کَٽيو کائي مداري

'ڪهاڻيون' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    کَٽيو کائي مداري

    شهاب سومرو

    زَپ ڪتاب ٽيبل تي اُڇلائيندي بادل ڀُڻ ڀُڻ ڪندي: ”ذليل ڪيترو منھنجو قيمتي ٽائيم برباد ڪري ڇڏيو، سئو روپيه ته ٻُڏا پر وقت به ڪيڏو نه برباد ٿيو، لڳي ٿو عام زندگي ۾ به حرامپائي ڪري ماڻھن تي ٽوڪ ٽالي ڪندو ھوندو، ھاڻ ته مُرڳو نڀاڳو گھر تائين پھچي ويو آھي.

    جوڻس جيڪا بورچي خاني ۾ ھئي، تنھن اتائين کان رڙ ڪئي: ”نڀاڳا وري ڪنھن تي ڪاوڙيو آھين! ساڙ سڙيا ڪنھن تي پيو پنھنجون باھيون ڇنڊين! شايد وري منھنجي مائٽن توکي ڪو سُور ڏنو آھي.

    بادل ويتر ڪاوڙ ۾ بُڇڙو مُنھن ٺاھيندي: ”تون ته ماٺ ڪر جنڙي، منھنجا سو روپيه ٻُڏي ويا آھن، ڪتاب وٺي آيو ھئس ته تو مان جان ڇُٽندي، ڪھاڻيون پڙھي وندر ڪندس پر مار پويس ھي ڇا لکيو اٿس! وري آخر ۾ لکيو اٿس ته پنھنجن نيڪ مشورن سان ضرور نوازيندا. بيھ پُٽ پھرين ته توکان پئسا ڇڏايئبا پوءَ توکي پادرٺوڪبا پوءَ توکي مشورو ڏبو ته ھاڻ تون گھر وڃ يا اسپتال يا اتيءَ دم ڏئي ڇڏ ............

    جوڻس سندس بڪ ٻڌندي اچي سندس سامھون چيلھ تي ھٿ رکي بيٺي: ”اڙي او چريا! ھن ڪتاب ۾ لکيل ڇا آھي، جو توکي تپائي باھ ڪري ڇڏيو اٿس!

    بادل اکيون ڪڍندي: ”مون توکي چيو نا تون ماٺ ڪر، اڻ پڙھيل جاھل عورت ھلين آھين ٽِيپ ٽِيپ ڪري مون کي سمجھائڻ لاءِ! مان ھن سيکڙاٽ ليکڪ جي گھر تي وڃي جيستائين گاريون نه ڏيندومانس تيستائين منھنجو اندر نه ٺرندو.

    اڃا ھنن ٻنھي جو جھيڙو مس شروع ٿيو ھو ته در تي کُڙڪو ٿيو، جوڻس سندس ڏانھن معني خيز نظرن سان ڏسندي چيو: ”شايد امان بابا ڳوٺان آيا آھن......................

    بادل سندس ڳالھ ڪٽيندي: ”فوج سميت آيا ھوندا ..............

    جوڻس جيئن دروازو کوليو ته ڄڻ ڄڃ اندر گھڙي پئي، بادل بي دلي سان ساڻن ملي ڪتاب کڻي ٻاھر نڪري ويو، ھاڻ ته کيس اندر ۾ ڄڻ ويتر باھ ٻري رھي ھئي، سوچيائين ھاڻ دُڪان واري ڪتاب واپس ورتو ته ڀاڄي وٺي انھي لوڌ کي کارائيندس جي دُڪان واري نه ورتو ته انھي ليکڪ جي پتي تي گھر ويندومانس ۽ ڪتاب مُنھن تي اُڇلائي ھڻندوسانس ۽ چوندوسانس توکي شرم نٿو اچي، ھن ملڪ ۾ اڳ ۾ مھانگائيءَ اسان غريبن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا آھن، مٿان وري تو جھڙا سيکڙاٽ به ڪتاب لکيو انھن تي سُھڻا نالا رکيو ڪتابن تي گُل ڦُل لڳايو اسان کي بيوقوف پيا ٺاھيو اندر ڪتاب ۾ لکيل ڇا آھي رڳو ڌوڙ ئي ڌوڙ اھو سوچيندي نيٺ اچي ڪتابن جي دُڪان تي پھتو. جتي ڪتاب وڪڻندڙ اھوئي بندري قد جو ڪارڙو ھمراھ موجود ھو جنھن کيس ڏسي مُنھن ئي ٻي طرف ڪري ڇڏيو. بادل وڏو ساھ کڻندي چيس: ”اڙي ھيڏانھن ھيءَ بڪواس ڪتاب واپس وٺ ۽ منھنجا ڏوڪڙ موٽائي ڏي، ڪالھ شام وٺي ويو ھئس. بندري ھمراھ سندس کان ڪتاب وٺي ان جو جائزو ورتو ۽ کيس واپس موٽائيندي: ”ڀائو ھي لائيبرري ڪانھي جو پڙھيل ڪتاب وري واپس ورتا وڃن.

    بادل اکيون ڪڍندي: ”اڃا مون پڙھيو ڪٿي آھي!

    ”ڀائو جي پڙھيو نه اٿئي ته پوءِ موٽائڻ ڇو آيو آھين!

    انھيءَ دُڪان واري جي ڳالھ ھڻي بادل کي مُنجھائي وڌو پر وري جھٽ ۾ چيائين:”جنھن ھي ڪتاب لکيو آھي مان ته ان جي پيءُ کان به ڏوڪڙ ورائي وٺندس.

    ”پوءَ ھتي بڪ ڇو پيو ڪرين، ڪتاب تي سندس ايڊريس لکي پئي اٿئي وڃي اُن کان ڏوڪڙ وٺ ھل ٽر.

    بادل ٽيڏي اک سان دُڪان واري کي ڏسندي: ”پُٽ ترس ھن وقت منھنجي گھر ۾ مھمانن جي فوج آيل آھي، انھن مان رڳو واندو ٿيان پوءِ توکي به ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيندس، اھڙو ڪم ڪندو سانءِ جو تون به پھرين ڪتاب پڙھي يا ڪنھن کان پڙھائي پوءَ دُڪان تي وڪڻندي.

    ” اڙي ھاڻ ھل ڪنجوسَ.................. صفا ڪو ٻاراڻو دماغ اٿئي.

    بادل ڀُڻ ڀُڻ ڪندو تکيون وِکون اڳتي وڌايون، ھاڻ سندس رُخ ان ليکڪ جي گھر ڏانھن ھو، نيٺ وڃي در تي پھتس در کُڙڪايائين ته گھر اندران اڌ سُتل اڌ جاڳيل ماڻھو برآمد ٿيو، جنھن جو فوٽو پڻ ڪتاب تي ھو.

    بادل کيس ڏسندي ئي چيو: ”ميان شرم ڪر ھيءَ ڪھاڻيون لکيون اٿئي!

    اڌ سُتل جاڳيل ھمراھ کيس غور سان ڏسندي: ”ھيءَ ڪتاب مون نه لکيو آھي.

    بادل حيرت مان: ”ڇا! تو نه لکيو آھي ته پوءِ ھيءَ فوٽو ڪنھن جو آھي!

    ”ھي منھنجي جاڙي ڀاءُ جو آھي، جيڪو ھن وقت گھر ۾ ڪونھي ڪراچي ويل آھي.

    ”ميان ڇو ٿو ڪوڙ ڳالھائين، سڏيان ڇا تنھنجي پاڙي وارن کي تنھنجي تصديق لاءِ!

    ”اڙي بابا توکي ڪتاب نٿو وڻي ته وڃي دريا ۾ ڦٽو ڪر مون وٽ ڇو کڻي آيو آھين!

    بادل ڪاوڙ ۾: ”اڙي کنڀڙاٽيون گھٽ ھڻ ته اھي پَٽي نه ڇڏيائين، آئون توکي جيئن چوان تيئن ڪر نه ته اھڙا پادر ٺوڪيندو سانءِ جو ياد ڪندي.

    ليکڪ گھٻرائيندي: ”پر تون مون کي ايڏو ذليل ڪرين ڇو پيو! مون کي لڳي ٿو ته پھريون ڀيرو ڪو ڪتاب خريد ڪيو اٿئي يا تون پڙھيل ڳڙھيل ماڻھو نه آھين.

    ” ھائو ھائو ھر ڪنھن ماڻھو جو ملڪ ۾ احتساب ٿئي ۽ توھان ڪوڙن دانشورن کي ڪير پڇڻ وارو به نه ھجي، جيڪو ڪُڇي اُنھيءَ کي توھين جاھل سمجھو ٿا ائين نا، اسان جا ڏوڪڙ مُفت جا آھن.

    ”چڱو ھاڻ ٻُڌ گھڻيون رڙيون نه ڪر منھنجي به ته ڪا عزت آھي يا نه!

    ”ھاڻ آيو آھين نا صحيح رستي تي ۽ ڪراچي مان به واپس اچي ويو آھين، ھاڻ ھي ڪتاب واپس وٺ ۽ منھنجا ڏوڪڙ ورائي ڏي.

    ”پر بابا ھيءَ ڪتاب تو مون کان ته نه خريد ڪيو آھي، جنھن کان ورتو اٿئي تنھن کان وڃي ڏوڪڙ ورائي.

    ”مون کي تنھنجو پتو انھي ڪانگ ڏنو آھي سمجھيءِ.

    اڃا ھنن ۾ اھا ڏند چڪ ھلي رھي ھئي ته ليکڪ ڏٺو ته سندس گھر اڳيان ماڻھو گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا ھئا، پاڻ کڻي پوئتي پير ڪيائين، بادل کي چيائين چڱو تون بيھ ته مان گھران ڏوڪڙ کنيو ٿو اچان.

    گھر ۾ اندر گھڙڻ شرط جوڻس کي اِشاري سان سڏيائين: ” ٻُڌ سئو روپيه ته ڏي ھڪ چريئي کان جان ڇڏايان جوڻس ٽھڪ ڏيندي: ”ڇو ڪو ڪتاب موٽائڻ آيو اٿئي ڇا!

    ليکڪ مُنجھندي ” ھا ھا جلدي ڪر جان ڇڏايان، ڪٿي ھاڻ گاريون نه ڏيڻ شروع ڪري.

    ” ھاءِ ھاءِ مھانگائي پڙھيل ڳڙھيل ماڻھن کي به چريو ڪري ڇڏيو اٿس.

    بادل جوڻس کان ڏوڪڙ وٺندي وڏي ھونھ ڪندي وٺي ٻاھر ڊوڙ پاتي ۽ اچي بادل جي تري تي رکيائين.

    بادل ڏوڪڙ وٺڻ کان پوءَ به کيس بخش ڪرڻ جي موڊ ۾ نٿي لڳو: ” اڙي تون وڃي ھاڻ ڇولا کپائي ھي ڪم تنھنجي وس جو نه آھي. بادل بڪ ڪندو ڀاڄي مارڪيٽ ڏي روانو ٿي ويو، ليکڪ ڪتاب کڻي اچي ٽيبل تي ڦٽو ڪندي چيو: ”ڪڏھن ڪنھن سان ائين نه ٿيو آھي جئين مونسان جُٺ پئي ٿئي.

    جوڻس سندس تان کلندي ”توکي ڪھڙي ضرورت ھئي جو ڪتاب تي پنھنجي گھر جي ايڊريس به ڏني اٿئي، ڇا ٻيا به اھا تو جھڙي چريائي ڪندا آھن ڇا! جھڙي تو پاڻ سان پاڻ جُٺ ڪئي آھي. ھاڻ ھيءَ ڏھون ڪتاب واپس ٿيو اٿئي، ھزار روپيه بي عزتي سميت ڀري ڏنا اٿئي پر ٻُڌ دُڪان واري کي گھڻيون ڪاپيون ڏنيون اٿئي!

    ليکڪ بيزار ٿيندي: ”بيگم ٽوٽل ھزار ڪاپيون قرض کڻي ڇپايم جنھن مان ٻه سئو ڪاپيون دوستن عزيزن کي گفٽ ڪيم، باقي اَٺ سئو ڪاپيون دُڪان وارن کي ڏنم، جن اھو وچن ڪيو ته ڪاپيون کپڻ کان پوءِ تنھنجو حصو توکي گھر رسائي وينداسين.

    ”ھاڻ ٻُڌ عقل جا اڪابر! انھيءَ کان پھرين جو باقي ست سئو نوي ڪاپيون واپس موٽن ۽ پڪ سان ٿيندو به ائين ته اھي تو وٽ واپس موٽنديون ۽ ھن مھيني جي جاءِ جي مسواڙ به اجايو ڳچيءَ ۾ پوندي. انھيءَ کان بھتر آھي ته ھل ڪٿي ٻئي ھنڌ جاءِ مسواڙ تي وٺي رھون ۽ ھاڻ تون ڏاڙھي رکي مولوي ٿي وڃ، ته جيئن توکي ڪو شھر ۾ سُڃاڻي نه سگھي، نه ته روز پادر کائي پيو گھر ايندي، اھا چوڻي ٻُڌي اٿئي ته ”کٽيو کائي مداري ۽ لٺون جھلي ڀولڙو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو