مري ٿيا نه مات شهاب سومرو ھر طرفان ڪوھيڙو ڌرتيءَ کي وڪوڙي ويو، ھو ائين ٿي لڳو ڄڻ ڌرتي ھلڪا ھلڪا سُڏڪا ڀري رھي ھئي، جنھن کي ھو ھڪ بند اونداھيءَ ڪوٺڙي ۾ به محسوس ڪري سگھيو ٿي. ھن جي جسم سان ڪا سنگھر ٻڌل نه ھئي، پر ھو رڳو پنھنجو وجود نه پر پنھنجي روح کي به جڪڙيل محسوس ڪري رھيو ھو، کيس بوٽن جي ٺڪ ٺڪ جو آواز ڪن تي پيو، ڪوٺڙي جو در چيچاٽ ڪندي کلي ويو، ٻا ٽ اونداھي ۾ ڪو موت جي پاڇي جيان اچي سندس مٿان بيٺو. ”شھمير خان اڄ تنھنجي زندگيءَ جا آخري باقي ٻارنھن ڪلاڪ وڃي بچيا آھن، تنھنجي ڪا آخري خواھش يا وصيت!جيلر ٿامسن ٽارچ ٻاريندي، ھن جي اکين ۾ غور سان ڪجھ ڳولھڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو پر کيس نا اُميدي ٿي، ڇو جو کيس شھمير جي اکين ۾ ڪو ڊپ جو پاڇو نظر نه آيو. شھمير خان سندس اکين ۾ اکيون وجھندي: ”تون منھنجي آخري خواھش پوري به ڪري سگھندي! تون پاڻ ۾ ايتري سگھ رکين ٿو! جيلر ٿامسن مغروري سان چروٽ دکائيندي: ”ھا ڇو نه مان توکي ڪاغذ قلم ڏئي ٿو سگھان ۽ تنھنجي وصيت تنھنجن مائٽن تائين پھچائي ٿو سگھان. شھمير وڏو ٽھڪ ڏيندي: ”اھو ڪم ته ھڪ ننڍڙو ٻارڙو به ڪري سگھي ٿو! توھين ته پاڻ کي فاتح ٿا سمجھو! ٿامسن: ”ھا انھيءَ ۾ ڪو شڪ نه آھي ته اسين عظيم فاتح آھيون، انھيءَ ڳالھ جي تاريخ گواھ آھي. ”پوءِ ٻُڌ منھنجي آخري خواھش .......آئون توھان جي وائسراءِ سان ھڪ بازي شطرنج کيڏڻ چاھيان ٿو. ٿامسن سندس خواھش ٻُڌي ڄڻ ته وائڙو ٿي ويو ۽ سوچيندي چيائين: تون ھڪ باغي آھين، توتي قانون پڻ اھا ڳالھ ثابت ڪري چڪو آھي، تنھنجي سزا موت تجويز ڪئي ويئي آھي ۽ توکي رحم جي اپيل جو پڻ موقعو فراھم ڪيو ويو پر تو ان کي به ٿُڏي ڇڏيو، ھاڻ ٻارن واريون خواھشون ظاھر پيو ڪرين! شھمير ڪاوڙ ۾: ”پوءِ ڇا توھان جو وائيسراءِ به ٻار ناھي ڇا جيڪو روز پنھنجي درٻار ۾ شطرنج جي بازي لڳائي ٿو ۽ چمچن کي شڪست ڏئي شراب، ڪباب، شباب جون محفلون سجائي ٿو! پر اڄ کيس منھنجو ھي پيغام رسائي ته جي تون واقعي جنگجو آھين ته پوءِ اچ اڄ آزادي جي سپاھي سان مقابلو ڪر، جي تو ۾ ھمت آھي ته کيس ٻُڌائي ڇڏ منھنجي آخري خواھش اھا ئي اٿئي. ٿامسن ڪاوڙ ۾ واپس پنھنجي آفيس ۾ پھتو، سوچڻ لڳو ته ھن قيدي جو جي مون پيغام وائسراءِ تائين نه پھچايو ته اھو قيدي مون کي بُزدل ئي تصور ڪندو. جيڪڏھن انھيءَ منھنجي ڳالھ تي وائسراءِ کي ڪاوڙ اچي ويئي ته پوءِ! آخر ھن انھيءَ سوچ ۾ پنھنجي اسٽاف جي گڏجاڻي ڪئي، جن کيس اھا ئي صلاح ڏني ته جنھن ماڻھو کي توھان ڦاھي ڏيڻ وڃو پيا سو ڪو عام شخص نه آھي. انھيءَ ڪري اھا سندس خواھش وائسراءِ تائين پھچائي وڃي، ان فيصلي کان پوءِ شھمير خان جي آخري خواھش وائيسراءِ تائين پھچائي ويئي. ڪلائيو ھڪ ڦاھيءَ جي قيدي جي عجيب غريب خواھش جو ٻُڌي گھڻي دير تائين ته رڳو ٽھڪ ڏيندو رھيو، پر وري سوچيائين جيڪڏھن ھڪ ڪال ڪوٺڙي ۾ پيل قيدي جي چيلنج کي مون قبول نه ڪيو ته! انگريز حڪومت کي ان جا پنھنجا ئي ماڻھو ۽ خاص ڪري چمچا ڪھڙي نظر سان ڏسندا. اھا ڳالھ لِڪڻ جھڙي نه آھي ڀتين کي به ڪنَ ٿيندا آھن، ھڪ نه ھڪ ڏينھن ظاھر ٿيندي، پاڻ تيار ٿي جيل جي ان ڪوٺڙي سامھون پھتو ۽ شھمير کي پيرن کان وٺي مٿي جي وارن تائين ڏسندي چيائين: ”ڇا تون اسان کي بُزدل سمجھين ٿو! ” ھا جي توھين بھادر قوم ھجو ھا ته اسان سان ويساھ گھاتي ڪري اسان جي ڌرتي تي قبضو نه ڪريو ھا! ”خبردار! پنھنجي زبان کي لغام ڏي، تون اسان جو قيدي آھين حاڪم نه آھين. ” مان قيدي صرف پنھنجي وجود جو آھيان ٻيو ڪنھن جو به نه. ” توکي ايڏي ھمت ڪيئن ٿي جو تون ھڪ وائيسراءِ کي چيلنج ڪرين سو به ھڪ راند لاءِ! ”توھان اسان جي وجود کي ھڪ رانديڪي کان وڌيڪ سمجھيو ڇا آھي! ڪلائيو کيس حقارت جي نظر سان ڏسندي:”جيڪڏھن تون مون کان پنھنجي آخري ٻارڙن جھڙي خواھش ۾ به شڪست کائي وئين ته پوءِ! ”منھنجو ايمان آھي ته شھادت منھنجو انعام آھي، ھارايان يا کٽيان! پر تو وٽ ڪھڙو آسرو آھي! ۽ توھان کي شڪست ڏيڻ منھنجي جيون جي خواھش آھي، پوءِ کڻي اھو جنگ جو ميدان نه صحيح راند جو ئي ھجي. ھاڻ ڪلائيو جي برداشت کان ڳالھ ٻاھر نڪرندي ٿي ويئي، پاڻ ھڪدم حڪم ڏنائين ته ھن ڪال ڪوٺڙي ۾ ئي ٽييبل ڪُرسين جو انتظام ڪيو وڃي، مان اتيءَ ھن کي سبق ڏيندس، ھن کي اھا به خبر پئجي ويندي ته انگريز جو قانون ڇا ھوندو آھي. ھاڻ شھمير جي زندگي جا باقي ڇھ ڪلاڪ بچيا ھئا، سياري جي اھا سرد رات ھئي، ھڪ فاتح قوم جو وائيسراءِ سندس سامھون ھو، انھيءَ کانسواءِ جيلر ۽ ڪجھ انتظاميا پڻ موجود ھئي، پر جاءِ سوڙھي ھئڻ ڪري ھي صرف ٽي فرد ڪوٺڙي ۾ ويھي سگھيا، باقي انتظاميا ڪوٺڙي جي در تي بيٺي رھي، ڪوٺڙي ۾ روشني جو خاص انتظام ڪيو ويو ھو. سنگِ مرمري شطرنج جا مُھرا سندن سامھون ھئا، راند شروع ٿي چڪي ھئي ڪلائيو ڪاميابي ماڻيندو ويو، گڏ سندس مغروري به عروج تي پھچندي ويئي، آخر شھمير کي شڪست ڏئي فخر سان جيلر ۽ انتظاميا ڏانھن ڏسڻ لڳو، جيڪي واه واه جا ڳيچ ڳائي رھيا ھئا. جيلر شھمير ڏانھن ڏٺو ته ھن جي مُنھن تي ڪوبه اھڙو تاثرنه ھو، ڪلائيو جيلر ڏانھن ڏسندي: ”اڃا ھن جي ڦاھي ۾ ڪيترو وقت آھي! ” سر چار ڪلاڪ باقي آھن. ڪلائيو شھمير ڏانھن مزاحيه انداز ۾ ڏسندي: ”مطلب ته اڃا به ھڪ بازي ٿي سگھي ٿي! ڇا خيال اٿئي! شھمير سندس اکين ۾ اکيون وجھندي : ”مان ته ھن ڌرتيءَ لاءِ جان جي بازي لڳائي ويٺو آھيان ۽ تون! ڪلائيو سندس ڳالھ کي نظر انداز ڪندي: ”جيڪڏھن ھي بازي تون کٽي وئين ته مان ۽ جيلر توکي سلوٽ پيش ڪنداسين ۽ تنھنجي موت جي سزا کي معاف ڪرائڻ لاءِ سرڪار کي سفارش ڪئي ويندي. شھمير تي سندس ڳالھ جو ڪو اثر نه ٿيو، پاڻ لاپرواھيءَ ۾ چيائين: تون ڇا ٿو سمجھين جواب ۾ مان به اھا توسان شرط رکندس! ته اھا تنھنجي ڀُل آھي، مونکي جي توکي سلوٽ ڪرڻو ھجي ھا ته مان ھن ڪال ڪوٺڙي ۾ نه ھجان ھان، پر تنھنجي خاص چمچن ۾ شامل ھجان ھان ۽ مونکي ”سر شھمير“ ڪري سڏيو وڃي ھا. ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪلائيو جو رت جوش کائي ويو، ھن برداشت کان ڪم وٺندي سوچيو ته باقي ڪجھ منٽن جو مھمان آھي ڇڏيس. وري ٻي بازي شروع ٿي ويئي پر ھن بازي ۾ ڪلائيو جا شروع ۾ ئي ھٿ پير ٿڌا برف جيئن ٿي ويا. ھن جي وھم گمان ۾ به نه ھو ته شھمير اھڙيون چالون ھلندو، جيڪي ھو سمجھي به نه سگھندو نيٺ شھمير کيس مات ڏني. ھر طرف ماٺ لڳي ويئي، شھمير جو مُنھن ھر جذبي کان خالي ھو، ڪلائيو جو مُنھن ھيڊو ھو، گڏ جيلر جي مُنھن جو به پنو لھي ويو ھو، خاموشي کي ٽوڙيندي ڪلائيو چيو: ”آئون ھڪ انگريز آھيان پنھنجي واعدي ۽ شرط تي قائم آھيان، پر ھن وقت پاڻ برابر ٿي چڪا آھيون، ھڪ بازي تو کٽي آھي ۽ ھڪ مون ھاڻي قانون اھو ٿو چوي ته فائينل ضرور ٿيڻ کپي. ” قانون ته گھڻو ڪجھ چوي ٿو پر ان کي ٻُڌڻ وارا ڪَنَ ۽ سمجھڻ وارو احساس به ته ھجي. جيلر وچ ۾ ٽنگ اڙائيندي: ”جلدي ڪر ھاڻ وقت وڃي ٿورو بچيو اٿئي. وري ھر طرف خاموشي ڇائنجي ويئي، راند وري شروع ٿي جلد ئي پنجن چالن ۾ ختم ٿي ويئي، ڪلائيو کي مات ٿي چڪي ھئي. جيلر پريشان ٿي ويو ھو ته ھاڻ ڇا ٿيندو! ڪلائيو لفظن جي چونڊ ڪندي: ”توکي مبارڪ ھجي تون سوڀ ماڻي چڪو آھين، مان پنھنجي واعدي تي قائم آھيان ۽ سرڪار کي ھاڻ تنھنجي سفارش ڪندس، جيئن تنھنجي سزا موت کان عمر قيد ۾ تبديل ٿي وڃي. جيئن توسان آئينده به شطرنج راند ٿيندي رھي، باقي رھي سلوٽ جي ڳالھ ته اھا ناممڪن آھي ڇو جو تون ھڪ سزا يافته قيدي آھين، اھا ڳالھ جذباتي حدن تائين ته ٺيڪ آھي، پر حقيقت ۾ قانون انھيءَ ڳالھ جي اجازت نٿو ڏيئي ته ھڪ وائيسراءِ ۽ ھڪ جيلر قيدي کي سلوٽ ڪن. شھمير کيس غور سان ڏسندي چيو: ”مان ڪنھن به خوشفھمي ۾ مبتلا نه آھيان، منھنجي جيون جي خواھش پوري ٿي ويئي، مون توکي جنگ جي ميدان ۾ نه صحيح پر ھڪ ڪال ڪوٺڙي جي قيدي جي حيثيت ۾ ئي توکي شڪست ڏيئي ڇڏي، بغير ڪنھن رتو ڇاڻ جي، جيڪڏھن تون پنھنجي وچن کي پاڻي ڏيندي به منھنجي آزادي جو حڪم جاري ڪرين ھان، ته به مون کي اھو قابلِ قبول نه ھجي ھا، ڇو جو غلاميءَ جي زنجيرن ۾ رڳو منھنجو وجود نه پر منھنجي ڌرتي جو ذرو ذرو جڪڙيل آھي. منھنجي خواھش اھا ئي ھجي ھا ته توھين ھتان ھليا وڃون ھن ڌرتي کي ڇڏي، منھنجي ڌرتي ماءُ توھان جي قيد ۾ ھجي ۽ آئون پاڻ کي آزاد سمجھان، اھا ھرگز دانائي نه چئبي، پر ھڪ بيوقوفي آھي،انھيءَ لاءِ مون کي توھان جي ڪنھن به خيرات جي ضرورت ناھي. ڪلائيو:”مطلب ته تون عمر قيد کان وڌيڪ ڦاھي کي ترجيح ڏين ٿو! ”ھا تو دُرست سمجھيو مان غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙجي تڙپي تڙپي دم ڏيڻ نٿو چاھيان. ان جيل جي تاريخ ۾ اھا پھرين ڦاھي ھئي، جنھن ۾ وائيسراءِ پاڻ به موجود ھو، شھمير وڏي شان سان اڳيان ھلندو ٿي ويو ڦاھي گھاٽ ڏانھن ۽ جيل جو عملو ڄڻ ڪنھن مُريد جيان سندس پُٺيان ڇڪبو ٿي ويو، پاڻ مُرڪي جڏھن تختِ دار تي بيٺو ته کيس ڪلائيو ۽ ٿامسن جا مُنھن ڪنھن شڪست کاڌل فوجين کان ھر گز گھٽ نظر نه آيا................ جلاد کيس مُنھن تي ڪارو ڪپڙو چاڙھڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڻ انڪار ڪيائين، ھڪ پل ۾ ليور کي ڇڪيو ويو ۽ ھڪ وجود ھوا ۾ لڏي رھيو ھو، ڪلائيو ۽ ٿامسن جا ھٿ پاڻ سندن حڪم کان ٻاھر نڪري چڪا ھئا ۽ کيس سلامي پيش ڪري رھيا ھئا.