• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بهارون به زخمي، اڏارون به زخمي،

حاڪم

سينيئر رڪن
بهارون به زخمي، اڏارون به زخمي،
اڙي ديس! تنهنجون ته سارون به زخمي.


ٿيو وقت ماري، شڪاري شڪاري،
لڳا تير، ڪونجن_ قطارون به زخمي.


اوهان ڇا ته ڇيڙيون، ڌُنون درد سنديون،
تنبورو به زخمي ۽ تارون به زخمي!


لٿي مند هرڪا، سميٽي اداسيون،
جهُڙالا به زخمي، ملهارون به زخمي.


نه آئين نه آئين، اسان جي اڱڻ تي،
پناهون به زخمي، پچارون به زخمي،


زمانا به زخمي، ڄمارون به زخمي.
اوهان بِن گُذارون ڄمارون به زخمي،


رُٺا مينهن آهن، ٿيا کُوهه کارا
اُڃايل ٿرين جون پڪارون به زخمي.


ڏکارو ڏکارو سڄو ڏيهه ”مانجهي“!
نظارا به زخمي، نهارون به زخمي


{{{



وري به هن جو گهمنڊ گهائي، اڙي زمانا ! اڙي زمانا !!
وري به جوڀن سڏي سڪائي، اڙي زمانا ! اڙي زمانا !!


وري ٿڙي ٿي نگاهه تنهنجي، نشي ۾ ٻهڪي وري ٻري ٿي،
وري اٿيا پير لڙکڙائي، اڙي زمانا ! اڙي زمانا !!


پيا هن جو پيام آهي، نگر نگر ۾ صبوح سج جو،
رکون ڪيئن روشني لڪائي، اڙي زمانا ! اڙي زمانا !!


کڻي اکين ۾ حسين منظر، جهلڪ جهلڪ ۾ جهان سارا،
اسان ته آندي سُرت سَمائي، اڙي زمانا ! اڙي زمانا !!


وري اَڀيچَندَ منڊَ ماڻا، وَري به سرمد ٿيو اُگهاڙو،
وري به سوليءَ نچي نچائي، اڙي زمانا ! اڙي زمانا !!


کِڙي کِڙي ٿا کِڙون اڙي ديس! اڙي زمانا ! اڙي زمانا !!
ڪَلِيء ڪَلِيءَ ۾ کَڻي سجائي اڙي زمانا! اڙي زمان!


نه تو سڃاتو، اسين ته ”مانجهي“، پيار جا آبشارَ آهيون،
اچي اسان مان اڃون اُجهائي، اڙي زمانا ! اڙي زمانا !!




{{{



حياتي وٽو زهر جو ٿي ڪڙو،
اڙي وقت ايڏو نه ٿي بي وڙو.


ٿيو هانءُ ٿوهر؛ رڳو رڻ اکيون،
اوهان بن نه آ چنگ ڪوئي چَڙو.


هوائن جيان آ اسان جو گُذر،
اسان ساڻ ايڏو به ڇو ٿا اَڙو !


اسين جڳمڳايون ستارن جيان،
اوهين ڇو ٿا ايڏو اسان تي سَڙو!


اسين بيت، وايون ڀٽائيءَ سنديون،
دلين سان اُچاري اسان کي پڙهو !


نه سنڌو، نه سانوڻ، نه ميهار ڪو،
نه کڻ تون به سهڻي، ٻکن ۾ گهڙو !


{{{



هر ماڻهو حيران لڳي ٿو،
هي شهر پريشان لڳي ٿو.


اکڙيون ڦاٽل، ماٺ چپن تي،
گهورن ۾ گهمسان لڳي ٿو.


هر ماڻهوءَ جي من ۾ صحرا،
ساهه تتو سُنسان لڳي ٿو.


سڀ کي پنهنجو لاش ڪلهن تي،
سڀڪو هت بيجان لڳي ٿو.


جهنگل کان وڌ ڀئو شهرن ۾،
وحشي اڄ انسان لڳي ٿو!


جت محبت جا ميڙ هئا ڪي،
سو واهڻ ويران لڳي ٿو !


”مانجهي“ ! مڪڙيون ڪيڏنهن ويئون؟
ساگر سرگردان لڳي ٿو.


{{{



پير وڌاءِ ته پايل گونجي،
ماٺ ٽُٽي ۽ منزل گونجي!


ٿي ڪِرڻا ڪِرڻا انگ اُٿن،
نيڻ کڄن ۽ ڪاڪُل گُونجي.


آ اکڙين ۾ اڙنگُ تتو،
طوفان لڳي، بادل گُونجي.


جهيڙا، ميڙا، جوڀَن مستي،
ڪا ته حُسن جي هلچل گونجي!


پير ڪڙين ۾، ڪنڌ اڏيءَ تي
نعرن سان ٿو مقتل گونجي.


مٺڙن ميتن جي گيتن سان،
”مانجهي“! پنهنجي محفل گونجي.




{{{



عشق آيو وري، گيت ٻيهر ڇِڙو
هُوءَ اَڏي ٿِي سَڏي يار، مُرڪِي مِڙو !


يار ! ميهار، هُن پار بيٺو سَڏي،
اي سَکيو ! گهَرَ وَرن ساڻ گهوري گهڙو


نيڻ ساگر ۾ اڇلي، اسان کي پرين !
پوءِ مُرڪي پڇو ٿا ته ڇو ٿا ٿِڙو.


ڏند ڪرٽي پئي هوءَ اوندهه مٿان،
رات جيسين رهي يار ! تيسين ٽِڙو.


رات ڪاري سَهي، سيهه سيارو سَهي؛
ڄاڻ منزل ملي ڪجهه ته اڳتي رِڙهو !


{{{



ٿي ڪري چاندني ڏس ته باتيون وري،
سار تنهنجي به پائي ٿي جهاتيون وري.


واٽ تنهنجي ڏسي، لڱ لياڪا بڻيا،
آگميا نيڻ، ڇمريون ته ڇاتيون وري.


وار تنهنجا کُلا، واس شعرن ڀريا،
ڏات جهومي، بڻيو راڳ راتيون وري.


وڏ ڦڙي جيان گَجي عشق آيو وري،
آرزوئون اسان جون ته آتيون وري.


سال گُذريا، ڀُلائي نه”مانجهي“ سگهيو،
ڳالهڙيون يار! تنهنجون ته ڳاتيون وري.


{{{



سُڳنڌون سڳنڌون سڄو آگگن،
ڀِنِي باک آهي اوهان جي بدن.


اهي رنگ، آڙنگ سانوڻ سندا،
گهڻيون ئي لڱن تي رتون ٿيون رچن.


فضائن ۾ تو آ ڇڏيو ڇا ڇٽي،
خماريون خماريون هوائون هلن!


کُليل مک سان تون پڌر تي سُتينءَ،
ڪيا چنڊَ کيٽا اوهان جي چپن.


وري سير سهڻيون گهڙن سان گهڙيون،
هلي آءُ ميهار ! سنڌوءَ_ ڪپن.


گهڻيون ئي گهٽائون سمايو وَتين،
مگر نيڻ ”مانجهي“ اُڃايا وَتن.




{{{



ها سدائين بهار ۾ آهيان،
يار! تنهنجي خمار ۾ آهيان.


وار کولي وري به تون آئينءَ،
رنگ، خوشبو غُبار ۾ آهيان.


عشق ئي ڪائنات آ منهنجي،
پاڻ پنهنجي پڪار ۾ آهيان.


ڪير پياري ويو مئي”مانجهي“ !
آءٌ ته اوچي اُڏار ۾ آهيان.


{{{



ڏيهه سڄوئي هڻ کڻ ۾ آ،
وڻ ٽڻ هرڪو پن ڇڻ ۾ آ.


ڪير اکين مان ٻور پٽي ويو،
ٽار سُڃو هر وڻ وڻ ۾ آ.


هي شهر سمورا شعلن ۾،
واويلا هر واهڻ ۾ آ.


هر ڪو بڙڪي باهه اُلن ۾،
هرڪو ڦاهي _ سرڪڻ ۾ آ.


گهوڙا گهوڙا ! سڀ کي ڳوڙها،
هر ڪو هنجون هارڻ ۾ آ.


ڪا سِير مُئي، ڪا جِهير مُئي،
ڪا گهيرِي ڌَارئين ڌَڻ ۾ آ.


{{{



اکين ۾ اِشارا سمايو وَتي ٿِي.
سَوين چنڊَ، تارا سَمايو وَتي ٿِي.


سَوين سمنڊ پنهنجي اندر ۾ لڪائي،
اُڃايل ڪِنارا سَمايو وَتي ٿِي.


چُنِي چاندِني گُل _ بدن تي پکيڙي،
نظارا نظارا سمايو وتي ٿِي.


ڀريا جهول جوڀن جي ڳاڙهن گُلن جا،
کٿورين جا کارا سَمايو وَتي ٿِي.


ڪڏهن آهه رم جهم، ڪڏهن آهه شعلا،
ڪڏهن پوهه پارا سَمايو وَتي ٿِي.


اڃا دل اوهان کي گهڻو ئي گُهري ٿي،
اڃا سار_ ڌار سَمايو وَتي ٿِي.


اڃا يار ”مانجهي“ سُڳنڌون اُهي ئي،
اڃا ساٺ سارا سَمايو وَتي ٿِي.


{{{



حملا مند ڪري ٿي يارو!
ڄيرن ساڻ ڄَري ٿي يارو!


اندر آتو ويلا ۾ آ،
سڀڪا مونجهه مري ٿي يارو!


ساري وستي لڙڪ لڪائي،
ڪهڙيءَ ڳالهه ڳري ٿِي يارو!


گهوري گهوري گهاٽَ ·ڦٽي* جا،
ڪيڏا ساهه ڀري تِي يارو!


ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي سيني ۾،
سارِ سِنڌُ ٻَري ٿي يارو!


مهراڻ سڪو، ”مانجهي“ به مٺو،
هر ڪا منڌ مري ٿي يارو!


____________________

· ڦٽو: سنڌو درياهه جو هڪ مشهورو وهڪرو، جيڪو 1932ع کان پوءِ هميشه لاءِ سنڌوءَ جي ٻين وهڪرن وانگر سُڪي، ڦٽي ويو.



{{{



تون نه آئين، تون نه آئين، يار تنهنجوانتظار،
ڪير ڄاڻي، ڇو کڄن ٿا نيڻ منهنجا بار بار.


شاعريءَ منهنجيءَ ۾ تنهنجي چپن جا ڪي نشان،
ڪير ڄاڻي ٿو سڃاڻي، پيار جا اسرار، يار!


تانگهه تنهنجي ڄڻ ته آهي، جهڙ جهڙالا آسمان،
وڄ وراڪا من _ اڱڻ تي، ڄڻ مِڙيا ڪيئي ملهار


لوڪ سارو چوڪ آهي، پوءِ به هي تنهنجو ڪمال،
تو لِڪائي موڪلِي آ سوکڙِي ”هڪڙي نهار“.


ديس سارو ڄڻ سراپيو، آهه چوڏس چُپِ چُپات،
واٽَ سڀڪا وائڙي آ ۽ لٿِي جا انڌڪار.


{{{



وري اکين ۾ پريت تنهنجِي ته آشيانا اُُڻِي رهي آ،
وري به گُهوري گگن مٿي دل به يار ڇا ڇا ڌُڻ
 
جواب: بهارون به زخمي، اڏارون به زخمي،

يار اوهان دل کٽي ورتي اسان جي۔۔۔۔۔ مون زندگي ۾ پهريون دفعو سندي شاعري ايتري گهور سان پڙهي آهي۔۔۔ ۽ ڇا ڳالهه آ "مشتاق" جي۔۔۔
 
Back
Top