جهانن ۾ ڪامياب رهندا. افسوس! اوهان قدرت جي ڏنل ان آزاديءَ کي پنهنجي خدا جي مرضيءَ مطابق استعمال ڪرڻ جي شعور ۽ سعادت کان محروم رهجي ويا.

    اوهان مان ڪيترا اهڙا هئا جن کي پنهنجي لاءِ منتخب ماحول ميڊيا جي چمڪ دمڪ جو ديوانو بنائي ڇڏيو. چينلن تي ڏٺل ماحول جي پوئواريءَ ۾ اڇي چمڙيءَ وري ڇوڪري انهن جي زندگيءَ لاءِ وڏي ۾ وڏي حاصلات جو محور رهي. مغرب سرمائيداراڻي نظام ذريعي پنهنجي ظالماڻي لٽ ڦر جاري رکڻ جي لاءِ جديد پرماريت جي آلي طور جنسي آزاديءَ جي فريب کي دنيا ۾ عام ڪيو ته مغرب جا ڪارپوريٽ حاڪم غريب ملڪن جي عوام کي اقتصادي ۽ سياسي طور غلام رکڻ جي لاءِ کين جنسي آزاديءَ جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسايو ويٺا رهن. اهڙن رجحانن کي قبوليندي انهن پنهنجي قدامت پسند سماجي حالتن کان بغاوت جي سڄي لاڙي کي ڪن بنيادي انساني تبديلين جي ڪڍڻ ڊوڙائڻ جي بجاءِ ان جي اڇي چمڙيءَ جي حاصلات جي ڪڍ ڊوڙائي رکيو.

    اوهان کي اهو احساس ئي نه رهيو ته اوهان ئي اهڙو طبقو هئا جيڪي ڪنهن به وقت ويڙهه ۽ بغاوت ڪري مغرب جي ڦرلٽ ۽ پرماريت لاءِ سنگين خطرو بڻجي ٿي سگهيا، پر اوهان جي مٿان مدهوشيءَ وراي ڪيفيت طاري ڪري، مغرب واري جنسي لونجهه ۾ منڊي اوهان کي پنهنجين حالتن، غربت ۽ سياسي توڙي اقتصادي غلاميءَ جي احساس کان بي خبر رکيو ويو آهي. مغرب جا مقامي دلال به هتي ڄاڻي واڻي اهڙو ڪلچر ۽ مادر پدر آزاديءَ جو ماحول جوڙي رکڻ جا روادار رهيا آهن جيڪو انهن جي پنهنجي عياشي ۽ استحصال واري سلسلي کان نوجوانن جي ذهنيت کي مدهوشيءَ جي ور چاڙهي رکي. اهڙين مڪارين ۽ فريب جي ماحول ۾ اوهان کي تعليمي زندگيءَ ۾ فرصت جا جيڪي به لمحا حاصل ٿيا، اوهان انهن لمحن جو وڏو وقت يا ته پنهنجي ٺاهه ٺوهه ذريعي سرابن جي پويان ڊوڙڻ تي صرف ڪندا رهيا، يا وري بي مقصد يارين باشين جي مانڊاڻ ۾ منڊيل رهيا. اوهان کي پنهنجي تعليمي شعور سان پنهنجي سموري تمدن ۽ معاشرت کي پنهنجي گهر وانگر پاڪدامنيءَ جا رجحان ۽ لاڙا ڏيڻا هئا، جنهن سان اهڙي تهذيب ۽ ثقافت اڀري اچي جنهن کي دنيا ۾ انساني وقار جي ناموس سان ڏٺـو وڃي. اهڙي طرح ماڻهن جو اهڙو مورال اڀري اچي جنهن ۾ اهي پوري انساني وقار، همتن ۽ جرئتن سان قومي تعمير ۾ پنهنجو ڀرپور عملي ڪردار ادا ڪري رهيا هجن.

    اوهان کي فدائيت، عشق ۽ وابستگيءَ جي جن صلاحيتن کي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ واقف رکڻو هو، انهن جي جاءِ تي لوساٽ ۽ لذت کي اوهان پنهنجو مرڪ بڻائي ڇڏيو. اوهان جو سڄو وقت انهيءَ قسم جي حاصلات ۽ حرفت بازين ۾ گذرڻ لڳنو. جڏهن ته سخت سماجي ٻنڌڻن جي نتيجي ۾ اوهان جي ذهنن ۾ خود ساخته چاهت جي معيارن تائين رسائي مشڪل بڻجي وئي ته پوءِ هيڪلائي ۽ ويڳاڻپ اوهان کي وڻ ويڙهي وانگر وڪوڙي وئي ائين اجتماعيت سان اوهان جو رشتو ٽٽي ويو ۽ زندگيءَ کان بيزاري جي رجحانن اوهان ۾ واسو ڪري ورتو. نتيجي ۾ اوهان مان ڪيترا شاگرد ان ويڳاڻپ ۾ وڪوڙجي پاڻ پنهنجي مستقبل تباهه ڪرڻ جا ذميدار بڻيا. ڪن خود ڪشين جا سانباها ڪيا ۽ ڪن وري پنهنجي ذهن جي صالح صلاحيتن کان محروميءَ جي نتيجي ۾ خرابيءَ جي انتهائن کي وڃي ڇيهو.

    مذهب ماڻهن کي پاڻ ڳنڍي منجهن هڪ اجتماعي روح پيدا ڪندو آهي. بندي ۽ خدا جي وچ ۾ ڳانڍاپي جي نتيجي ۾ خدا کي بندي جو ساٿي بڻائي ڇڏيندو آهي. اوهان مان ڪيترائي پنهنجي خدا جي ان ساٿ کان محروم رهيا. اوهان پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي قوم سان باطني رشتن جي ڪا اڻت ئي ڪا نه ڪئي. اوهان جي اندر ۾ انهن ماڻهن جي صحبت جي ڪڏهن امنگ ئي پيدا نه ٿي، جيڪي سڄو ڏينهن ڳنڍڻ جو ڪم ڪندا هئا ۽ ڇنڻ مور نه سکيا هئا. افسوس! اوهان جي روح ۽ قلب کي اطمينان بخشيندڙ ڪا به تربيت سازي نه ٿي سگهي.

    هڪڙو زمانو هو جو پرائمري تعليم کان ئي استاد، تعليمي مهارتن سان گڏ پنهنجو تربيتي ڪردار نڀائي پنهنجي شاگرد جي تربيتي سکيائن جو ڪردار به ادا ڪندو هو. جڏهن اهي استاد ئي نه رهيا ته پوءِ اوهان کي شعور جي عمر ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي شخصي سڀاءَ جي لاءِ تعليم سان گڏ تربيت جا رستا ڳولي ڪڍڻا هئا. اهي رستا ڳولڻ بجا طور تي هڪ اڻانگو عمل هو. سالن جو سفر گهرجي ها منزل جي تلاش لاءِ. پر انسان کي عقل جي رهنمائي سان گڏ جڏهن وحي جي ذريعي مذهبن جي هزارين سالن کان رهنمائي به ملي آهي ته پوءِ خدا جي پيار ۽ الفتن کي، ان جي رهنمائي ۽ بشارتن کي حاصل ڪرڻ ڪو اوکو ڪم ڪو نه هو. ماڻهن جو دين صدين کان انهن جي شخصي سڀاءَ جو معلم رهندو آيو آهي، اوهان کي هڪ باشعور فرد جي حيثيت ۾ پنهنجي رسمي عقيدن جي بجاءِ پنهنجي دين جي ڪتاب جو دامن جهلڻو هو. اوهان کي ان رهنما ڪتاب جي ٻڌايل ضابطن جو شعور حاصل ڪرڻو هو ۽ زندگي جي باري ۾ مقصديت ۽ منزل جي تلاش به ان ڪتاب جي رهنمائي به اوهان جي لاءِ پنهنجي دامن مان ڪجهه عطا ڪرڻ کان قاصر هئي.

    اي سنڌ جا شاگردؤ!

    هن وقت جيڪا صورتحال آهي، ان ۾ اسان جي ڌرتيءَ کي اسان جي لاءِ ڏينهون ڏينهن تنگ ڪيو پيو وڃي. اسان لاءِ شهرن جي ڪارپوريٽ ڪلچر جا رستا سوڙها ڪيا ويا آهن ۽ هينئر رياستي مشينريءَ ۾ به اسان جي داخلا کي محدود رکيو پيو وڃي ۽ شهري حڪومتن ۾ اسان جي داخلا تي مورئون پابندي لڳائي وئي آهي. سنڌ جا وسيلا ڌارئي تسلط ۾ آهن ۽ رياست اسان جي مسلسل برباديءَ جون رٿون رٿيندي رهي ٿي.

    اهڙي صورتحال ۾ ته هن ڌرتيءَ جي ڪنهن به فرد کان پڇيو وڃي ته بچاءِ جي صورتحال ڪهڙي آهي ته اهو تعليم جي شعبي جو حوالو ڏئي ٿو. اها تعليم ئي آهي جيڪا اسان کي سخت مقابلي ۽ مسابقت جي اهل بنائي سگهندي. اسان جي مهارتن کي سگهارو بڻائي سگهندي ۽ اسان جي ڪردار کي فعال ۽ موثر بڻائي سگهندي. اسان جي ماڻهن جا ڏک ۽ سور، اهنج ۽ ايذاءَ، درد ۽ ڪرب ايڏا گهڻا ۽ گهرا آهن جو اسان جي سماج جي سڀني طبقن جي گڏيل فعال ۽ موثر ڪردار سان ئي انهن جي زخمن جي علاج ٿي سگهي ٿي.

    اسان جي شاگرديءَ واري زندگي، اسان جي پنهنجن ڌرتي ڄاون سان، مٽيءَ جي خمير واريون وابستگيون نڀائڻ جي ريهرسل ۽ تياري آهي، جتي اسان پنهنجي ڀرپور تعليمي حاصلات سان گڏ هڪ طرف پنهنجي شاگرد برادريءَ جي تعليمي سهائتا ۽ انهن جي تربيتي تيارين ۾ پنهنجو موثر عملي ڪردار ادا ڪريون، اتي هن ڌرتيءَ سان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ نا انصافين جي خلاف پنهنجي اندر دکيل چڻنگ کي باقي رکندا اچون. پوءِ جڏهن اسان عملي زندگيءَ ۾ داخل ٿيون ته هن ديس جي ڏکايل ماڻهن کي پنهنجي عملي سرگرمين ذريعي رليف ڏيون.

    بجاءِ طور تي اسان جو مروجه عملي سياست جي طور طريقن سان سڌو سنئون ڪو واسطو ڪونهي، پر شاگرد هئڻ کان اڳ ۾ اسان پنهنجي سماج ۽ ڪميونٽيءَ جو حصو آهيون، انهيءَ ڪري اسان جي پنهنجي سماج سان ۽ پنهنجي ماڻهن سان ڪمٽمينٽ جو هر رستو سياسي معاملن جي واديءَ مان گذري ٿو. انهيءَ ڪري جيڪڏهن اسان سياست جي شعور کي مورکن جي حوالي ڪري ڇڏيو ته پوءِ پنهنجي عزت ڀرئي جياپي ۽ قومي آجپي جي حاصلات کي جيئن پوءِ تين پري ڪندا وينداسون. اهو بجا آهي ته عملي سياست جون سرگرميون اسان شاگردن جون براه راست ذميداريون نه آهن پر جيستائين ڪا به قوم پنهنجي لاءِ بقا ۽ آجپي جي حاصلات کان محروم آهي، تنهن جي شاگرد ۽ انقلاب مان گذري آيل آزاد قومن جي شاگردن ۾ فرق بهرحال موجود آهي. قومي بقا ۽ آجپي جي لاءِ وڙهندڙ دنيا جي سڀني قومن ۾ شاگردن جو هڪ عملي ڪردار ۽ اجتماعي سرگرمي آهي ۽ شاگردن جون اهڙيون مزاحمتون سڄي دنيا جي قومن ۽ سماجن لاءِ وڏي آسيس آهن. آفريڪي قومن کان وٺي ايران تائين ۽ لاطيني قومن کان وٺي بنگال تائين شاگردن جون پنهنجي ڌرتيءَ جي عوام سان گڏيل عملي مزاحمتون انساني تاريخ جو روشن باب آهن. انهيءَ ڪري هڪ طرف پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن جي حقن جو تحفظ ۽ ٻئي طرف پنهنجي مضبوط شخصيت سان پنهنجي عمل جي ذريعي ماڻهن جي مسيحائيءَ جي ٻٽي ذميداريءَ کي نڀائڻ جو ڪم اوهان کان طالب عمليءَ ۾ به گهڻيون قربانيون طلبي ٿو. انهن قربانين ۾ زياده جو تعلق اوهان جي پنهنجي ذات جي خواهشن کي ترڪ ڪرڻ سان آهي ۽ جڏهن اوهان پنهنجي ذات جون نفسي قربانيون ڏيڻ شروع ڪيون ته پوءِ ٻيون ڪي به قربانيون اوهان لاءِ وڏي آزمائش نه رهنديون.

    اي سنڌ جا شاگردؤ!

    اوهان کي پنهنجي ڌرتيءَ جي بقا ۽ آجپي جي لاءِ هڪ وڏي اجتماعي ڪردار جي ادائيگيءَ سان ۽ پنهنجي ذات ۽ شخصيت جي تعمير سان اڳتي وڌڻو آهي. اوهان جي لاءِ قومي بقا جي جنگ ۾ ڪيترائي محاذ آهن. قابليتن ۽ مهارتن کي ڀڙ بنائڻ جو محاذ آهي، مسابقت ۽ مقابلي جي ڊوڙ ۾ شريڪ ٿي پنهنجي پنهنجي حقن جي حاصلات ۽ دفاع جو محاذ آهي، پنهنجي شاگرد برادريءَ ۾ مضبوط تنظيم ڪاري ۽ اجتماعيت جي جذبي ۽ مزاحمت جي عزم کي سرگرم رکڻ جو محاذ آهي. پنهنجي ڌرتي تي ٿيندڙ نا انصافين ۽ پنهنجي قوم کي غلاميءَ جي سنگهرن کان آزاد ڪرڻ جي سرگرمين جو محاذ آهي. انهن سڀني محاذن تي پنهنجي سگهاري عملي ڪردار جي صورت صرف هيءَ آهي ته اسان پنهنجي شخصيت جي تعمير لاءِ پنهنجي روين ۽ طرقن تي نظر ثاني ڪريون، پنهنجو احتساب ڪريون ۽ پاڻ کي پنهنجي خلقڻهار جي ٻڌايل ضابطن جو پابند بڻائي هڪ طرف تخليقي مقصدن کي سجايو ڪريون ۽ ٻئي طرف پنهنجي سماج سان پنهنجي عملي ۽ غير مشروط سڄا‎ڻائپ جو پختو ۽ نڪور شعور حاصل ڪريون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو