وقت ڪنھن بي لغام گھوڙي جيان روان دوان ھو، گھڙيال تي نظر ڪيم ته رات جو ھڪ ٿي رھيو ھو، ڪاغذ مون کي خاموشي سان ڏسي رھيو ھو ۽ انتظار ڪري رھيو ھو ته خبر ناھي ڪڏھن لفظن جي سُندر مالھا منھنجي وجود تي وکرندي. شايد ڪاغذ جيان لفظن کي به انتظار ھو ته ڪڏھن اسان جي قيد ۾ سُندر خيال ايندا، اڃا انھيءَ سوچ ۾ ھئس ته ھي ٽپ ڏئي اچي سامھون ويھي رھيو ۽ چيائين: ”تون آخر منھنجي ڳالھ ڇو نٿو سمجھين! مون بيزار ٿيندي: ”ھا ھا مون کي خبر آھي تون ھاڻ ڇا چوڻ چاھين ٿو! ھن ٻار جيان مايوس ٿيندي: ”پوءِ ڪيترن ڏينھن کان چوڻ چاھيان ٿو پر تون ٺُپ ٻُڌڻ به ته نٿو چاھين! مون ھن ڏانھن بيزاري ۾ ڏسندي سوچيو ھن مان آّخر ڪڏھن منھنجي جان ڇُٽندي. مونکي ياد آھي ته اھو منھنجو دوست ھڪ قبرستان کان منھنجي پُٺيان لڳو ھو، جڏھن مان ھڪ پاڙي جي ميت سان گڏ رات جو قبرستان ۾ غلطي سان ھڪ سنگِ مرمر جي ٺھيل قبر جي دڪيءَ تي ويھي رھيو ھئس. جڏھن مان رات جو واپس گھر پھتس ۽ پنھنجي ٽنگون ڀڳل پراڻي زماني جي ٽيبل تي ويھي، ڪجھ خيالن کي قلم بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھئس، ته ھي ان وقت ھڪدم منھنجي سامھون ظاھر ٿيو. ھن کي پھريون ڀيرو ڏسي ته مان ڊڄي ويس پر ھن مون ڏانھن شفقت سان ڏسي مُرڪي چيائين: ”گھٻرائڻ جي ضرورت ناھي، مان ھڪ بي چين روح آھيان ۽ مان پاڻ ماڻھن کان ڊڄندو رھيو آھيان، سڄي عمر پنھنجي زال کان پاڙي وارن کان، اديبن کان پر سدائين ساڻن جنگ جوٽيندو رھيو آھيان. ڪڏھن ھار نه مڃي اٿم. اڃا تائين پنھنجي مقصد کي پورو ڪرڻ پُٺيان لڳو اچان، ان ڳالھ جو ثبوت منھنجو تنھنجي سامھون موجود ھئڻ آھي. جڏھن تون منھنجي قبر جي ڀر ۾ ويھي ڪري ڪجھ سوچي رھيو ھئين، مان ان ئي وقت سمجھي ويو ھئس ته تون ڪنھن بيڪار ڪھاڻي جو پلاٽ سوچي رھيو آھين، تون اديب بنجڻ جا خواب ڏسي رھيو آھين پر ياد رک تون فلم اسٽار اديب جھڙو ٿي ويندي پر ھڪ ڪامياب اديب ڪڏھن به نٿو ٿي سگھين. ھاڻ مون کان پڇ ڇو! مون بيزاري ۾ پڇيومانس: ”ڇو! پاڻ منھنجي ٽيبل جي وڌيڪ ويجھو ايندي رازداريءَ ۾ چيائين تو ڪڏھن ”سارتر“ کي پڙھيو آھي! تو ڪڏھن ”روسو“ کي پڙھيو آھي! تو ڪڏھن ”ائلمبرٽ“ کي پڙھيو آھي! تو ڪڏھن ”لوٿر“ کي پڙھيو آھي! مون سندس کي بيزاري ۾ ڏسندي چيو: ”منھنجو انھن سان ڪھڙو تعلق! نه ته منھنجو سماج انھن سان ميل کائي ٿو ۽ نه ئي ڪلچر ته پوءِ منھنجي سوچ انھن جي سوچ سان ڪيئن ميل کائي سگھندي! پاڻ ھٿ مٿي ڪندي چيائين: ”ته بس پوءَ تون به ڪڏھن ڪامياب ٿي نه سگھندي. ” پر ڇو مان ڪامياب ٿي نه سگھندس! ”ڇو ته جنھن ٻوليءَ ۾ تون لکي رھيو آھين، ڪاڳر ڪارا ڪري رھيو آھين انھيءَ کي پڙھي ڪير ٿو! مون کيس نظر اندز ڪندي چيو: ”ڇا توکي خبر ناھي! ته اسان جي ٻوليِ دنيا جي ھڪ شاھوڪار ٻولي آھي. پاڻ ھلڪو ٽھڪ ڏيندي: ”عظيم قديم پڻ آھي، انھيءَ کانسواءِ ھن ۾ ٻين ٻولين جا لفظ پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي سگھ پڻ آھي، صحيح ائين چوڻ چاھين پيو نا! مون ھا ۾ ڪنڌ کي ڌوڻيندي :”پوءِ ھي ٻيا اديب چريا آھن جيڪي ھن ٻوليءَ ۾ لکندا پيا وڃن، ھڪ ٻئي جي پُٺيان ڪتابَ ۽ موئن جي دڙي جي ٻوليءَ کي به پڙھڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن! ھن مونسان تاڙي ملائيندي چيو: ”اھا ئي عجب جھڙي ڳالھ اٿئي جو موئن جي دڙي جي ٻولي ھو پاڻ ئي پڙھي سگھن ٿا، پر اسان کي اڄ تائين سمجھائڻ ۾ ناڪام رھيا آھن! موئن جي دڙي جي ڪھڙي ٻولي ھئي اھا ڳالھ ته ڪير به نٿو ڄاڻي، فقط سڀ اندازا لڳائڻ ۾ پورا آھن. اسان وٽ موئن جي دڙي جو خط ته موجود آھي پر ٻوليءَ جي ڪا خبر چار نه آھي، سمجھ ۾ ڳالھ آئي توکي يا کولي ٻُڌيائين! مطلب جئين تون انگريزي الفابيٽ ۾ رومن انگريزي چئي ڪري، پيغام وري پنھنجي ٻوليءَ ۾ دٻيندو آھين. يعني ته ٻولي تنھنجي خط ٻين جو اھو ئي چڪر موئن جي دڙي واري خط سان پڻ آھي. ان جي پُٺيان ڪھڙي ٻولي ڪتب آندل آھي تنھن جي نه خبر نه چار! انھيءَ ڪري ڪن پڙھيل لکيل ماڻھن جي وچ ۾ ويھين ته انھيءَ ڳالھ جو خاص ڌيان رکجائين ته موئن جي دڙي وارو خط چئجان ٻولي نه سمجھئي. مون ڪُرسيءَ کي آرام خاطر پُٺتي ٻن ٽنگن تي بيھارئيندي چيومانس: تون آخر پنھنجي ٻوليءَ جو پاڻ دُشمن ڇو ٿي پيو آھين! ھن منھنجي ڳالھ کي فُل اسٽاپ ڏيندي چيو: ”يار تون انگريزي ٻوليءَ ۾ ڇو نٿو لکين! مون بيزار ٿيندي چيومانس: ”تون منھنجي پُٺيان رَتَ پياڪ جيان راڳ پيو آلاپين ته انگريزي ۾ ڇو نٿو لکين! تون پاڻ ٻُڌائي تو گھڻا انھيءَ ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکيا آھن! ان کانسواءِ تو ھن ٻوليءَ تي ھيل تائين ڪھڙي تحقيق ڪئي آھي! تو وٽ تنقيد کان سواءِ ٻي ڪا ڳالھ به آھي! انگريز پاڻ ته ھليا ويا پر توکي ھتي اسان لاءِ ڇو ڇڏي ويا! تون انھن جو به ته وفادار نه آھين، جي ھجين ھا ته انھن جي شان ۾ ئي ٻه ٽي لفظ لکي ڇڏين ھا! چڱو بس ڪر گاريون نه ڏيائين، مونکي ڪاوڙ نه ڏيار. مون کِلندي چيومانس: ”يار انگريزي ۾ گاريون ڏجان، ڇو جو تنهنجي چوڻ مطابق سنڌي ٻولي نامڪمل آھي! ڏٺم ته سندس مُنھن ٺُپ ھيڊو ٿي ويو. مون موضوع کي ٻيو رُخ ڏيندي چيو: ”اھي قومون جيڪي گھڻو وقت ڌارين جي حڪمراني ھيٺ جيون گھارين ٿيون، انھن جي ٻولي تي حڪمران قوم جي ٻوليءَ جو اثر ضرور ٿئي ٿو ۽ اسانجي مٿان ته ھميشه کان ڌارين قومن جي يلغار رھي آھي، عربي، فارسي، انگريزي ٻولين جو اسان جي ٻولي تي انھي ڪري گھڻو اثر آھي، جو ھنن صدين تائين اسان جي مٿان حڪمراني ڪئي انھيءَ لاءِ ھنن جي غلامي مان نڪرڻ لاءِ به اسان کي ڪجھ ته وقت لڳندو. ھن بيزار ٿيندي چيو: ” اڙي ..... ھاڻ بڪ بند ڪر، منھنجي به ٻُڌندي يا رڳو پنھنجي ٻُڌائيندي! آئون توکي پنھنجي آتم ڪھاڻي ٻُڌائڻ چاھيان ٿو پر تون آھين جو پاڻ کي وڏو دانشور پيو سمجھين! ھاڻ ٻُڌ غور سان مان ھڪ بي چين روح نه پر ھڪ جِنڙو آھيان. مون ھڪدم سندس ڳالھ ڪٽيِءَ : ”يار ڏس اھا بي ايماني آھي تو پھرين چيو ھو ته تون ھڪ بي چين روح آھين!ھاڻ چوين ٿو ته تون جِنڙو آھين! ھن جذباتي ٿيندي چيو: ”اڙي ڀوڪ بصر! تڏھن ته رڙيون پيو ڪريان ته منھنجي ڳالھ پوري ٻُڌ پوءِ بڪ بڪ ڪجان. ”ٺيڪ آھي ٻُڌاءِ پر وري ٺڳي نه ڪجان! ھن پنھنجي جيون ڪھاڻي وري ٻُڌائيڻ شروع ڪئي. ”جڏھن جوان ٿيس ته مائٽن مون کي پھرين نصيحت اھا ئي ڪئي ھئي ته مھرباني ڪري انسانن ڏانھن رُخ نه ڪجان پر مان جواني جي نشي ۾ سڀ ڪجھ وساري ويٺس ۽ انسانن ۾ گھڙي پيس. جتي مان ھڪ ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيس پر ھاڻ مسئلو اھو ھو ته آئون ھڪ جِنڙو ۽ ھوءَ آدم زادي ھئي! اسان جو ملڻ ناممڪن ھو، انھيءَ جو حل مون ان ڇوڪريءَ جي محلي ۾ رھڻ واري ڪليم کي ڳولھي ورتو، جيڪو پڻ ھن تي عاشق ھو پوءِ ته اصل دير نه ڪيم، ھن جي جسم ۾ حلول ڪري ھليو ويس، اھڙو ته ان ڇوڪريءَ جي پُٺيان مست ڪيومانس جو ڳالھ وڃي شادي تائين پُھتي. منھنجو به اصل ۾ مقصد اھوئي ھو آخر مون پنھنجي منزل ماڻي ۽ نيرون ڪوٽ به فتح ڪري ورتم ڏاڍو خوش ٿيس. پريشاني مون کي ان ڏينھن کان شروع ٿي، جڏھن ٽنھي ٻولين جوھڪ ھنڌ گڏجڻ ٿيو، مطلب ته منھنجي ٻولي الڳ ڪليم جي الڳ ۽ ان ڇوڪريءَ جي الڳ ڄڻ ھڪ جاءِ تي ٽي قومون گڏجي پيون ۽ ھڪ عجيب ڄڻ ڊش ٺھي پئي. ھاڻ مان پريشان ٿي پيس ته آخر ڇا ڪجي، پوءِ مون مُرڳو انگريزي ٻولي کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي، لکندو سنڌي ۾ رھئس پر ڳيچ ان ۾ انگريزيءَ جا ڳائيندو رھئس، جيئن ڪليم به مون مان خوش رھي ۽ ھوءَ به. سنڌي ٻوليءَ جي خلاف به ڳالھائيندو رھئس گڏ ويچارن سنڌي اديبن کي به ڏاڍو تنگ ڪيم، انھن لاءِ ائين بڻجي پيس ڄڻ چڻنگ پر اھا منھنجي طبيعت نه ھئي، ڪليم جو مون تي گھڻو اثر ٿي ويو پر جُٺ مونسان تڏھن ٿي، جڏھن ھو بيمار ٿي پيو ۽ ان ڇوڪري کي شڪ پيو ته ھن جي مُڙس تي ڪو تعويذ پيو ڪري، اھڙيءَ طرح عامل سڳورن تائين به ڪليم جي رسائي ٿي. جن کيس ٻُڌايو ته توتي جن جو اثر آھي ۽ انھن کي پنھنجي به لالچ لڳي ته مونکي ھٿ ڪري پنھنجو غلام ٺاھين، پر ان کان اڳ جو ھو ڪامياب ٿين ھا ڪليم کڻي دم ڏنو. بيمار ته اڳ ۾ ھو پر آئون ته سندس جسم ۾ زنده ھئس، مون کي ڪا جاءِ نه پئي سُجھي جو ھن جي بدن مان آزاد ٿي سگھان. نيٺ ھن سان گڏ مون کي به مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيائون، منھنجو دم به ڪليم سان گڏ قبر ۾ ٻُوساٽجي ويو، ھاڻ مان پاڻ پنھنجي شناخت کان به ويس، روز سوچان پڄران ۽ لڇان ٿو ته روح مان پنھنجي جسم جو آھيان يا ڪليم جي جسم جو! خير جيئن به آھيان، اھا پڪ اٿم ته ھاڻ مان ھڪ جِنڙو نه پر ھڪ بيچين روح ضرور آھيان. عادتون به ڪجھ ڪجھ اڃا ساڳيون ڪليم جھڙيون اٿم، مائٽن جو چيو نه مڃيم، پنھنجن جو قدر نه ڪيم، ھاڻ لوڙيان پيو. ھاڻي مان ھلان ٿو پر اھا ڳالھ ياد رکجان ته منھنجي ڪھاڻي لکين ته انگريزي ۾ لکجان نه ته مان وري سنڌيءَ ۾ گاريون ٺوڪي ويندو سانءِ، لکين ته تنھنجي مرضي نه لکين ته وڃي ڌوڙ پاءِ.
جواب: گُستاخي معاف ادا حاڪم توهان جي هر ُند بهترين هوندي آهي ادا توهان ڇا ڪندا آهيو مون کي ته لڳي ٿو ته توهان ڪي ليکڪ اهيو
جواب: گُستاخي معاف سنڌي ڪتاب ڊاٽ نيٽ تي موجود ڪتاب فرشتن جي دنيا تان ورتل گستاخي معاف ڪهاڻي محترم شهاب سومرو جي بهترين ليکن مان هڪ آهي۔۔۔ ادا حاڪم گستاخي معاف۔۔۔! آئنده توهان جي طرفان ايندڙ هر ان موضوع کي ختم ڪيو ويندو جنهن ۾ توهان ليکڪ جو نالو يا سائيٽ جو حوالو نه ڏنو۔۔۔۔ ڇو ته اهو سنڌ سلامت فورم جي قانونن خلاف آهي۔۔۔