مات ٿياسين تون ۽ مان شهاب سومرو يار جانب وقت ته ڪيئن نه ھوا وانگر اُڏامندو پيو وڃي! توکي ياد آھي جڏھن کان پاڻ ھوش سنڀاليو آھي، تڏھن کان پاڻ ھر سال گڏ ھن ميلي تي ايندا رھيا آھيون ۽ وچن ڪر ته جيترو جيون باقي بچيو آھي، پاڻ ھن ميلي تي گڏ حاضري ڏيندا رھنداسين. جانب بس جي دريءَ کان ٻاھر گذرندڙ منظر کي پنھنجي اکين ۾ سمائيندي : ”يار پنھون حياتي بخير، اھڙيون وايون نه ڪڍ انشا الله ھر سال پاڻ ائين ئي حاضري ڀريندا رھنداسين، اڃا ته مس جوڀن ۾ قدم رکيو اٿئون، ته ھينئر ئي اھڙيون وايون پيو ڪڍين بس خير گُھر. ”ھا يار چوين ته سچ ٿو پر حياتي جو ڪھڙو ڀروسو اڄ آھيون سُڀاڻي شايد نه ھجون، دنيا دم گُذر آھي پر ماڻھن کي ته انھيءَ ڳالھ جو احساس به نه آھي، مون کي ته حيرت آھي ھو ايڏو سارو وقت نفرت جي حوالي ڪريو ڇڏين، جڏھن ته جيون جا ته ڏينھن مڙئي ڏون آھن. ”ھائو يار جانب پنھنجي خاندان ۾ ئي ڏس ڄڻ رَت رَت کي باھ لڳي پئي آھي، ڪڏھن ھنن کي عقل ايندو ڪڏھن ھي ھڪ ٿيندا! ھڪڙي ابي ڏاڏي جو رت آھي پر لڳي ئي نٿو ته پاڻ ۾ مائٽ آھن. ماڻھو ته خون بخش ڪري ڇڏيندا آھن، الله خير ڪري پاڻ وٽ ته اھا ڳالھ به نه آھي. ”يار پنھون سچي ڳالھ ڪريان ته وڏن کان ننڍن جو اڄ ڪلھ دماغ وڌيڪ خراب آھي، پاڻ کي خبر ناھي ڇا پيا سمجھن. بس ھوا ۾ پيا اُڏامن، وڏن سان آڱريون کڻي ٿا ڳالھين، وري عجيب ڳالھ معافيون به وڏا پيا گُھرن پر انھن تي ڪو فرق ئي نٿو پوي. سُڀاڻي جيڪر نه وڏا پاڻ ۾ پرچي پيا ته ننڍن جي مُنھن ۾ رھندو ڇا! ”يار پر وري ڪٿي ننڍن جا وڏا به ترجمان بڻجي پيا آھن، ننڍو چوي نه چوي وڏو سندس ترجمان بڻجي ڪوڙ ڳالھائيندو ته منھنجي سڪيلڌي ھيئن ٿي چيو فلاڻ ٿي چيو بس ڪوڙ تي سَندرو ٻڌو اٿن بس الله ھدايت ڪندن. اڃا پاڻ پنھنجن سُورن سَلڻ ۾ پورا ھئا، ته بس بيٺي ۽ پوليس جا چڱا مُڙس چڙھيا، ھر ھڪ مسافر کي غور سان ٿي جانچي ڏٺائون، آخر ھنن تائين به پُھتا، ھنن کان شناختي ڪارڊ جي گُھر ڪيائون، ٻنھي پنھنجا ڪارڊ ڪڍي ڏيکاريا. پوليس واري جانب کي غور سان ڏٺو کيس بس مان لھڻ جو نادري حڪم ڏنائين، پاڻ ماٺ ۾ بس کان ھيٺ لھي ويو. ٻاھر ڏٺائين ته ڪجھ ٻيا پوليس جا عملدار به موجود ھئا ۽ کانئس ورائي ورائي پڇيائون ته تون ئي ”جانب“ آھين ۽ تنھنجي پيءُ جو نالو جُڙيو آھي! پاڻ ھا ۾ ڪنڌ کي لوڏيائين. ”ٻيو تو سان گڏ ڪير آھي! ھن ٻُڌائين ته منھنجو مائٽ مون سان گڏ آھي. ھنن مان ھڪ چـڱي مُڙس، پوليس واري کي اِشارو ڪيو ته ھُن کي به بس مان لاھيو ۽ گاڏي کي روانو ڪريو پنھنجو مشن پورو ٿيو، ھنن کي موبائيل ۾ ويھاريو. پنھون کي به بس مان لاٿو ويو. ھاڻ پوليس جي گاڏي ٻي ڪنھن طرف روان دوان ھئي، انھيءَ دوران جانب گھڻا ئي ڀيرا پڇيو ته توھان اسان ٻنھيءَ کي ڇو ٻَڌو آھي پر کين ڪو به تسلي بخش جواب نه مليو. اڌ ڪلاڪ تائين پوليس جي گاڏي مسلسل ھلندي رھي، ان کانپوءِ ٿاڻي تي پھتي، ٻنھي کي لاڪپ ڪيو ويو. پوليس جي پنھنجي فونن تي خفيا گفتگو جاري رھي، نيٺ ڪنھن انجام تي پھتا، اھڙيءَ طرح وري کين لاڪپ مان ڪڍيو ويو، انھيءَ دوران رات ٿي چڪي ھئي، وري کين ٻي موبائيل ۾ چاڙھيو ويو. جانب پنھون ڏانھن حيرت سان ڏسي رھيو ھو ۽ پنھون کيس، ٻنھي کي ڳالھ سمجھ ۾ نٿي آئي ته آخر ھنن ڏوھ ڪھڙو ڪيو آھي! نيٺ وري کين ھڪ ھنڌ موبائيل مان لاٿو ويو ۽ ھڪ ڪاموري آڏو پيش ڪيو ويو. جنھن کين ڏسندي شرط چيو: ”اڙي ڪيترا ڏينھن اسان کان ڀڄندا وتندا! آخر ته اسان جي ھٿن ۾ ايندا. جانب غور سان ڏسندي: ”صاحب توھان جو مطلب ڇا آھي! ”چُپ ڪر ڌاڙيلَ .....................ڌاڙيل جا پُٽ......... مطلب ٿو پڇين! توکي اھا خبر به آھي تنھنجي سر جي قيمت سرڪار گھڻي رکي آھي! ” جانب ڪنھن معصوم ٻار جيان نه سمجھندي: ”صاحب توھين ڇا پيا چئو! آئون ڌاڙيل آھيان! ” ھا تون جانب ڌاڙيل آھين، جنھن جي گھڻي وقت کان اسان کي ڳولھا ھئي. پنھون خاموشي سان ٻارن جيان فقط ڏسي رھيو ھو، کيس ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نٿي آئي ته ڌاڙيل ڪير آھي! ھو پاڻ آھن يا ڪُرسيءَ تي ويٺل ڪامورو! جيڪو مُنھن مھانڊي ۾ ڪنھن ڌاڙيل کان گھٽ نظر نه ٿي آيو. ” ھاڻ توکي اھو مڃڻو ئي پوندو ته تون جانب ولد جُڙيو ڌاڙيل آھين ۽ ھيءَ تنھنجو ساٿاري آھي. ”صاحب اسين غريب مسڪين ھاري آھيون، مان قسم کڻان ٿو اسين ڌاڙيل نه آھيون. ”اڙي ھاريءَ جا پُٽ جيئن آئون توکي چوان ٿو، تيئن منھنجي ھا ۾ ھا ملائي.................. نه ته توکي شايد خبر ناھي اسين جنّ کي به مڃائي سگھون ٿا. ”پر صاحب آئون جڏھن چوان پيو ته ............... ”اڙي وٺي وڃونس ۽ قبول ڪرايوس ته ھي پاڻ جانب ڌاڙيل آھي. فون جي گھنٽي رڙيون ڪرڻ لڳي، ڪاموري ڪاوڙ ۾ فون کڻندي پنھنجي اسٽاف کي اکين اکين ۾ اشارو ڪيو، جيڪي ٻنھي کي گھڙي پل ۾ اندر ٻي ڪوٺڙي ۾ وٺي ويا ۽ ٿوري دير کان پوءِ ھڪ عوام جو محافظ واپس ڪاموري وٽ آيو، وري سندن وچ ۾ ڀُڻ ڀُڻ ٿي ۽ پوءِ وري ٻنھيءَ کي موبائيل ۾ ويھاريو ويو. ڪجھ مفاصلي تي گاڏي بيٺي رات جي پھر ۾ فضا سڄي فائرنگ جي گجگوڙ سان ڏڪي ويئي. وري شانت ٿي ويئي فقط ھاڻ ايمبولنس جي آواز سوڳ واري ماحول کي وڌيڪ بي چين ڪري رھيو ھو. صبح جي اخبار جانب ڌاڙيل جي ھٿن ۾ ھئي ۽ ھو ٽھڪ ھڻي رھيو ھو، گڏ سندس ساٿي به وڏا ٽھڪ ڏيئي رھيا ھئا. جانب پنھنجي ساٿين ڏانھن ڏسندي چيو: ”يارو رات پاڻ سان فورس ايڏي بھادري سان مقابلو ڪيو ۽ پاڻ کي خبر به نه آھي! وري سڄي فضا ٽھڪڙن سان گونجي ويئي. اھا خبر جانب ۽ پنھون جي ڳوٺ تائين به رِڙھندي رِڙھندي وڃي پھتي جتي ڪالھ سندس جيئري رنجشون ھيون اڄ اھو خاندان ھڪ ھو، سندس امڙ پنھنجي جِگر جو مڙھ وٺڻ لاءِ شھر جو رُخ ڪيو اسپتال پھتي، جتي کيس اھو چيو ويو ته مائٽ ھاڻ لکي ڏين، ته جانب واقعي ڌاڙيل ھو، نه ته مڙھ نه ڏنو ويندو. ”صاحب منھنجو جگر ڌاڙيل نه ھو خدا کي مڃو مون کي منھنجي مٺڙي پُٽ جو فقط مُنھن ڏيکاريو....... دل کي ڏاريندڙ رڙيون ھيون، پر ڪو انسان ھو جو ھنن احساسن کي محسوس ڪري سگھي. سوين دلين مان ھڪ دل کي ماءُ جي رڙين ڏاري وڌو، جنھن وچ ۾ پئي ڪري ھڪ ماءُ کي ان جي جِگر جو ٽُڪر واپس لاش جي صورت ۾ وٺرائي ڏنو. جانب جي جيون جو سفر ماءُ جي ھنجھ کان مٽيءِ ماءُ جي ھنجھ تائين پورو ٿيو. پنھون اڃا قيد ۾ ھو جنھن کي سبق پڪو ڪرايو ويو ٿي، کيس ڪچو پھريون ته ھنن پڙھائي ڇڏيو پر جيستائين پڪو پھريون پڙھائڻ شروع ڪيو، ته انھيءَ دوران سندس مائٽن ۽ سماجي ڪارڪن ميڊيا ان معاملي کي کنيو ۽ سچ نيٺ پڌرو ٿيو. ڪامورو ٻِلن، انعامن سميت گرفتار ٿيو پر کيس ٻِلا، انعام ڏيڻ وارا مُنھن لِڪائڻ ۾ پورا ھئا. پنھون آزاد ٿيڻ کانپوءِ به مايوسيءَ جو شڪار ھو ھڪ طرف يار جي وڇوڙي جو ڏُک قيد بند جون صحبتون ٻي طرف ٻار ٻچا، ته ٽين طرف ڌمڪيون، ڪڏھن ڪڏھن بيزار ٿي سوچيندو ھو ته ڪاش مونکي به موت ملي ھا ته بھتر ھو. پاڻ مجبور ٿي چڪو ھو ته ڪھڙي طرف وڃي، سڄو معاشرو ڄڻ ھاڻي کيس ڪنھن مانگر مڇ کان گھٽ نظر نٿي آيو ويندي سندس مائٽ به ڏوڪڙن جي لالچ ۾ اچي ويا ھئا. ڇو جو پنھنجي پَٽَي ڀائي کي بچائڻ لاءِ گھڻيون قوتون حرڪت ۾ اچي ويون ھيون، پر وري سندن ئي پَٽي ڀائين جي ٻئي گروپ حقيقي جانب ڌاڙيل کي انھي دوران ماري وڌو، ته به ڏُکن ماريل امڙ کي ته سندس جانب موٽي نه مليو! جيئن جانب کي رات جي پيٽ ۾ موت جي ننڊ سھماريو ويو، اھڙي طرح اھو واقعو به رات جي پيٽ ۾ ھليو ويو. نئون سال نئون ڏينھن، نوان حڪمران ۽ صبح جي تازي اخبار سالن کان بدنام ڏُوھاري رات جي پيٽ ۾ مقابلي ۾ مارجي ويو، جتي ڪٿي واه واه ٿي ويئي. ان جي باوجود اھو ڏوھاري جيڪو دھشت جي علامت ھو تنھن جي جنازي نماز ۾ ھزارين ماڻھو شريڪ ھئا! جنھن جي مڙده يا زنده گرفتاري تي لکين رُپين جو انعام رکيل ھو. ساڳيو ڪامورو وردي ۾ ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي: ”اسان کي اطلاع ملي ته ھڪ گاڏي ۾ اھو بدنام ڏوھاري شھر جي طرف اچي رھيو آھي وڏي مقابلي کان پوءِ کيس ماري مات ڪيوسين. ميڊيا به ساڳيو ھو اُھي سماجي ڪارڪن به ساڳيا ھئا، قانون به ساڳيو ھو، ھڪ ڏوھاري جي جنازي ۾ سماجي ڪارڪن صحافي ھزارين عام ماڻھو به ھئا. اھڙا ماڻھو به ھئا جيڪي ان ڏوھاري جي نالي چئي رھيا ھئا ته: ”ھو شھيد آھي ڪو به ان کي ڊڪيت نه چوي ڇو جو ھڪ ٻه سال ٿيا ھوندا ته ھو بلڪل شريف ماڻھو ٿي ويو ھو ھاڻ اسين سندس مشن کي جاري رکنداسين. ڪي عورتون جيڪي شايد بيواه ھيون روئي رھيون ھيون ۽ چئي رھيون ھيون ”جھڙو به ھو ڏوھاري ھو ته به ھن جي ڪري اسان جي ٻچن کي ٽن وقتن جي ماني ته ملي ٿي. اسين نٿيون ڄاڻيون ته ھن اُھي ڏوڪڙ ڪيئن ڪٿان ٿي آندا بس اسان جي گھر جي چُلھ ھن جي ڪري ٻري ٿي. ڪي ماڻھو جذبات م چئي رھيا ھئا : ”اھو جعلي مقابلو ھو اسين فلاڻي کي اپيل ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي اسين ڪورٽ وينداسين نه ڇڏينداسين انھن ماڻھن کي جن اسان جي قائد کي قتل ڪيو. اڄ وري اھو ساڳيو ڪامورو ھڪ اصل ڊڪيت کي ماري به پريشان ھو! انھن سڀني ڳالھين جي باوجود اڄ جانب جي ماءُ ۽ مائٽ ڇا سوچي رھيا ھئا، ڪا خبر نه آھي! ڇو جو ڪالھ جڏھن ھن جي امڙ فقط پنھنجي جِگر جي ٽُڪر جو مڙھ وٺڻ لاءِ دانھون ٿي ڪيون ته ان کي اھو ٿي چيو ويو ته لکي ڏي ته تنھنجو پُٽ ڌاڙيل ھو............................. رياست ڪالھ به بي اولاد ھئي، جو ھڪ ماءُ جون دانھون نه ٻُڌي سگھي اڄ به سندس ڪڇ خالي ھو! ” ھا اڄ فقط پري ڪٿان پولاَر مان ھلڪا ھلڪا سُڏڪا ٻُڌڻ ۾ آيا ٿي، جيڪا دل درد، احساس رکندي ھوندي ته اُھو آواز ۽ اھي جانب ھاريءَ جا چيل لفظ ضرور ٻڌندي ھوندي: ”ڇو اڄ وري ڪنڌ جُھڪائي بيٺي آھي رياست! کٽي وري به ويئي شيطانيت، اڄ ٻيھر مات ٿياسين فقط تون ۽ مان......!