وقت جي قيد ۾ زندگي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    وقت جي قيد ۾ زندگي

    شهاب سومرو

    ھن پُٺتي وَريِ نظر ڪئي ته شھر جون روشنيون ھاڻ تارن جيان ٽمڪندي نظر اچي رھيون ھيون، پاڻ ڪجھ دير ساھي کڻڻ لاءِ ھڪ ٽڪريءَ جي پٿر تي ويھي رھيو ته سندس آڏو گذريل ڏينھڙن جون يادون به پوپٽن جيان چوڌاري اُڏامڻ لڳيون.

    شھزور پنھنجي زندگي جا پنجاھ ورھيه دنيا جي ھنگامن کي ارپي ڇڏيا، انھيءَ دوران ھن ڪو پل به ته سڪون محسوس نه ڪيو، ھر گھڙيءَ اندر ۾ اُٿل پُٿل ويندي شادي ٻارن کانپوءِ ته ھن وڌيڪ انھي ڳالھ کي محسوس ڪيو. انھيءَ کان علاوه جن ماڻھن جي وچ ۾ ھن جيون گھاريو ٿي، انھن به ته ھن کي ھميشه نراس ئي ڪيو، ڇو جو ھر ڪو ماڻھو ھن کي ائين ٿي لڳو ڄڻ ڏوڪڙ ڪمائڻ ۽ گڏ ڪرڻ ئي سندن دين مذھب ھو. ايستائين جو سندن ڳالھائڻ مان به ائين لڳندو ھو ڄڻ نوٽن جي کڙ کڙ پئي ٿئي، ھنن جا احساس ۽ جذبا ختم ٿي چڪا ھئا. ھنن پنھنجن دلين جي جاءِ تي ٽائيم پيس فڪس ڪري ڇڏيا ھئا، دل جي ڌڙڪڻ جي جاءِ تي ڄڻ گھڙيال جي ڪانٽن جي ٽِڪ ٽِڪ جو آُواز ٿي آيو. سندن ٽھڪ، مُرڪون کيس ڪنھن کوکلي دٻي کان سواءِ ڪجھ به ته نٿي لڳا، ڇو جو اھي ھر احساس کان خالي ھئا. صرف وقت کي پاس ڪرڻ جو ھنن اھڙين ڳالھين کي نالو ٿي ڏنو، پر کين اھا به خبر نه ھئي ته وقت کين پاس ڪري رھيو ھو، ھي ته ھن جي اڳيان ڪنھن داٻر جي رانديڪي کانسواءِ ڪجھ به ته نه ھئا. انھيءَ کان علاوه سندن نفرت جو جذبو ھنن جي ھر جذبي تي حاوي ٿي چڪو ھو. ھر ھڪ پاڻ کي مھان سمجھي رھيو ھو، محبت ۽ اخلاق کي ته پنھنجي وجود مان ھنن تڙي ڪڍي ڇڏيو ھو، ننڍن جو به اھو خيال ٿي ويو ھو ته وڏو به کين جُھڪي سلامي پيش ڪري. وڏن جي سوچ به ته ننڍن کان ھرگز گھٽ نه ھئي ھو پنھنجو شفقت وارو انداز وڃائي چڪا ھئا ۽ ھو عمر ۾ وڏي ھئڻ جو غلط ئي فائدو وٺي رھيا ھئا. ھن مُرڪندي سوچيو ته وڏا ته اُٺ به ٿيندا آھن! پر ھي اسان جو سماج ڪھڙي طرف وڃي رھيو ھو، وري ھن جي بي چيني اڻتڻ وڌي ويئي پاڻ ھڪدم اُٿي بيٺو، وڏو ساھ کڻندي تيز وِکن سان پٿريلي زمين کي لتاڙيندو اڳيان وڌندو ويو. سوچيائين جيڪو ڏھ سالن کان پاڻ ڪاوڙ ۾ پنھنجن کي چوندو ھو ته مونکي تنگ نه ڪريو ته ڪاڏي مُنھن ڪري نه ھليو وڃان. اڄ ھن پنھنجي ڳالھ کي سچ ڪري ڏيکاريو پر سندس منزل ڪھڙي ھئي! کيس خبر نه ھئي ھن کي اھا ته ضرور ڳالھ ذھن ۾ ھئي ته جي دنيا جو چوگرد به ڦري اچان ته به منھنجو سفر اتي ئي ختم ٿيندو جتان شروع ٿيو ھو.

    ھاڻ ھن جو ساھ وري اُکڙي رھيو ھو، سندس ٽنگون ڏڪي رھيون ھيون، بُوٽ به ڄڻ کيس چڪ ھڻي رھيو ھو، اڃا پاڻ اھيءَ ڳالھيون محسوس ڪري ڪٿي ويھڻ جي جاءِ ڳوليندي، مس ڪجھ وِکون اڳتي وڌايون ھيون ته ھن کي ھڪ شخص سامھون ٽڪري تي ويٺل نظر آيو. سندس وات پٽجي ويو، ڇو جو ھن سوچيو ھو ته ھن ويران جابلو علائقي ۾ ڪنھن انسان ذات جو ملڻ ڏکيو ھوندو، پر ھتي ته ھن جي سامھون ھڪ جئيرو جاڳندو انسان موجود ھو، ھن ان شخص جي پاسي ۾ ويھندي کيس سلام ڪيو، ھُن کيس جواب ڏيندي چيو:

    بيزار ٿي نڪتو آھين! ڇا تون سمجھين ٿو ته تو دُنيا کان جان ڇڏائي ورتي ۽ ھلڪو ٽھڪ ڏيندي کيس جواب لاءِ ڏسڻ لڳو.

    شھزور ھن جو سوال ٻُڌي وڌيڪ ٻُڏ تر جو شڪار ٿي ويو ۽ اکيون ڦاڙي کيس خاموشي سان صرف ڏسندو رھيو.

    ھُن بي نيازي سان چيو: ” اُڃ لڳي اٿئي!

    شھزور ھائوڪار ۾، ٻارن وانگر ڪنڌ لوڏيو.

    وري پڇيائنس:” بُک به لڳي اٿئي! چڱو اچ منھنجي پُٺيان.

    شھزور ڪنھن مُريد جيان، ھُن جي پُٺيان وِکون کڻندو ھلندو ويو. ڪجھ پنڌ کانپوءِ ھڪ ڪکن سان اڏيل جُھڳي ۾ اھو شخص گھڙيو ۽ کيس به اندر اچڻ جو اِشارو ڪيائين. اندر زمين تي تَڏو وڇايل ھو جنھن تي ھو شخص ويھي رھيو، کيس به ويھڻ جي آڇ ڪيائين، اتي ٿوري گھڻي لالٽين جي روشني ھئي، جنھن ۾ شھزور ان شخص جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو ھي سندس کان عمر ۾ جھونو ھو ته به مضبوط قد بُت جو مالڪ ھو. سندس اَڇا ڪپھ جھڙا وڏا وار ڪُلھن تي وکريل ھئا، اڇي ڏاڙھي جنھن سندس ڇاتيءَ کي ڄڻ پنهنجي ڀاڪُر ۾ وٺي ڇڏيو ھو. جھوني سندس اڳيان کائڻ لاءِ ڪا شيءَ رکي، جنھن کي ڏسي پاڻ سمجھي نه سگھيو ته ڇا آھي ۽ وَٽي ۾ پاڻي ڏنائينس جيڪو پاڻ ھڪ ساھ ۾ پي ويو، پر اھا عجب شيءَ جيڪا پڪل به نٿي لڳي پر ھئي ڪنھن ميوي يا ڀاڄي جھڙي، جنھن کي ھن چکيو ۽ ڇڏي ڏنو.

    پاڻ کيس چيائين: ”توھان جي مھرباني.

    جھوني مُرڪندي چيو: ”ڪا ڳالھ ناھي ٻچا............

    ”پر تون پنھنجو گھر، شھر ڇڏي ھن بيابان ۾ ڇو نڪتو آھين!

    شھزور ٿڌو ساھ ڀريندي: ”سڪون جي تلاش ۾ مان دنيا جي ھنگامن کان، ماڻھن کان بيزار ٿي چڪو آھيان.

    جھونو ھلڪو ٽھڪ ڏيندي: ”مان به ته ماڻھو آھيان، جنھن سان گڏ تون ھن وقت ويٺو آھين!

    شھزور کيس غور سان ڏسندي: ”اھي ماڻھو ناھن صرف ماڻھن جھڙا آھن، انھن ۾ اھو ماڻھپو آھي ئي ڪونه، ھو ڇا ڄاڻن ته ھنن کي ڪھڙيون عادتون انسان ٺاھين ٿيون، اشرف المخلوقات ٺاھين ٿيون. ھو ته جيون ائين پيا گھارين جيئن ”ڊوڙ جا رانديگر“ ھر ھڪ ٻئي کي پاڻ کان پُٺتي ڏسڻ گُھري پيو پاڻ کي اُتم، مھان، پوتِر، ساڌ پاڪ سمجھي پيو پر افعال سڀنيءَ جا ھڪ جھڙا آھن.

    جھونو مُرڪندي: ”انھيءَ ڳالھ جو ھاڻ وڃي توکي احساس ٿيو آھي، جڏھن تون پنھنجي حياتيءَ جو ڳچ حصو انھن جي وچ ۾ گذاري چڪو آھين!

    ”ھائو انھيءَ لاءِ جو ھو شايد مون کي سمجھي وڃن ھا، منهنجي احساسن جذبن جو احترام ڪرڻ سکي وڃن ھا، شايد مان انھيءَ آسري ۾ ھئس ته انھن ۾ اھو ماڻھپو اچي وڃي يا شايد انھن ماڻھن ۾ مان پنھنجو پاڻ کي ڏوريندو، ڳوليندو رھيس، پنھنجي اڌوري وجود جو حصو جيڪو مون کان ڪڏھن کان جُدا آھي. مان نٿو ڄاڻان پر اھو ضرور ٿو ڄاڻان ته ھو منھنجي روح جو حصو آھي. ڇو جو ھر انسان ھن ڪائنات ۾ اڌوري وجود سان جنم وٺي ٿو ڪو انھي ڳالھ کي جلد سمجھي وٺي ٿو پر ڪو انھي ڳالھ کي ڪڏھن به پروڙي نٿو سگھي. صرف انسان جي دماغ جو سندس مرڻ کانپوءِ مشاھدو ڪجي ته خبر پوندي ته ھن دنيا جا دانشور جن سڄي عمر ڪتابن جي دنيا ۾ رک ڪري ڇڏي، فقط دماغ جو چوٿو حصو خرچ ڪري سگھيا! مطلب ته ھن ڪائنات ۾ انسان آيو آھي ته ڪو مقصد ضرور کڻي آيو آھي بقول لطيف جي ته ”روزا نمازون پڻ چڱو ڪم“ مطلب ته اھي فرض ٿي ويا اھو ته ننڍڙي ٻار کي به خبر آھي ”اُو ڪو ٻيو فھم، جنھن ۾ پَسجي پرين کي“ اھو ئي ٻيو فھم آھي جنھن کي ڳولڻ پرکڻ اسان جو پنھنجو ذاتي مسئلو آھي ته ان فھم کي اسين ڪيئن آشڪار ڪريو ٿا.

    جھوني پنھنجي جُھڳيءَ کان ٻاھر پرھ ڦُٽي ڏانھن ڏسندي چيو: ”مان جڏھن ٽيھ ورھين جو ھئس، تڏھن انھن ساڳين خيالن ۾ اڪثر گُم رھندو ھئس، نيٺ ھڪ ڏينھن مان به دُنيا کي خدا حافظ چئي ھتي رِڻ ۾ اچي ويٺس. مون کي ھتي ھڪ بزرگ ٽڪرايو ۽ آئون ان جي صحبت ۾ ھتي ئي رھجي ويس، ھي آستانو به انھي جو آھي، کيس مھينو کن ٿيو آھي وفات ڪندي. منھنجو نالو ولايت علي آھي، مان پنھنجا ٽي ٻار گھر واري ماءُ پيءُ عزيزن کي ٽيھ ورھيه اڳ ڇڏي ھتي پھتو ھئس. مونکي ڪا خبر نه ھئي ته منھنجي منزل ڪٿي دنگ ٿيندي، مان بس ھلندو ويس جڏھن ھن جاءِ تي پھتس ته ھڪ بُزرگ سان ملاقات ٿي، مان به ھن جي رنگ ۾ رنـڱجي ويس، ڇو جو ھن جي جيون ڪھاڻي به منھنجي تنھنجي ڪھاڻي کان ڪجھ مختلف نه ھئي، ھو به سماج جو ستايل انسان ھو. جنھن کي سماج وڏي بي رحمي سان ڪنھن ڪتب آندل ڪاڳر جيان ڇيھون ڇيھون ڪري ھوا جي حوالي ڪري ڇڏيو. ان جي روح کي اھڙا رھڙا ڏنائون ڪڏھن به نه ڀرجڻ جھڙا، آخر ھن ھتي رِڻ ۾ دم ڏئي ڇڏيو پر واپس ھتان نه ويو. ولايت جي اکين ۾ لُڙڪ تري آيا، پاڻ ھڪدم اُٿندي چيائين فجر جي نماز جو وقت ٿي ويو آھي، ٻنھي گڏجي نماز ادا ڪئي تنھن کانپوءِ ولايت کيس بُزرگ جي قبر تي وٺي ويو، جتي ٻنھي دعا پڙھي انھيءَ کانپوءِ واپس پنھنجي آستاني تي آيا. جت شھزورکانئس اجازت گُھري ته پاڻ حيران ٿيندي چيائين: ”تون ھتان ڪيڏانھن ويندي تنھنجي ته ڪا به منزل نه آھي! تون اھو به ڄاڻين ٿو ته تنھنجي منھنجي ڪھاڻي ھڪ جھڙي آھي، پاڻ ھڪ ئي ٻيڙيءَ جا مسافر آھيون، پوءِ تون مون کي ڇڏي ڪيڏانھن ٿو وڃي!

    ڇا منھنجي صحبت به توکي انھن ماڻھن جھڙي لڳي، جن کي تون پُٺتي ڇڏي آيو آھين!

    شھزور سندس ڪُلھي تي ھٿ رکندي: ”بلڪل نه مون کي ته توساڻ گڏ وقت گُذرڻ جو احساس به نه ٿيو، مون تنھنجي صحبت ۾ پاڻ کي وقت کان آزاد محسوس ڪيو. ولايت سندس ھٿ تي ھٿ رکندي چيو:”وقت جي قيد کان ھن ڌرتيءَ جو ڪو به جان وارو آزاد ناھي، ويندي شمس و قمر، تارا، ڪتيون ۽ آسمان، اھا صرف تنھنجي سوچ آھي.

    ولايت کيس ويھڻ جو اِشارو ڪندي: ”ھڪ ڏينھن ھي وقت پاڻ کي ائين مات ڪندو جو پاڻ کي خبر ئي نه پوندي، ھاڻ جي ھن وقت منھنجي عمر سٺ سال آھي، ته ان جو مطلب ھرگز اھو نه آھي ته منھنجي عمر وڌي، جي وقت جي نظر سان اسين ڏسون ته منھنجي عمر سٺ سال گھٽ ٿي، کُٽي ويئي پر اھو اسان کي احساس نه آھي. ڇو جو انسان سان گڏ ھر وقت اُميدون ۽ خواھشون ڪنھن ڄَرَ جيان چنبڙيل رھن ٿيون، انھن جي ڪري ئي انسان جو اندر ھر وقت جنگ جو ميدان رھي ٿو. نيڪي ۽ بدي ھر وقت پاڻ ۾ جنگ ڪنديون رھن ٿيون، پوءِ جيڪا قوت ڪامياب ٿي وڃي ٿي، اُھا اسان جي گاديءَ واري ھنڌ يعني دماغ تي غالب ٿيو وڃي. جسم ته آھي ئي دماغ جو غلام پوءِ اھا قوت اسان جي جسم کي پنهنجي حڪم مطابق ھلائي ٿي، اسين سالن صدين جون اڳواٽ رِٿون سوچيون ٿا پر ھتي ته پل جي به خبر نه آھي.

    شھزور تَڏي جي ڇِنل ننڍڙين ڪانين سان راند ڪندي: ”ڏٺو وڃي ته انسان گھڻو ڪري جسماني بيمارين کان وڌيڪ روحاني بيمارين ۾ ڦاٿل نظر اچن ٿا، جنھن کي نفسيات جا ماھر ته نفسياتي خلل يا بيماري سڏين ٿا پر آئون ان کي سڌو سنئون روحاني بيماري ڪري سڏيندس، جيڪي روح کي بيمار ڪري ڇڏين ٿيون. جنھن ۾ حسد، حِرص، احساسِ ڪمتري ۽ احساسِ برتري وغيره پر اڄڪلھ احساسِ برتري گھڻي قدر ھر ٽئين فرد تي غالب آھي، انھيءَ بيماري جو پھريون ڏاڪو احساسِ ڪمتري آھي. جيڪا اڳيان ھلي ڪري احساسِ برتري ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، ھن قسم جي بيماري جا ماڻھو يا ته پنھنجي ذات پات رنگ نسل تي فخر محسوس ڪندا آھن يا پنھنجي دل کي مڙئي ڪوڙو دلاسو ڏيندا آھن ته آئون سڀني کان مھان آھيان، ڪو مون جھڙو نه آھي پر ”ذات تي نه آھي ڏات“ شايد اھي جاھِل ماڻھن تي حڪمراني ڪري سگھن ٿا پر ڪنھن پڙھيل لکيل ماڻھن جي محفل ۾ ويھڻ جي لائق به نه آھن. جڏھن ھڪ ڀنگي جي رَت جو گروپ ۽ سندس رَت جو گروپ ساڳيو ٿي ٿو سگھي ته باقي ڇا بچيو! انھيءَ بيماري جو ٻيو قِسم آھي ڏوڪڙَن جي اجائي نمائش ڪرڻ ۽ پاڻ کي وڏو ماڻھو سمجھڻ، ڏوڪَڙَ گاڏيون ته بد ڪردار عورتن جي در جون به ٻانھيون ھونديون آھن. بقول شاعر جي ته: ”ڳالھ ڪِردار جي ھوندي آ ، نه ته قد کان وڏو پاڇو به ھوندو آ“ مطلب ته اھي ڪجھ اھڙيون بيماريون آھن، جن سڄي سماج کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آھي. ولايت سندس ڳالھ سان سھمت ٿيندي جُھڳيءَ جي ڪنڊ ۾ رکيل ٽين جي پيتيءَ مان ڪاغذ ۽ قلم ڪڍي ڪجھ لکڻ لڳو. شھزورکيس لکڻ ۾ مشغول ڏسندي پڇيائنس:”توھان ڇا لکي رھيا آھيو! پاڻ کيس جواب ڏنائين ته ”مان پنھنجي مُرشد جيان جيڪي ڳالھ دل تي لڳندي آھي تنھن کي قلم بند ڪري وٺندو آھيان.

    اھڙيءَ طرح وري گڏجي ٻنھيءَ اڳين جي نماز پڙھي، انھي کانپوءِ پيٽ جي دوزخ کي وسايائون، وري اچي ڪچھريءَ کي کنيائون ته عصر جو وقت وري مغرب ۽ پوءِ عشاءَ جي نماز کانپوءِ ٻئي آرام خاطر اُتي ئي تڏي تي سُمھي پيا. پرِھ ڦٽيءَ مھل شھزور جي اَک کُلي، ھن پاسي ۾ ڏٺو ته ولايت موجود نه ھو، ھن سوچيو شايد حاجت سانگي ٻاھر نڪري ويو ھوندو. پاڻ ليٽيو رھيو ۽ ڪجھ دير کانپوءِ کيس فجر جي نماز جو خيال آيو، پاڻ ٻاھر نڪتو ۽ لوٽوکڻي وضو ڪيائين واپس جُھڳي ۾ آيو، نماز ادا ڪيائين سلام ورائندي سندس نظر جُھڳي جي ڪُنڊ تي پئي، ھن محسوس ڪيو ته ڪا شيءَ ھتي گھٽ آھي. پاڻ جاءِ نماز تان اُٿيو ۽ دماغ تي زور ڏنائين ته ھڪدم کيس ياد آيو ته ھن جاءِ تي ھڪ ٽِين جي پيتي پئي ھئي جيڪا ھاڻ موجود نه ھئي، پاڻ جلدي ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن نظر ڦيرايائين ته کيس ان جاءِ تي ھڪ ڪاغذ نظر آيو، جنھن جاءِ تي پاڻ سُتو پيو ھو. جيڪو سندس سيراندي کان تَڏي ۾ اٽڪيو پيو ھو، ھن اھو کنيو ته ان ۾ ڪجھ ھن کي لکيل نظر آيو. جيڪو سندس نالي ولايت جي ھٿن اکرن لکيل ھڪ خط ھو. پاڻ جلدي جلدي ڀُڻ ڀُڻ ڪري پڙھڻ شروع ڪيائين. ”برادرم شھزور صبح بخير اسلام عليڪم، توھان جي صحبت ۾ مون کي تمام گھڻو سڪون مليو، آئون ھڪ مھيني کان ٻُڏ تر جو شڪار ھئس، ڇو جو منھنجو مُرشد سائين وفات کان اڳ منھنجي نالي ھڪ خط لکي ويو ھو. جنھن ۾ پاڻ لکيو ھئائين ته آئون شادي شده نه ھئس مان پاڻ اڪيلو ھئس، دنيا کان بيزار ٿي ھتي اچي آستانو اڏيم. توکي ان وقت به گھڻو مون سمجھايو پر تون واپس موٽي نه ويئين، ھاڻي مري مون کي الله جي آڏو جواب ڏيڻو آھي، ڇو ته دُنيا ائين سمجھ ته ھڪ امتحان جي جاءِ آھي. جيڪڏھن انھيءَ جاءِ کان ڀڄي وڃي پاسو ڪبو ته ان کي امتحان ڏيڻ ته نه چئبو! گندگي ۾ رھي ڪري پاڻ کي صاف رکڻ کي ئي حقيقي صفائي چئبو آھي، جي گند ئي نه ھوندو ته پوءِ صفائي ڇا جي! سماج مان جي تو جھڙا ماڻھو به ھڪ ھڪ ڪري بيابان ۽ جنگھن ڏانھن مُنھن ڪندا ويندا ته سڄي دُنيا انھن ڳِجھن جي حوالي ٿي ويندي، جيڪي ھن سماج کي گندو ڪري رھيا آھن.

    انھيءَ کان علاوه تون صاحبِ اولاد پڻ آھين، انھن جا حقوق پڻ تو تي آھن ۽ اولاد ھڪ دنيا داري جي اٽل حقيقت پڻ آھي، جنھن جي ڪري مائٽ ڇا ڪجھ نه ٿو ڪري، جيڪڏھن اولاد بُکيو ھجي ته ان کي ڪو به مائٽ نٿو ڏسي سگھي، ويندي ان جي پيٽ ڀرڻ لاءِ چوري به ڪري سگھي ٿو. اھو ھر جرم ڪري سگھي ٿو، صرف ھڪ اولاد لاءِ ! ھو پنھنجي اولاد جي اکين ۾ حسرت جا لُڙڪ ڪڏھن به ڏسڻ پسند نه ڪندو.

    انھيءَ ڳالھ مان ثابت ٿيو ته اولاد ھڪ اھڙي زنجير آھي، جيڪا ھر انسان کي دنياداري ڏانھن ڇڪي ٿي، اھي ڳالھيون مان توسان پھرين به ڪري چڪو آھيان پر تون ھتي سڪون جون ڳالھيون ڪندو ھئين! سڪون اندر ۾ ھوندو آھي، تون پنھنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏس ان کي پنھنجو پاڻ ۾ تلاش ڪر، اھا ڏُکن جي ھڙ تنھنجي ڪُلھي تي آھي، جتي به ويندي اھا توسان گڏ آھي، ڇو جو اھا ھڙ تنھنجي پنھنجي آھي، سماج جو انھي سان ڪو تعلق ناھي، جي آھي ته به تون ان جو حصو آھين، تون ڪڏھن ان کان ڌار رھي نٿو سگھين. انھيءَ لاءِ اھو ضروري آھي ته پھرين گھر جي صفائي يعني پنھنجي اندر جي صفائي، تنھن کان پوءِ ٻاھر جي صفائي، يعني پھرين پنھنجو احتساب شرط آھي. تون چاھين ٿو ته سڄي دُنيا توسان سچي، ايماندار، خودار ۽ وفادار ٿي پوي ۽ تون پنھنجا ٻار ڇڏي جھر جھنگ ماپيندو رھين!پوءِ تون ٻڌاءِ تو پنھنجي اولاد پنھنجي والدين سان ڪيتري وفا ڪئي! بيشڪ آئون پاڻ کي تنھنجو ڏُوھاري سمجھان ٿو، ڇو جو مون کي گھرجي ھا مان ان وقت ئي توکي ڇڏي ھليو وڃان ھان، ته شايد تون رِڻ ۾ ڌڪا ٿاٻا کائي واپس موٽي وڃي ھا پر مون کان به غلطي ٿي ويئي، جو مون توکي پنھنجي صحبت ۾ شامل ڪري ورتو. ھاڻ مان توکي التماس ڪريان ٿو ته منھنجي قبر کي مقبرو ٺاھي، ان تي مجاور ٿي نه ويھي رھجان، منھنجي قبر کي ميلن تماشن جو مسڪن نه ٺاھي ڇڏجان. مون جيڪي ڪجھ ڪيو پنھنجي قبر ڇڏائڻ لاءِ ڪيو، اھا به منھنجي قسمت ته منھنجون رياضتون شل مولا جي در تي قبول پون ۽ مونکي اُميد آھي ته منھنجي اھا تحرير پڙھي تون انھيءَ تي عمل ڪندي.

    اھي منھنجي مُرشد جا ڪجھ اکر ھئا، جيڪي مون ساڳيا ھت قلم بند ڪري ڇڏيا، منھنجي به توکي اھا ساڳي نصيحت آھي جيڪا مُرشد مون کي ڪئي، مون کي اُميد آھي ته تون به انھي تي عمل ڪندي مھرباني تنھنجو خادم ولايت علي.

    شھزور خط پڙھندي پڙھندي سڄو پگھرجي ويو ھو، پر ھاڻ ھن ائين محسوس ٿي ڪيو ته سندس ڪُلھي تي رکيل ھَڙَ ايتري ھلڪي ٿي ويئي ھئي جو ھو واپسي جو سفر آرام سان ڪري سگھيو ٿي.
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: وقت جي قيد ۾ زندگي

    واه سائين واه توهان ته صفا اصلي هيرو آهيو،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو