اکين ۾ اِشارا سمايو وَتي ٿِي.

'سنڌي شاعري' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اکين ۾ اِشارا سمايو وَتي ٿِي.
    سَوين چنڊَ، تارا سَمايو وَتي ٿِي.


    سَوين سمنڊ پنهنجي اندر ۾ لڪائي،
    اُڃايل ڪِنارا سَمايو وَتي ٿِي.


    چُنِي چاندِني گُل _ بدن تي پکيڙي،
    نظارا نظارا سمايو وتي ٿِي.


    ڀريا جهول جوڀن جي ڳاڙهن گُلن جا،
    کٿورين جا کارا سَمايو وَتي ٿِي.


    ڪڏهن آهه رم جهم، ڪڏهن آهه شعلا،
    ڪڏهن پوهه پارا سَمايو وَتي ٿِي.


    اڃا دل اوهان کي گهڻو ئي گُهري ٿي،
    اڃا سار_ ڌار سَمايو وَتي ٿِي.


    اڃا يار ”مانجهي“ سُڳنڌون اُهي ئي،
    اڃا ساٺ سارا سَمايو وَتي ٿِي.


    {{{



    حملا مند ڪري ٿي يارو!
    ڄيرن ساڻ ڄَري ٿي يارو!


    اندر آتو ويلا ۾ آ،
    سڀڪا مونجهه مري ٿي يارو!


    ساري وستي لڙڪ لڪائي،
    ڪهڙيءَ ڳالهه ڳري ٿِي يارو!


    گهوري گهوري گهاٽَ ·ڦٽي* جا،
    ڪيڏا ساهه ڀري تِي يارو!


    ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي سيني ۾،
    سارِ سِنڌُ ٻَري ٿي يارو!


    مهراڻ سڪو، ”مانجهي“ به مٺو،
    هر ڪا منڌ مري ٿي يارو!


    ____________________

    · ڦٽو: سنڌو درياهه جو هڪ مشهورو وهڪرو، جيڪو 1932ع کان پوءِ هميشه لاءِ سنڌوءَ جي ٻين وهڪرن وانگر سُڪي، ڦٽي ويو.



    {{{



    تون نه آئين، تون نه آئين، يار تنهنجوانتظار،
    ڪير ڄاڻي، ڇو کڄن ٿا نيڻ منهنجا بار بار.


    شاعريءَ منهنجيءَ ۾ تنهنجي چپن جا ڪي نشان،
    ڪير ڄاڻي ٿو سڃاڻي، پيار جا اسرار، يار!


    تانگهه تنهنجي ڄڻ ته آهي، جهڙ جهڙالا آسمان،
    وڄ وراڪا من _ اڱڻ تي، ڄڻ مِڙيا ڪيئي ملهار


    لوڪ سارو چوڪ آهي، پوءِ به هي تنهنجو ڪمال،
    تو لِڪائي موڪلِي آ سوکڙِي ”هڪڙي نهار“.


    ديس سارو ڄڻ سراپيو، آهه چوڏس چُپِ چُپات،
    واٽَ سڀڪا وائڙي آ ۽ لٿِي جا انڌڪار.


    {{{



    وري اکين ۾ پريت تنهنجِي ته آشيانا اُُڻِي رهي آ،
    وري به گُهوري گگن مٿي دل به يار ڇا ڇا ڌُڻِي رهي آ !


    وري به جاڳي پياس اندر ۾، سار آندا سُرورَ هُن جا،
    سڏي سڏي عشق هار پاتا ۽ باک مون تي ڀُڻِي رهي آ.


    رتول راهُون،گلاب گهُورُون، خيال خوشبو، سوال ٻانهُون،
    اڙي جُواڻي ڏسو، سَوَين سج ۽ سَتارا اُڻِي رهي آ.


    سمونڊ سُونهن اکيون اوهان جون ۽ موههَ ماڻا اندر اوهان جي،
    اڙي اڙي اوچڪور! چانڊوڪي چاهه تنهنجو چڻي رهي آ!


    ڏسو ڏسو ڪائنات هيءَ سُونهَن آ سراپا سَوين نياپا،
    ڪَلِي ڪَلي ڇا گهمنڊ مان گهُوري سَنگيت ڪوئي سُڻِي رهي آ.


    {{{



    ڌَر تَتِيءَ ۾ يا هَوائن ۾ رهان،
    بَس رڳو تنهنجي نِگاهن ۾ رهان.


    لوڪ سارو ڀَلُ ڌِڪاري ئي ڇَڏي،
    شالَ! مان تنهنجي پَناهن ۾ رهان.


    وارَ تنهنجا هار ٺاهيان، ڇڏ سَکي!
    اڄ ته ڪاڪُل جي ڪٿائن ۾ رهان.


    زندگي ساري سَجائي ڀانئبي،
    بس رڳو تنهنجي ادائُن ۾ رهان،


    زهر ساري شَهرَ جا پيتم گهڻا،
    ڪجهه ته ساقيءَ جي صدائن ۾ رهان!


    {{{



    جڏهن کان چَپن، مڌ چَپن مان چَکَي آ،
    الا! ڏات منهنجي تڏهن کان ڪَکِي آ.


    کَڻَي کيپ خوشبو، وئي ڏور وِکري،
    جُواڻي ڪڏهن ڪا ٻکن ۾ ٻَکِي آ ؟


    ڀنيءَ رات جو رات _ راڻي به مَهڪي،
    لَڳي ڇا لنئون، لوڪ ساري لَکي آ !


    ٻُڌي نانءُ منهنجو، چئو ڇو چَڙين ٿي؟
    اِئين عشق کي مشڪ ڄڻ تو مکِي آ.


    رڳو مون ته ناهن ڏيئا روز ٻاريا،
    ستارن سُهائِي سجائي رکِي آ.


    {{{


    سانوڻ جي برسات لڳين ٿي،
    ۽ شاعر جي ڏات لڳين ٿي.


    تنهنجي آئي ڦول کِڙن ٿا،
    پرهه ڦٽي پرڀات لڳين ٿي.


    تون جوڀن جي ڪا مڌ _ مستي،
    سُونهن سندي سوغات لڳين ٿي.


    تون ئي نينهن جا ڏينهن نرالا؛
    پونم جي تون رات لڳين ٿي.


    تون تشبيهون،تون استعارا،
    تون منهنجي ڪُليات لڳين ٿي.


    تون سنڌو، تون ساگر گَهَرو،
    تون ”مانجهيءَ“ جي مات لڳين ٿي.


    {{{



    ڏسو! رُت ڦِري آ، ڀِني آهه برکا،
    وريو واءُ سائو، وري وِڄ_ وراڪا.


    وري جهوڪ جاڳي، وري سنڌ تڙپي،
    ٽپيٿو، ٽپي ٿو،سڄو ڏيهه ڏاڪا.


    کڻي نيڻ ساحڙ اُلاريا اسان تي،
    وري هي اندر جا ٽُٽا يار! ٽاڪا.


    رهيون رات ”مانجهي“! چڪورن اُڏارون،
    نه پاتا، نه پاتا، لڙي چنڊ لياڪا.


    {{{


    وري مُند مون کي سَتائڻ لڳي آ،
    وري گهُور تنهنجي به گهائڻ لڳي آ!


    وري تانگهه تنهنجي وڌي آ، وڌي آ،
    وري ننڊ نيڻين ڦِٽائڻ لڳي آ.


    ٻُڌون ٿا، اوهان ئي وساري ڇڏيو آ،
    اها ڳالهه ئي جيءَ جلائڻ لڳي آ.


    ڪٿان هيءَ ڪويتا لٿي آ لبن تي،
    پرين! هوش پنهنجا اُڏائڻ لڳي آ.


    اڙي ويس ڪارا، ٿيا ديس سارا،
    مُٺي ماءُ گيڙو مَٽائڻ لڳي آ.


    وري ڏس! گهٽائون گگن تي گجن ٿيون،
    وري سِنڌُ سانوڻ سجائڻ لڳي آ.


    {{{



    آيتون راتيون تو لئه آهن،
    هي پرڀاتيون تو لئه آهن.


    سانوڻ سهڻا گيت به تولئه،
    ۽ برساتيون تو لئه آهن.


    گُم سُم گُم سُم، مون جي ويهي
    ٻوليون ٻاتيون،تو لئه آهن.


    ڏات به تو لئه، ڏانءُ به تو لئه،
    ڇيڙيون لاتيون تو لئه آهن.


    تون جو منهنجو آئيندو آن،
    ڀاڳ براتيون تو لئه آهن.


    هر ماڻهو جي مُک ۾ ”مانجهي“!
    پاتيون جهاتيون تو لئه آهن.


    {{{



    ڏس! اوهان جي ياد جو جُهولو جُهلائي آ رهيو،
    واءُ واهوندو وري من کي به گهائي آ رهيو.


    گهُور گهُوري تو ڏٺو جو نيڻ _ ساغر اڄ کڻي،
    هرڪو منظر ڄڻ ته مهڪي مسڪرائي آ رهيو.


    ڇا ڪجن ليکا، اڙي تو سان زمانا چَئهُ ڀلا
    درد آ هڪڙو شروع کان جو نڀائي آ رهيو.


    واٽ پنهنجي هو وٺي ويندو رهيو ڪي سال ٿيا،
    ڪو اڃا تائين به ڇو جهاتيون ته پائي آ رهيو.


    هِير جي هن ڌِير تي، آ لوڪ سارو ئي سُتو،
    هي ڪوي جاڳي لا ڇا گنگُنائي آ رهيو.


    موٽ ”مانجهي“! موٽ ”مانجهي“! ڳوٺ توکي ٿو سڏي
    هو پروڪو پيار ڏس تو لاءِ ڳائي آ رهيو.


    غزل حصو ٽيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو