ابا سُڀاڻي عيد آھي منھنجا نوان ڪپڙا، چوڙيون، واليون ۽ سينڊل وٺي ايندي نا ! تو مون ساڻ واعدو ڪيو ھو ته چنڊ رات تي تون بازار ويندي! ننڍڙي اربيلا پنھنجي پيءُ جي ھنجھ ۾ ويھندي چيو. خالد سندس وارن ۾ شفقت ۽ پيار سان ھٿ گُھمائيندي: ”ھا بابا ڇو نه شام ته ٿيڻ ڏي بس اجھو ٿو وڃان. پاڻ ننڍڙي اربيلا سان واعدو ته ڪري ويٺو ھو پر ھاڻ پنھنجي وچن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ سوچي رھيو ھو ته ڇا ڪرڻ گھرجي. ڇو جو ھفتو کن کيس ٺيڪدار جي پُٺيان رُلندي گذري ويو پر کيس سندس مزدوري نه ملي. ٺيڪدار پاڻ کُٽي پيو ھو صرف کيس ڪُوڙا دلاسا ڏيندو رھيو تان جو مٿي تي عيد به اچي ٺڪاءُ ڪيو، پر کيس سندس ڏوڪَڙ نه ملي سگھيا. ان ڏينھن سج لھڻ ۾ به دير نه ڪئي، پاڻ اربيلا سان ڪيل واعدي موجب گھرکان روانو ٿيو، ٺلھي ھٿين پيادل ڇِنل جُتي سان خيال ڪيائين ته ڪنھن دوست کان قرض کڻي وٺجي پر وري ياد آيس ته ڪو به دوست اھڙو ته ڇڏيو ڪونه اٿم، جنھن کان ھن سڄي ھفتي ۾ گھر جي صرف چُلھ کي گرم رکڻ لاءِ قرض نه ورتو ھجيم. انھن ويچارن ۾ ھو ته اوچتوکيس خيال آيو ته سندس سان ھڪ موالي مزدوري ڪندو ھو، جيڪو نشي خاطر اڪثر پنھنجو رَتَ به وڪڻندو ھو. سندس قدم ھڪدم ان اُوتاري جي طرف وڌي ويا، جتي اڪثر اھو موالي ويھندو ھو. بخشوکيس پري کان ايندي سُڃاتو ۽ ڀليڪار ۾ اُٿي بيھندي: ”ڪھڙا حال اٿئي مِٺڙا سائين! خالد سندس سان ھٿ ملائيندي: ”يار خير آھي توسان ڪم ھئم. ”ٺيڪدار ته مون کي ڪم تان ڪڍي ڇڏيو، ھاڻ تنھنجو ڪھڙو ڪم مون ۾ ڦاٿو آھي! خالد ٻين موالين کي ڏسي ھٻڪندي: ”يار ٿورو پاسي تي اچ ته ٻُڌايائين. بخشوکيس ھٿ کان جھلي پاسي تي وٺي ويندي: ”ھائو ھاڻ ٻڌاءِ ڇا ٿو چوڻ چاھين. ”يار مان ڏاڍو پريشان آھيان، عيد جو موقعو آھي پر مونکي ٺڪيدار کان اڃا ڏوڪڙ مليا ناھن. بخشو گُٿو لفظ ڪڍندي: ”وڏو ڪو حرامي ٺيڪدار آھي ھن وقت به جي ڏوڪڙ نٿو ڏئي ته ”عيد کان پوءِ ڪپڙا ڪھڙي ڪم جا“ ٻچڙيوالن جو به ڪو خيال نه اٿس. ”يار ھاڻ مونکي مھرباني ڪري اھو ٻڌائي ته تون اڪثر رَت وڪڻندو آھين، جيڪي توکان خريد ڪندا آھن انھن جو پتو ٻڌائي. ”پر يار تون رت وڪڻندي ڇا! ڪنھن کان کڻي قرض کڻ عيد کان پوءِ موٽائي ڏجانس. ”سچ ٻڌايائين بخشو مون ھفتي کن ۾ ايترو قرض ورتو اٿم، جو ھاڻ ڪو ماڻھو سُجھي به نٿو ته ڪنھن کان قرض وٺان، ڇوجو تقريبن سڀني دوستن جو قرضي ٿي ويو آھيان. ”چڱو ٻُڌ پتو مان توکي ڏيان ٿو پر ڪنھن سان ذڪرنه ڪجانءِ، متان منھنجي لاءِ به آزار نه ڪري وجھين. خالد سندس ڪُلھي تي ھٿ رکندي: ”يار پھرين مون تنھنجي ڪا اھڙي ڳالھ زبان مان ڪڍي آھي ڇا! بخشوکيس پتو سمجھايو ۽ پوءِ چانھ جي به صلاح ڪيائينس پر خالد پتو ٻُڌڻ شرط کانئس موڪلاڻي ورتي، ڇو جو کيس تڪڙ ھئي ته ڪٿي دير نه ٿي وڃي، اربيلا سندس راھ تڪيندي سُمھي نه پوي. پاڻ تکيون وِکون ڀريندو روانو ٿيو وڃي ان جاءِ تائين رسيو، جنھن جوکيس پتو ڏنو ويو ھو. اُتان کان واندو ٿي ڏوڪڙ کيسي ۾ وجھي وري بازار ڏي رُخ ڪيائين. ڪجھ وقت پنڌ ڪرڻ کانپوءِ محسوس ڪيائين ته کيس چڪر اچي رھيا آھن، پاڻ ھڪدم ھيڏي ھوڏي ڏٺائين ته سامھون کيس ھڪ ھوٽل نظر آئي، سڌو رُخ انھيءَ طرف ڪيائين ته جيئن ڪجھ جسم کي طاقت ڏيڻ لاءِ کائي پي سگھي. جيئن ھوٽل ۾ اندرگھڙيو ته کيس ماڻھن جي گھڻي رش ڏسڻ ۾ آئي، ھڪ ٽيبل ڪُنڊڙي ۾ ھئي تنھن تي به ھڪ ماڻھو ويٺل کيس نظر آيو، پر ٻين جي نسبت ھي ٽيبل کيس بھترلڳي. پاڻ به وڃي اُتي ويٺو ۽ جوس جو آرڊر ڏنائين، سندس سامھون ويٺل شخص کيس اُداس نظرن سان ڏسي رھيو ھو ۽ کيس محسوس ٿيو ته ڄڻ ھو ساڻس ڳالھائڻ جو وجھ ڳولي رھيو ھجي. آخر سامھون ويٺل شخص پنھجا چَپَ چوريا: ”ڀائو ڪٿي جو آھين! خالد کيس غور سان ڏسندي: ”ھتي ئي شھر جو آھيان. ”ڇا ڪندو آھين! مطلب ته ڪھڙو ڌنڌو ڪندو آھين. ”ادا مزدور ماڻھو آھيان ڪپڙن مان ئي جانچي وٺ. ھن خيالن ۾ ڪنڌ کي لوڏيندي: ”بازار ۾ خريداري جي لاءِ نڪتو آھين. ”ھا ادا مڙئي ٻارن جي ڪپڙن جي خريداري لاءِ نڪتو آھيان ٻيوھاڻي اسان جي ڪھڙي عيد! انھي وچ ۾ ھڪ ڇوڪر سندس اڳيان جوس جو دٻو رکيو ۽ سامھون ويٺل شخص جي اڳيان چانھ رکي. خالد جوس جو ڍڪ ڀريندي: ”تون ڪٿي جو آھين! ”ادا مان اصل ته ھت جو راھاڪو نه آھيان پر ڪم جي ڪري ھت رھيل آھيان. ”ڪھڙو ڪم ڪندو آھين! ”مان ادا رنگ جو ڪم ڪندو آھيان پر اڄ ڪلھ ڪم نه اٿم ائين واندو پيو ڦران، اڄ سوچيم ٿي ته ڳوٺ وڃا پر کيسي ۾ ڀاڙي جيترا به ڏوڪڙ نه اٿم. وري مٿان عيد جو موقعو آھي، ٻار انھيءَ آسري ۾ ھوندا ته بابا شھر مان اسان لاءِ نوان ڪپڙا وٺي ايندو، انھيءَ سوچ ۾ آھيان ته جڏھن ڀاڙي جيترا ئي ڏوڪڙ نه اٿم جو پنھنجن ٻارن کي مُنھن ڏيکاري اچان ته خريداري ته وڃي پري پئي. خالد پھرين سوچيو ته ھن کي به اھوئي رستو ڏسيان پر وري بخشو جي ڪيل ھدايت تي خاموش رھيو، جلدي جوس پورو ڪري جلدي اُٿڻ جو سوچيائين پر وري سامھون ويٺل شخص جو مُنھن ڏسي سوچڻ لڳو ته ڪاش مون وٽ ايتري دولت ھجي ھا ته اھڙي ڀلاري رات تي ھر مُنھن تي مُرڪ ھجي ھا. وري ھن خيال ڪيو جي مون وٽ جيتري رقم آھي خريداري کان پوءِ به ڪجھ بچي پوي ته ڇو نه ھن جي مدد ڪريان صرف ايتري جو عيد جھڙو ڏيھاڙو پنھنجن ٻارن جي وچ ۾ ته گذاري سگھي. خالد کي خيالن ۾ ٻڏل ڏسي اجنبي شخص کيس مخاطب ٿيندي: ”ادا ڪھڙن خيالن ۾ ٻُڏي ويو آھين! مان تو کان ڏوڪڙ نٿو گھران مون ته ائين ئي پنھنجي پريشاني توکي ٻُڌائي، اھا صرف مون سان ناھي پر مون جھڙا توکي ھتي گھڻا ئي ملندا. مان ته وري به ھوٽل ۾ چانھ پيئڻ جي سَگھ رکان ٿو پر ڪي ته ويچارا انھيءَ سَگھ کان به لاچار آھن، توھان منھنجي ڳالھ کي دل تي نه کڻو ۽ وڃي پنھنجي خريداري ڪريو. خالد ھٻڪندي: ”ادا ھڪ عرض ڪريان. ”ھا ڀائو ڇو نه حڪم ڪر عرض ڇو! ”ادا جيڪڏھن توکي خراب نه لڳي ته پاڻ گڏجي خريداري ڪريون! ” نه ڀائو مان ڪنھن جو احسان کڻڻ نٿو چاھيان ۽ ھيءَ پنھنجي پھرين ملاقات آھي نه تون مون کي سُڃاڻي ٿو، نه مان توکي سُڃاڻان ٿو ۽ توکي اھا پڪ به آھي ته مان ٺڳ نه آھيان، ڇو جو ھن وقت گھڻا ٺڳ به ڦرن پيا، خيال ڪجانءِ ۽ تون به مزدور ماڻھو، مان ڪيئن توتي ايڏو بار وجھان. ”ادا تون ائين سمجھ مان توکي قرض ڏئي رھيو آھيان، آئون توکي پتو پنھنجو ڏئي ڇڏيان ٿو، جڏھن واپس اچين توکي ھت ڪم ڌنڌو لڳي وڃي ته مون کي منھنجا ڏوڪڙ واپس ڪري ڇڏجان. ”ڀائو جي مان تنھنجو قرض نه لاھي سگھيس ته پوءِ! ”ته پوءِ به ادا مڙئي خير آھي جھڙا توکي ٻچڙا آھن تھڙا مونکي ڳالھ مڙئي ساڳي آھي. اجنبي شخص سوچيندي: ”ڀائو مون کي معاف ڪجان مون توکان تنھنجو نالو ڪونه پڇيو. خالد مُرڪندي: ”ڀائو نالي ۾ ڇا رکيو آھي اصل شيءَ ته آھي انسان شناسائي خير، منھنجو نالو خالد آھي ۽ تنھنجو نالو ڇا آھي! ”ڀائو منھنجو نالو وليداد آھي. ”چڱو ھاڻ ادا وليداد اُٿ دير پئي ٿئي، ھل ته ڪجھ خريداري ڪري وٺون ٿا. ”جيئن ڀائو تنھنجي مرضي پر پھرين مون کي پنھنجي گھر جو پتو ٻُڌائي. خالد کيس پنھنجي گھر جو پتو سمجھايو، انھيءَ کان پوءِ ٻنھيءَ بازار ڏي رُخ ڪيو. ”ادا توکي گھڻا ٻار آھن! ”ڀائو ٻه ھڪ نياڻي ٻيو پُٽڙو اٿم ۽ توکي! ”ادا مون کي ھڪ نياڻي آھي. انھيءَ ڳالھين دوران پاڻ ڪپڙن جي دُڪان تي چڙھيا جتان خالد کيس ٻارن جا ڪپڙا وٺي ڏنا ڪجھ ٻي به مٿان خريداري ڪري ڏني. ”ڀائو تون پنھنجي ننڍڙيءَ لاءِ ڇو ڪجھ نه ورتو! خالد مُرڪندي: ”ڀائو پھرين تون وٺ ۽ روانو ٿي ڇو جو تنھنجو پري جو پنڌ آھي پوءِ توکي گاڏي نه ملندي، مان ته ھت شھر جو آھيان ۽ اڄ بازار سڄي رات کُليل آھي، چڱو ھاڻ دير نه ڪر ھي وٺ ڀاڙو ۽ گاڏي جھل ڳوٺ روانو ٿي وڃ. پاڻ وليداد کي روانو ڪري اڳتي وڌي ويو، ھاڻ سندس کيسي ۾ ڪجھ به نه ھو پر ھن کي صرف اربيلا جو خيال ھو ته جيڪڏھن ھوءَ جاڳندي ھوندي ته ھو کيس ڪھڙو جواب ڏيندو. نيٺ انھن ويچارن ۾ گھر پھتو پر ھاڻ دير ٿي چڪي ھئي، ھو ستي پئي ھئي پاڻ سندس کٽ وٽ وڃي کيس پيشاني تي چُمي ڏنائين، دل ۾ سوچيائين شايد انھيءَ لاءِ اڄ مون پنھنجو رَت ست ڏنو، ته ڪٿي وليداد جا ٻار انھيءَ ھڪ چُميءَ کان به محروم نه رھجي وڃن.