اولڙو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اولڙو

    ھر طرف ڪو نه ڪو منظر پوپٽ جيان منھنجي چوڌاري اُڏري رھيو ھو. ڪڪرن جي ڪڙڪاٽ، مال ٿي ٽھي ويا، چونگن سندي چال، چنگ ٿي چُريا، جھري پيون جُھوپيون، وري به سَرھَا ٿي ڏٺم جھانگيڙن جا مُنھن. مان جلدي جلدي لکندو ويس وري گھڙي کن سوچيم.

    سَرھَا...... ڏٺم.... جھانگيڙن..... جا..... مُنھن! جُھوپيون به ڊھي پيون پوءِ به!

    مون محسوس ڪيو مونکي بُک لڳي رھي آھي، پر وري لکڻ شروع ڪيم. ڪڪر ڪڪوريا، وڄ رکي رکي واراڪا ٿي ڏنا ، ڀنڀا ڀنڀا وار وٽڙيل وٽڙيل روشني، اُڍڙيل اُڍڙيل ساھ .....

    ھڪدم ڇرڪ نڪري ويم بجلي ھلي ويئي، موبائيل جي لائيٽ جھٽ ۾ ٻاريم، ته ڪٿي سُندر خيال ۽ منظر وکري نه وڃن، پر بيٽري چارج نه ھئي، ڊوڙي بورچي خاني مان ميڻ بتي کڻي اچي ٽيبل تي رکيم، ته آُھا به آخري پساھن ۾ ھئي. وري اسٽور ڏي ڀڳس پراڻي لالٽين ڪڍيم پر ان ۾ ته گاسليٽ ھو ئي ڪونه، در ڏي ڀڳس ولوءُ جي دڪان تان ڏھ روپين جو گاسليٽ ورتم. وري لکڻ شروع ڪيم ”سنڌو جو ڪنارو ٿڌڙي ٿڌڙي ھير گھلي رھي ھئي، سوچيم پوري منظر ڪشي ڪري آھستي آھستي اڳتي وڌندس ڪھاڻي جو پلاٽ ته سڄو ذھن ۾ تيار پيو اٿم. ڏٺم ته لالٽين جي وَٽ شرڙاٽ پئي ڪري جھمڪا پئي کائي، سوچيم ولوءُ ويچاري جو به ڪھڙو ڏوھ اڄ ڪلھ ته ھر شيءِ ۾ ملاوٽ آھي. پر ڪھڙي خبر ھو گاسليٽ ۾ پاڻي وجھندو ھجي! ھونئن به ھو مونکي مستانو ته سمجھندو آھي، ھن کي ڪھڙي خبر مستانه رِندِي ۾ جيڪو رس چس آھي، اھا ھوش وارن کي ڪھڙي خبر! پر ڪا خبر ان رسالي جي ايڊيٽر کي به ته ڪونھي! جنھن منھنجي ڪھاڻي زپ ڪري ٽيبل تي اُڇليندي چيو ھو ھي ڪھاڻي لکي اٿئي نه ڪا منظر نگاري، نڪو رومانس، نه لفظن ۾ ڪو رس چس، رڳو سماجي مسئلا........... رڳو سماجي مسئلا! پر اڄ ته منھنجي چوڌاري رومانوي منظر ئي منظر ڦري رھيا آھن. سڄو پگھرجي ويو ھئس، بورچي خاني ڏانھن ڊوڙيس پاڻي جو گلاس مٽ مان ڀريم چپن تائين جيئن آندم، اُف پاڻي ۾ ايڏي ڌپ .......... دل خراب ٿيڻ لڳي وري اچي ٽيبل تي ويٺس لکڻ شروع ڪيم. اوماس جي لڙاٽيل راتڙي، چنڊ ٽٻيءَ ۾، اُڻ تڻ من ۾، آڳ بدن ۾، نيٺ ڀنيءَ جي مھل، ٿين ٿا ڀوڻ جا چيچاٽ، ٿڌڙي ٿڌڙي ھير جون وڻن ٽڻن سان لاتيون، ھوءَ ڇير ڇمڪائيندي ڇن..ڇن..ڇن..ڪندي!

    وري سوچيم ڇن..ڇن..ڇن ڪندي يا ڇم...ڇم...ڇم ڪندي! اُف ايڊيٽر جي آخر منظر ۽ لفظن مان ڇا مراد آھي! کيس اھا خبر ناھي ڇا! سنڌي ڪھاڻي وچولي طبقي مان جنم وٺي ٿي، ۽ اُتي ئي دم ڏيئي ڇڏي ٿي، نه مٿيئن طبقي وارا سنڌي ڪھاڻي پڙھن ٿا ۽ نه ھيٺين طبقي وارا، مطلب لکون به اسان پاڻ، ۽ پڙھون به پاڻ! کيس شايد اھا به ڄاڻ ھوندي ته وچولو طبقو ھن دور ۾ ائين پيو جيون گھاري نه جيئرن ۾ شمار ٿئي ٿو نه موئن ۾، ڄڻ ته زنده لاش! پوءِ ھو زنده لاش سان اڃا ڪھڙي اُميد رکيو ويٺو آھي!

    خير ڇڏيس وڃي ڌوڙ پاءِ وري لکڻ شروع ڪيم.

    گُلن جي سُرھاڻ پکين جون لاتيون ۽ اھو ڇوڪر! جنھن چنگ چُوريو ٿي! وري مون سوچيو، جنھن جو عڪس مون ڪھاڻي ۾ چٽيو ٿي! ڇا ان جھڙو ڇوڪر حقيقت ۾ منھنجي ڪھاڻي سمجھي سگھندو! پڙھي سگھندو! ان جي ڳوٺ ۾ ڪو اسڪول به ھوندو! جي ھوندو ته اُتي ڪو ماستر به ھوندو! يا اسڪول وڏيري جي اوطاق ھوندو!

    ھونھ....ڇا پيو آئون سوچان! ڀلا منھنجي ھي ڪھاڻي ولوءُ ۽ ان ڇوڪري لاءِ آھي ڇا!وڃي ڌوڙ پائين مان ڇو ھنن جي باري ۾ سوچي پنھنجو وقت

    برباد ڪري رھيو آھيان!ھاڻ صبح به اچي ويجھي ٿي آھي، پر منھنجي ڪھاڻي ڇو مڪمل نه ٿي سگھي آھي! رات کان بُکايل آھيان، ڪجھ کاڌو به ڪين اٿم. پرھ ڦٽيءَ جو وقت ٿي ويو ھو، ڪُڪڙ به صبح ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، جھرڪيون.............. مون کان ٽھڪ نڪري ويو ولوءُ ھڪ دفعو مون کان پڇيو ھو، ڀلا جھرڪيون سوير ڇو اُٿي وينديون آھن! مون کيس حيراني مان ڏٺو، ته پاڻ لڄي ٿي چيو ھئائين، شايد رات جو جلدي سُمھي پونديون آھن. مان دل ۾ ٽھڪ ڏيندو گھر ڏي روانو ٿي ويو ھئس کيس ڪا ورندي نه ڏني ھئم.

    سوچيم اھا ان جي معصوميت ھئي يا جھالت! ھونھ....... وڃي ڌوڙ پاءِ.

    ڀلا ولوءُ کي ڪھڙي خبر تخيل جي دنيا جي! ۽ مونکي ڪھڙي ضرورت آھي جو عام مسئلن کي وائکو ڪريان، پنھنجين لکڻين ۾، اھو به عام فھم ٻوليءَ ۾ جنھن کي پنجون درجو پاس به سمجھي وڃي. جيئن سنڌي اخبار وٺي پڙھندو آھي، ته سڄو ڏينھن ماڻھن جو سر پيو چٽيندو آھي!

    نه...... نه....... معيار به ته ڪا شيءِ ٿيندي آھي!

    اُف مون کي وري بُک لڳي رھي آھي! مٿي جي سُور جي ته گوري ملي وڃي ٿي پيٽ جي بُک جي!

    سڄي رات گُذري ويئي پر ڪھاڻي اُتي جو اُتي ئي رھجي ويئي، گھڙيال تي نظر ڪيم ته صبح جا اٺ ٿي رھيا ھئا. در تي زورائتو کڙڪو ٿيو اُٿي در ڏي ڊوڙ پاتم، در کوليم ته پنھنجي سامھون منظر کي بيٺل ڏٺم!

    ھڪدم پڇيومانس ” منظر ڏي خبر خير ته آھي!

    ” ھا ادا خير آھي توھان کي نياپو ڏيڻ آيو ھئس، ته رات مون کي ايڊيٽر صاحب فون ڪئي ھئي، ۽ چيائين ته رسالي لاءِ اسان کي مواد ملي ويو آھي. ھاڻ خير سان پورو ٿي ويندو، توھان ھاڻ تڪليف نه ڪجو. منھنجي اکين آڏو اونداھي اچي ويئي، مونکي منظر نظر نه آيو، شايد ھاڻ ھو ھليو ويو ھو. سامھون ولوءُ دُڪان تي ويٺو ھو ۽ مون کي ڏسي ھڪل ڪندي چيائين ”او مستانه ڪھڙا حال اٿئي“ خبر ناھي ڇو مون کان به ٽھڪ نڪري ويو. ولوءُ دڪان تان ڊوڙي اچي مون کي بسڪٽ جو پڪيٽ ھٿ ۾ ڏنو، پر منظر ڪٿي ھو! ھُن وٽ ولوءُ جھڙو احساس ۽ لفظ ھئا!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو