وساريل واٽون شهاب سومرو بابا ٻڪرو وٺي ڏيندي نا! سُمير پنھنجي پيءُ جي ڀر ۾ ويھندي لاڏ سان چيو پر نويد سندس ڳالھ ڏانھن ڌيان نه ڏنو، ڇو جو ھو ان مھل بلقيس سان ڳالھائڻ ۾ مصروف ھو. ”اُف بلقيس تون سمجھين ڇو نٿي پاڻ وٽ ھن وقت ايترو بئلنس نه آھي جو قُرباني ڪري سگھون ۽ مٿان قرض پڻ آھي، توکي اھا پڻ ڄاڻ ھوندي ته قرض وارن تي قُرباني معاف آھي. ”ھا ڊيئر مان ڄاڻان ٿي پر ماڻھو ڇا چوندا! ته ڪنگلا ٿي ويا آھن ۽ مائٽ ته ڇني ماريندا ته ٻڪرو ھن عيد تي نه ورتو اَٿو، خير ته آھي ۽ پاڙي واريون الڳ رت پي وينديون، پوءِ جواب ته مون کي ڏيڻو پوندو نا. نويد ٽھڪ ڏيندي: ”مان ڪڏھن سوچيندو آھيان ته قُرباني ھاڻ صرف ھڪ فيشن طور ئي رھجي ويئي آھي، تون پاڻ ٻُڌائي جنھن علائقي ۾ پاڻ ھن وقت رھون پيا، ھت ڪو غريب رھي ٿو! جنھن سڄو سال گوشت کاڌو ئي نه ھجي! ھرڪو ھتي سرندي وارو مڇي مانيءَ وارو آھي. پاڻ ڪڏھن پنھنجي مائٽن کي انھن ڏينھن ۾ ياد ڪيو آھي! نه ڇو جو ھو قرباني نٿا ڪن، غريب آھن موٽ ۾ اسان کي گوشت نٿو ملي، جڏھن ته ڪڏھن پاڻ به غريب جا ٻار ھئاسين پر پاڻ اھا ڳالھ وساري ويٺا آھيون. ”چڱو چڱو بس غريب جا ٻارَ! مون کي خبر آھي عيد کان پوءِ تون ھڪ ڌڪ ۾ ٻڪري جا ڏوڪڙ ڪنھن پارٽيءَ کي ٻڪرو ٺاھي ڪڍي وٺندي ۽ قرض کڻڻ به ھاڻ ڄڻ تنھنجي عادت بڻجي ويئي آھي. مان ڄاڻان ٿي ايترو پاڻ وٽ بئنڪ بئلنس موجود آھي، جي تون نوڪري ڇڏي ڏين تڏھن به پاڻ زندگي آرام سان گذاري سگھون ٿا پر توکي ڏوڪڙَ گڏ ڪرڻ جو به ڏاڍو شوق آھي. سُمير ھاڻ بيزار ٿي پيو ھو، پنھنجي والدين جي گفتگو مان سو نويد جي ڀر مان اُٿي مٿو کنندي: ”بابا مون کي لڳي ٿو توھان ٻڪر وٺڻ ڪونه ھلندا ۽ رڳو بحث ڪندا رھندا. نويد اُٿندي: ”چڱو ھاڻ بڪواس نه ڪر ھلون ٿا، مان ڪپڙا مٽائي وٺان مون کي تون ائين جيئڻ نه ڏيندي نه ئي ماڻھين جيئڻ ڏيندي، جيستائين ٻڪر جي رڙ نه ٻُڌندي ھن کي به سُک نه ايندو، ھل تيار ٿي ته ھلون ٿا. نيٺ ٻئي پيءُ پُٽ ٻڪرا پِڙي پھتا پر نويد کي ڪو ٻڪر پسند نه ٿي آيو، ڳولھي ڳولھي آخر ھڪ ٻڪر ھن کي وڻيو، جنھن جو مالڪ ھڪ جوڳي ھو، جيڪو چَپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪندي گانو به جھونگاري رھيو ھو: ”جوڳي ٿي مان مُرليون وڄايان ڳوليان پنھنجي پُنھل کي“. نويد مُرڪندي: ”ميان جوڳي ڪھڙو پُنھل پيو ڳولھين! جوڳي شرمائيندي: ”صاحب مڙئي پيو گانو ڳائي دل وندرايان صبح کان بيٺو آھيان پر ڪو گراھڪ ئي نه پيو لڳي، جنھن کي قيمت ٻڪر جي ٻُڌايان ٿو ته اصل ٺريو وڃي. ”گھڻو ٿو گُھرين ھن ٻڪر جو! ”صاحب صرف چاليھ ھزار. ”ڇا چاليھ ھزار سي به صرف! ”منھنجي محنت به ته ڏسو ھن ٻڪر تي اصل ريمبو لڳو پيو آھي، ٻچڙو وٺي تاتيو اٿم دل ته نٿي چوي پر مجبوري ھت کڻي آئي اٿم. ”پر چاليھ ھزار ته تون گھڻا ٿو گُھرين، ڪجھ گھٽ ڪر. ”پوءِ ڀلا پنج ھزار کڻي گھٽ ئي ڏيو. سُمير پڻس جي قميص ڇڪيندي: ”بابا مان وٺندس ته اھو ريمبو ٻڪر وٺندس. نويد بيزار ٿيندي: ”چڱو ادا جوڳي جيئن تنھنجي مرضي . پاڻ کيسي مان پرس ڪڍي پورا پنجٽيھ ھزار ڳڻي ھٿ تي رکيائينس ۽ ٻڪر جي رسي ھٿ مان ورتائينس، جئين ٻڪر کي ڇڪيائين ته ٻڪر ھلڻ جي نه ڪري. جوڳي اڳتي وڌي ٻڪر جي پُٺن تي ھٿ ڦريندي چيو: ”سائين ھڪ تڪليف ٻي توھان کي ڪرڻي پوندي، توھان کي ھڪ گانو جھونگارڻو پوندو ڇو جو ھي ھڪ گاني تي ھريل آھي ۽ ان کي پسند ڪندو آھي پوءِ ضد نه ڪندو آھي. ”ڇا! ٻڪر به گانا ٻڌندا آھن ڇا! ”سائين مون توھان کي ٻڌايو نا ته مون ھي ٻچڙو وٺي تاتيو آھي مان ھر وقت پيو گانو جھونگاريندو آھيان، سو مون محسوس ڪيو ته گانو ھن کي به وڻندو آھي. نويد بيزاري ۾: ”چڱو چڱو ٻڌاءِ ڪھڙو گانو! جوڳي گلو صاف ڪندي: ”جوڳي ٿي مان مُرليون وڄايان ڳوليان پنھنجي پُنھل کي“. نويد محسوس ڪيو ته ٻڪر انھيءَ گاني ٻڌڻ شرط ڄڻ ڇَتو ٿي پيو، رسي ٽوڙي اصل جوڳي ڏي ٿي ڀڳو، پاڻ به بي سُري آواز ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين ڏٺائين ته ٻڪر ساڻس گڏ گڏ ھلڻ شروع ڪيو اھڙي ريت ڪنھن وقت پاڻ ٿي گانو ڳايائين، ڪنھن وقت سُمير نيٺ ٻڪر وٺي اچي گھر پھتا. نويد جو گلو ويھي ويو ھو گانو ڳائي ڳائي پاڻ گھڻو ٿڪجي پيو ھو. بلقيس خوشي ۾ ڊوڙندي آئي: ”ڪاٿي آھي منھنجو ٻڪر مان به ته ڏسان ڪھڙي رنگ روپ جو آھي! نويد بيزاري ۾: ”ڪلاڪار ٻڪر اٿئي گھٽ نه اٿئي ۽ نڀاڳي جو نالو اٿئي ريمبو ٻيو ڪجھ! ”ڇا ٿيو اٿئي چڪ پيو ھڻين مون تي ڪو احسان ڪيو اٿئي ڇا! ثواب به توکي ملندو. ”ثواب مون کي ڌوڙ ملندو، جڏھن تون مٽا سٽا ڪنديءَ گوشت جي ۽ پنھنجو ڊيفريزر ڀري ڇڏيندينءِ. ”جي ائين نه ڪنديس ته ڪنھن کي خبر پوندي ته اسان قُرباني ڪئي آھي! آخر دنيا کي به ته مُنھن ڏيڻو آھي، سمجھين ڇو نٿو ٻار آھين ڇا انھيءَ ۾ به تنھنجي عزت آھي. ”ھا مائي ھا مٿو نه چٽ تنھنجو مطلب ته غريبن لاءِ ٻڪر جو آواز ئي ڪافي آھي ائين نا! بلقيس ڦڪي ٿيندي: ”مون ته ائين نه چيو، جي ايترو ئي غريبن جو خيال اٿئي ته پوءِ ٻه ٻڪر ڇو نٿو وٺي اچين، ھڪ خاص ماڻھن لاءِ ٻيو عام ماڻھن لاءِ! نويد ڳالھ مٽائيندي: ”چڱو ھاڻ وڃي پنھنجو سڪيلڌو ٻڪر ڏس ۽ سُمير کي به اندر سڏ ڪر. بلقيس ڪاوڙ ۾ تڪڙي تڪڙي سندس ڪمري مان نڪري ويئي ۽ وري ٿوري دير کان پوءِ تڪڙي واپس آئي، سندس مُنھن ھيڊو لڳو پيو ھو سھڪندي: ”نويد سُمير خبر ناھي ٻڪرو کڻي ڪھڙي پاسي نڪري ويو اُٿ ڏسي اچ ڪٿي آھي. نويد بي پرواھي ۾: ”ڪيڏانھن ويندو اتيءَ ھوندو گھٽين ۾ يا پنھنجن دوستن کي ٻڪر ڏيکارڻ ويو ھوندو، ٻيو ڪيڏانھن ويندو پريشان نه ٿي اجھو ٿو اچي. ”پر تون وڃي ڏس ته، ايتري دير ٻاھر رھندو ناھي دوست به سندس ڪھڙا پري آھن. نويد آخر بيزار ٿي ٻاھر نڪتو ھيڏانھن ھوڏانھن گھٽين ۾ ھڪ ڪلاڪ تائين ڳوليندو رھيو پر سُمير جو ڪو ڏس پتو کيس نه مليو، سندس دوستن کان به پڇا ڪيائين پر ڪا خبر نه پئجي سگھيس وري سوچيائين شايد ھاڻ گھر پھچي ويو ھوندو، پاڻ سڌو گھر پھتو ته سُمير اڃا گھر به نه آيو ھو. سندس گھر واري پريشان لڳي پئي ھئي کيس ٻڪر ته وسري ويو پر ھاڻ پُٽ جي اچي لڳي ھئس. ”نويد تون پنھنجي دوست ڊي.ايس.پي کي فون ڪر ۽ تنھنجو ھڪ دوست ايس.پي به آھي ان کي فون ڪر ڪٿي سُمير کي ڪير اغوا ته نه ڪري ويو آھي! ”چري خير گُھر الله چڱي ڪندو مان فون تي ڳالھايان ٿو. نويد ھڪدم فون نمبر ڊائيل ڪرڻ لڳو: ”ھيلو جي مان نويد پيو ڳالھايان منھنجو پُٽ اڄ شام کان گُم ٿي ويو آھي ٻڪر سميت، پوءِ مان ڇا ڪريان ڪا صلاح ڏيو، ٻي طرف کان کيس آواز آيو يار آئون ھن وقت ٻارن کي بازار ۾ خريداري ڪرائي رھيو آھيان. نويد غور ڪيو ته ڊي. ايس. پي صاحب جي موبائيل فون جي پسمنظر ۾ ٽي وي جو آواز پڻ اچي رھيو ھو، پاڻ ھڪدم فون بند ڪري ڇڏيائين، وري ايس. پي صاحب کي فون ملايائين، جنھن ته ٺپ جواب ڏيندي چيس وڃي فلاڻي کي چئو جيڪو پاڻ کي چڱو مُڙس سمجھي ٿو. اھڙيءَ طرح ڪجھ ٻين دوستن کي به فون ڪيائين ۽ پنھنجي پريشاني جي باري ۾ کين ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ھر ڪو پنھنجي رام ڪھاڻي کڻي ٿي ويھي رھيو ڪنھن ائين نٿي چيو بس اجھو آئون اچان ٿو. پاڻ ڪاوڙ ۾ زال کي ڏسندي: ”اھي اٿئي جن کي ڏيکارڻ لاءِ اسان قُرباني جا ٻڪرا وٺندا آھيون ۽ اھي ماڻھوھاڻ ٻه لفظ ھمدردي جا به فون تي اسان سان ڳالھائڻ پسند نٿا ڪن. ياد اٿئي جڏھن سُمير ڄائو ھو ۽ توکي رت جي گھرج ھئي تڏھن به مون انھن کي آزمايو ھو، ڪنھن کي موڪا ھئا ته ڪو تازو خون اُن وقت ڏئي گھر وڃي رھيو ھو ته ڪو ان وقت سخت بيمار ھو ته ڪنھن پڇيو به ڪين ڪي. بلقيس مٿي تي ھٿ رکندي :”ھاڻ بس ڪر سُمير جي باري ۾ سوچ کيس پورا پنج ڪلاڪ ٿي ويا آھن گھران نڪتي. انھي وقت در جي گھنٽي وڳي نويد ڊوڙ پائي درکوليائين ته سُمير ٻڪر سميت بيٺو ھو، نويد بيقراري سان کيس ڀاڪُر ۾ وٺي ڇڏيو ۽ جڏھن ڪنڌ مٿي کنيائين ته پنھنجي ماسا ت شيرل کي به ڏٺائين جيڪو سندس در تي بيٺو ھو. جنھن کي ڏٺي نويد کي ڏھ سال ٿي چڪا ھئا، ھاڻ ھو کيس ڪافي ڪمزور نظر ٿي آيو. نويد ھڪدم کيس ڇاتيءَ سان لڳايو ۽ گھر اندر وٺي ويو. جيستائين سندس زال به اچي پھتي، شيرل کي سلام ڪيائين ھن سندس مٿي تي ھٿ رکندي چيو: ”سُميرکي ڪجھ نه چئي جو ھي ٻڪر ڏيکارڻ لاءِ منھنجي گھر آيو ھو. نويد حيرت مان سُمير کي ڏسندي: ”توکي ماسات جي گھر جي خبر ڪيئن پئي! ”ابو اسان ڪرڪٽ ميچ ھڪ دفعو کيڏڻ لاءِ ھنن جي علائقي ۾ ويا ھئاسين جتي چاچا جي پُٽ سان منھنجي دوستي ٿي ويئي، آئون ھنن جي گھر به ويس ۽ ھو اڪثر ھتي ڪرڪٽ کيڏڻ ايندو رھندو آھي. شيرل ڪُرسي تي ويھندي : ”نويد تون ته آفيسر ٿيڻ کان پوءِ اسان غريبن کي وساري ويٺين پر ڏس تنھنجو رَتَ اڄ پيدل ھيڏي منزل ڪري پنھنجي خوشي ۾ اسان کي شريڪ ڪيو، تو ته پنھنجي اولاد کي اسان کان گھڻو پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر ياد رک پاڻي کي لَٺ ھڻڻ سان پاڻي ٻه اڌ نه ٿيندو آھي. انھيءَ مھل سُمير گيت جھونگاريو”جوڳي ٿي مان مُرليون وڄايان ڳوليان پنھنجي پُنھل کي“ ھڪدم ٻڪر ڊوڙ پائي اچي ھن جي ڀر ۾ بيھي رھيو. نويد جي اکين ۾ لُڙڪ تري آيا، اھو سوچيندي ته ھڪ بي زبان جانور به لفظن ۽ محبت جي شناسائي رکي ٿو پر اسين انسان ٿي ڪري ڪيڏا نه بي حِس آھيون، جو رَت جي رشتن جي شناس به وڃائي ويھي ٿا رھون اھو به صرف چند ڪاڳرن ۽ ڪُوڙي شان شوڪت جي پُٺيان!