ڀُــــڇين ٿو! زنـــدگي ڪِـــئن هــيءَ ڪـــــٽي آهي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڀُــــڇين ٿو! زنـــدگي ڪِـــئن هــيءَ ڪـــــٽي آهي؟
    ڪـــــڏهن هـــــِن ۽ ڪــــڏهن هــــُن ڦــــٽي آهـــي.


    نه ڪــــا مُــــيسر چپــــن تي ٿي چمــــي هــن جـي،
    حـيــــــاتي ڄــــڻ هــــٿن ۾ وهــــــــه وَٽــــي آهــــــي.


    اســـــــــــان جـــــــــي زنـــــدگي آ بـــــازَ-چـــــنبن ۾،
    جَهـــــلي جـــــوهـــــي،جــهَــــــپي آهي، جَـهٽي آهي.


    لـــــڳي ٿو ڳـــــاهه پيو ڄــــڻ ڳـــاهــــجي مـــَن تـــي،
    اســــان جي ســــوچ سنــــگن جـــــان سٽـــــي آهـــي.


    رڳــــــو دُک، درد، وِکَ وحـــــــــــشتــــــون آهــــــن،
    زمــــــانو ٿـــــي پــيو ڪـــــيـــڏي چَـــــٽي آهـــــي!


    جِـــــــئڻ جــــي واهه ”مانجهي“! ڪــا رهـــــي ناهي،
    رڳــــــــــــو هُن جي اکين ۾ هـــــڪ گهٽي آهـــــي.


    {{{



    تــــــــو ريءَ ويــــــران وَســـــــتــــــي واڙو،
    انـــــــــــڌيــــــــــــــــــــري ۾ اوڙو پــــــاڙو.


    تـــــــنهــــنجــو پاڙو روشــــــــن، اُجــــــرو،
    ۽ مــــــــــــــون وٽ آڌيءَ آکـــــــــــــــاڙو.


    حـــمــــلن وانـــگي جـــمــــلا تــنهــــنجا،
    مــــون ســــــــان اهــــــڙو ٻــــول نه ٻــاڙو!


    آهــــه اَڀيــــچـــــند ڪــــــــاٿي ڌرتــــي؟
    آيــــو ســـرمــــــــد رات اُگـــــــــهــــــــاڙو.


    آءُ تــــه ڳــوليــــون! ڪــــير هڻــــي ويو،
    روشــــن ڪــــرڻـــن کــــي ڪــــو ڌاڙو؟


    {{{


    اکــيــــن جا اشــــارا سڏينــــدا رهــــيا!
    ســــوين چنـــڊ تارا سڏينــــدا رهــــيــــا.


    اوهان گهُور گهُوري رَتوليــــون رُتــــون،
    تــــه سنــــسار ســــارا ســــڏيندا رهــــيا.


    جـــڏهن نيــــڻ نيــــڻ ۾ اُلجــــهي پيـــا،
    تــــڏهن ســـڀ نظارا ســــڏينــــدا رهيـــا.


    جــــڏهــــن رُت بـسنتي بدن تي لٿــــي،
    اُنهــــارا، سيــــارا ســــــــڏيــــندا رهــــيا.


    اڙي ڳــــوٺ! تنهــــنجا، ســــڄي زندگي،
    پنــــــاهون، پنــــارا ســــڏينــــدا رهــــيا.


    ســـدائيـــن اوهـــــين ياد اينــــدا رهـــيا،
    ڪيــــنجهر جـــا ڪنارا سڏيندا رهيا.


    نڪو چين ”مانجهي“! ڏنائون ڪڏهن،
    اُهـــــي نيـــــڻ ڪارا سڏينـــــدا رهـــيا.


    {{{



    ويــــنـــگـــــس واســــيو واهــــڻ آهــــي،
    هـــي ڳـــوٺ لــــڳو مـــهـــڪڻ آهـــي.


    هُــــن جـــي ســــونهن ســــوچ ســــــراپي،
    گـــــهُور ته هُــــن جــــي هــــڻ کــڻ آهي.


    هـن مـــهڪــــايو مـــــاحــــول ســــــڄو،
    هــــي ڏيـــهه لڳــــو مـــــُرڪــــڻ آهــي.


    ڀونــــئر لکيـــن ڀنــڀــوليــــا هُــــنَ تـــــي،
    عـــــــاشـــــق گـــل ڦـــل، وڻ وڻ آهــــي.


    هــــڪ مــــان نه رڳــــو، حــيران دنيـــا،
    ڇــا پايـــل جــــــــي ڇــــڻ ڇــــڻ آهـــي!


    تُــــون سنـــڌو، مان تنهــــنجو ”مانجـهي“،
    مســــــــتيءَ ۾ اڄ ســـــانــــوڻ آهـــــــي.


    {{{


    رهي ٿِي سدا ڇو اکين ۾ الائي؟
    لڳي ٿو ته هُن جي وئِي گهُور گهائي.


    لٿي رُت بسنتي ڀري مَڌ پيلا،
    الائي بدن تي به ڇاڇا سجائي!


    نڪو آند ۽ پاند هُن جي حُسن جو،
    ڏسندو رهان ٿو سدائين چتائي.


    وَٺيون ڪين جوڀن_ ڪڻيون ڪي اسان تي،
    اسان جي اکين کي وڌائين وسائي.


    ڇُلندو رهيو جو سدا، سو پياسو،
    اچي ڪير سنڌوءَ جي اڃ اُجهائي؟


    نه ”مانجهي“، نه مڪڙي، سُڃو آ سمندر،
    لياڪا لياڪا رڳورات پائي.


    {{{



    تون ڪرڻن جو ساگر آهين،
    منهنجي خوابن جو گهر آهين.


    تون ئي آهين سونهن_ سمندر،
    لهر مٿان تون ته لهر آهين.


    تو بن نيڻين ننڊ نه مون کي،
    تون مون لاءِ کيپ خمر آهين.


    مئخانا ٿيا اکڙيون تنهنجون،
    تون ساقي، تون ساغر آهين.


    منهنجي اندر ڏيهه ڏڪاريو،
    تون سونهري، ڪينجهر آهين.


    تون ته ٺٽي جي هير ٿڌيري،
    تون مڪلي، تون ماڃر آهين.


    گهُل ڙي گهُل او آزاد هوا !
    تون ته ڀنيءَ جو ڀاڪر آهين.


    آنءُ ازال جو پياسو ”مانجهي“!
    تون اُجرو سنڌوءَ_ سَر آهين.




    {{{



    عاشقيءَ جو سَبب ڇا ٻڌائجي!
    زِندگِيءَ جو سَبب ڇا ٻڌائجھي!


    باکَ جي لاک هُن جي چپن مٿي،
    چاشِنِيءَ جو سَبب ڇا ٻڌائجي!


    چنڊ ئي پاڻ آيو مٿس جهُڪي،
    چاندنيءَ جو سَبب ڇا ٻڌائجي!


    ٿا سَوين سِجَ سَندس گهُور سان ڦُٽن،
    روشِنيءَ جو سَبب ڇا ٻُڌائجي!


    بس پيون ٿا پيون ٿا وري وري،
    زندگيءَ جو سببڇا ٻڌائجي!


    هُوءَ وَڻي ٿِي، مڃان ٿو مڃان سکِي!
    دل لڳِيءَ جو سَبب ڇا ٻُڌائجي!


    روز ”مانجهيءَ“ سجدا سوين ڪيا،
    بندگِيءَ جو سَبب ڇا ٻُڌائجي!


    {{{



    لٿي چاندني آ، ٿڙي ٿو سمندر،
    الائي ته ڪهڙي نشي ۾ آ ساگر؟


    ڏسي مست مهراڻ سَرلو سيارو،
    وري هيل سهڻي جي ڪڇ تي به گاگهر.


    کڻي خواب آيون هوائون ڪٿي جا،
    رڳو نيڻهن جا نه، ڳهريو سڄو گهر.


    نه ڄاڻان، نه ڄاڻان، رڳو يار ڄاڻان،
    اهي نيڻ ساقي، اهي نيڻ ساغر.


    نه ماپي سگهياسين، نه ماپي سگهياسين،
    گهڻو يار گهرو، اهو سُونهن سائر.


    سڏيو ديس ”مانجهي“ اچو ڙي ڏياچو!
    سڏي سِر جي لئه ٿي اڏِي آڏ ٻيهر.


    {{{



    نيڻ اوهان جا پيالا آهن،
    يا ته سُرخ ڪي لالا آهن.


    هُونئن ته نيرا گهرا ساگر،
    پو نه اُڃارا ڇالا آهن.


    تون جي ڀڻڪين باک ڦُٽي ٿي،
    تنهنجا لفظ اُجالا آهن.


    توڏي ايندي پير ته ڇا پر،
    منهنجا نيڻ به ڇالا آهن.


    توڏي ايندي پير ته ڇا پر،
    منهنجا نيڻ به ڇالا آهن.


    نينهن اسان جو مَيگهه ملهاريو،
    پنهنجا جيءَ جهڙالا آهن.


    منهنجي هٿن ۾ موتيا مُگرا،
    لوڪ هٿن ۾ ڀالا آهن.




    {{{



    خوشبو ڦهلايل ڳولي ٿي،
    هوءَ پروڪو پَل ڳولي ٿي.


    سال ٿيا، پر اڄ به هٿن تي
    ڪي رنگ رتايل ڳولي ٿي.


    وينڍا، مينڍا، سِينڌر، چندن،
    ۽ سُرخي ڪاجل ڳولي ٿي.


    ناز نه ساڳيو، ساز نه ساڳيو،
    پيرن کي پايل ڳولي ٿي.


    آئيني ۾ نه پر نيڻن ۾،
    چهرو شرمايل ڳولي ٿي.


    هڪ چهري ۾ چرين وانگي،
    ڪو رُوپ وِڃايل ڳولي ٿي.


    ڪا تو لاءِ تڪيندي ”مانجهي“،
    سالن کان ساحل ڳولي ٿي.


    {{{



    اوهان جا اشارا نه سمجهي سگهياسين،
    ڪتيون، چنڊ، تارا نه سمجهي سگهياسين.


    حسن جي بدن تي جواني قهر جي،
    نگاهون نظارا نه سمجهي سگهياسين.


    اُهي نيڻ ساغر، اُهي نيڻ ساحر،
    اُهي نيڻ ڪارا، نه سمجهي سگهياسين.


    اوهان ڏانهن ڏسندي ڄمارون گذاريون،
    اسان ڇو اشارا، نه سمجهي سگهياسين.


    ڪڏهن نيڻ نينڍون، ڪڏهن هي ڌڪارون،
    اُهي يار آرا نه سمجهي سگهياسين.


    {{{



    وٽا زهرَ جا يا اوهان مَڌ مُڪي آ،
    اسان جي چپن تي سدائين چُڪي آ.


    حياتي حرارت اهائي اسان لئه،
    اوهان جي اکين جا شرارت مُڪي آ.


    هڻي ڇا به هامُون ڀلي هي زمانو،
    اڙي مُند هر ڪا اسان تي جهُڪي آ.


    ٺٽي جي گهٽين ۾ ننگي انگ_ سرمد،
    ڏني تو اڀيچندا! ڪهڙي ٻُڪي آ؟


    مڃون ٿا دُنيا ٻي به ”مانجهي“ گهڻي آ،
    اسان جي حياتي اوهان تي رُڪي آ!


    {{{



    توسان سونهين منهنجو هر پل،
    توسان ئي مڌ مستي، هلچل


    تون آهين ته حياتي رقصان،
    تون جي ناهين،گهايل گهايل.


    سپنا تنهنجا، سوچون تنهنجون،
    تنهنجا ڪيڏا رنگ رتايل!


    ننڊ به تنهنجي، جاڳ به تنهنجي،
    تُون ئي تُون مون منجهه سمايل.


    تُون جي گهورين سارنگ سِرجن،
    تون مُرڪين ڪن کنوڻيون کينچل.


    سَوَ ساٺ ڪيا سانوڻ توتي،
    توتي ئي ڀنڀوليا بادل.


    توکي ته ڏسي ٻارن وانگي،
    منهنجون پکڙيون ٻانهون پايل.


    تنهنجي نيڻن ”مانجهي“ ٻوڙيا،
    پوءِ به اُڃايل، پو به اُڃايل.




    {{{



    اڃا پروڪا خُمار تنهنجا،
    ۽ نينهن_ نياپا نبار تنهنجا.


    اڃا به تنهنجو گهمنڊ گهائي،
    اڃا به اُلرون اُڀارَ تنهنجا.


    اڃا به آگم اکيون جهڙاليون،
    اڃا ڀريا هي بهار تنهنجا.


    اڃا به مستي، اگهور جوڀن،
    اڃا کُلا يار وار تنهنجا!


    اڃا به واٽون تڪيون اوهان جون،
    اڃا رهن انتطار تنهنجا.


    اڃا به چاهت چري اسان جي،
    اڃا به ”مانجهي“ خُمارَ تنهنجا.




    {{{



    رات آڌي، نه راهي، نه رَند آهي،
    تو بنا زندگي هانءَ نه هنڌ آهي.


    من اڱارن جيان ٿي پيو اسان جو،
    روز کُوري ٻَري، روز سَنڌ آهي.


    ٿي اکين ۾سدائين پياس ڊوڙي،
    ۽ سوالي سدا سَنڌ سَنڌ آهي.


    پيار تنهنجو پرين! جستجو جيئڻ جي،
    سار ئي سوجهرن جي سڳنڌ آهي.


    خواب، تصور، مَڏي ڪُل اِها اسان جي،
    سوچ تنهنجي سان ئي سُٻنڌ آهي.


    ٺوڪرون هي ڌڪارون، عذاب پل پل،
    پو به ”مانجهي“ مٺو پيار_ پنڌ آهي.




    {{{



    اشارا به ناهن، ادائون به ناهن،
    الئي ڇو اوهان جون نگاهون به ناهن


    نه ڪي هار ٻانهون، نه ڪي وار ڇانئون،
    پنارا به ناهن، پناهون به ناهن.


    نه ڪار رُت بسنتي، نه ڪي رنگ روپا،
    نه وڄڙين وراڪا، گهٽائون به ناهن.


    نه مڌ آ، نه موکي، نه ڪي نيڻ ڳهريا،
    سَري سان سُرهاڻيل هوائون به ناهن.


    نه سنڌو، نه سانوڻ، نه ميهار، سُهڻي“!
    ڪنارا به ناهن، ڪٿائون به ناهن !


    اهو آهي ڪهڙو جيئڻ يار ”مانجهي“!
    وفائون به ناهن، جفائون به ناهن.


    {{{



    مند لٿي مهڪارون آهن،
    ڳهريون نيڻ نهارون آهن.


    مون وٽ تصور، سوچون، سپنا،
    تو بن لڙڪن لارون آهن.


    سانوڻ اُلري اُڀري آيو،
    هيل به سُڏڪيون سارون آهن.


    سڀ کان سرهي واٽ سڄڻ جي،
    سُندر پنڌ_ پچارون آهن.


    ڪو به نه ڄاڻي منزل ”مانجهي“!
    پنهنجون ڏُور اُڏارون آهن.




    {{{



    تون نه آهين پرين، قَهر آ زندگي،
    هيڪلائي ته ڄڻ زهر آ زندگي.


    هونءَ ته جوڀن ڀريون ڪي بهارون مگر،
    تو بنا جُونِ جو پهر آ زندگي.


    هونئن ته ڀئونرن جا ڀيرا، ڀني باک آ،
    تو بنا پر ڪٿي سحر آ زندگي.


    هي وڇوڙي جا بارود ڪيڏا وٺا،
    ڄڻ ته هيرو شيما شهر آ زندگي.


    تون وَئين گهير جي تيز طوفان ۾،
    هيل ”مانجهي“! تکي لهر آ زندگي.


    {{{



    چنڊ دريءَ مان لياڪا پائي،
    تو لئه تڙپي ۽ واجهائي.


    هن گهاٽن ڪارن وارن ۾،
    ٿو شايد هو به لڪڻ چاهي.


    چنڊ چيو ماضيءَ ۾ گهوري،
    ”ههڙو چهرو نه ڏٺو آهي.“


    تنهنجيءَ سونهن نزاڪت جا ٿو.
    وقت به ڳڻ ۽ ڳالهيون ڳائي.


    هر رُتِ ثناگر تنهنجي آ،
    ۽ هر منظر عاشق آهي.


    سالن کان هڪ پاڳل ”مانجهي“،
    تو لئه پيو ٻانهون ڦهلائي.


    ***



    رُت بدلي آ، رنگ رتول ڀَري آ،
    تون به سَرهايون سانوڻ جهول ڀَري آ.


    هيل ته رنگ رَچي پيا، انگ نچي پيا،
    مهڪيا موهيڙا، ماحول ڀَري آ.


    ڳاڙهيون ڳاڱيون ۽ ليار پڪا آهن،
    تون به سَکي! ڪي اوڳون ٽول ڀَري آ.


    ساز سُريلا سحر کڻي آئي آ،
    پنڇيءَ پهريان ٻُليا ٻول ڀَري آ.


    هُن جي سونهن جي سنڌو ڌارا مان،
    ”مانجهي“ ڪوتا جا ڪشڪول ڀَري آ.



    {{{



    تون ته آهين گلاب وانگي،
    نيڻ تنهنجا شراب وانگي.


    سونهن جو تون سمنڊ آهين،
    سوچ مهنجي سراب وانگي.


    تو بنا آ دنيا به دوزخ،
    هر گهڙي ڄڻ عذاب وانگي.


    آ اڃا ڄڻ ته اک لڳي مس،
    زندگي آهه خواب وانگي.


    باک جي ساک تون ته آهين،
    عشق هي آفتاب وانگي.


    تون سراپا سوال ”مانجهي“!
    ڪو به ناهي جواب وانگي.


    {{{



    جام پٺيان جام پيارين ٿي مون کي،
    تـــون ڏاڍو ڏو اڏاريــــن ٿي مـــون کي.


    تون مڌ مستي، تون ئي منهنجي هستي
    تون ئي جا کيپ خــمارين ٿي مـــون کي.


    اڄ ڏور وڃٺٺٺي ٿي سٺٺٺوچ ستارن کان
    ڏيــــئي آواز! اُڀــــارين ٿــــي مــــون کـــي.


    نيـــڻـــــن جـــي نيري گهــــري ســـاگر ۾
    پــــل ٻوڙين ٿــــي، پل تارين ٿي مون کي.


    تــــون آڳ به آهــــين ۽ تــون ئي جل ٿل
    پــــل ٻاريــــن ٿي، ٺارين ٿــــي مــــون کي.


    تون باک بــه آهن، تون ســـاک به آهين،
    تون ته ســـهائي، سينــگارين ٿي مون کي.


    ڪهــــڙي راند رچـــائي ويٺـــي آهـــين!؟
    پل جيتين ٿي، پل هارين ٿي مــون کي.


    تـــــون سيـــر به آهن، تون ويـــر به آهن،
    تون ”مانجهي“ پار اُڪارين ٿي مون کي.




    {{{



    هــي زمين آســـمان جــــــا لِــيڪا،
    هن گناهه ۽ گِيان جـــــا لِيـــــــڪا.


    ٿــــــــا پُــــڇن روز رات جا رســــــــتا،
    ڪــــِٿ پرهه ۽ پاســــبان جا لِيڪا.


    ڪيـــر هَر هَـــر سَڏي فضـــائن مان،
    ڪـــو ٽــپي ٿو جــهانَ جا لِيـــڪا!


    آءُ! اُڪـــرون هــزار سِـــيمائــــون،
    هــــي ڌرم جــــا، ڌيان جا لِــــيڪا.


    حُســــن جو شاهـــڪار آهـــين تون،
    ڪـــي به ناهن گــــمان جــــا لِيڪا.


    اڄ وڃڻ ٿو گهــران ٽـــپي ”مـــانجهي“،
    زاويـــــــا، هــــي زبــــان جــــا لِــيڪا.


    {{{



    وَري تون هـــيل سانوڻ رُت سَماڻي ڇو گـــهُرين ٿو؟
    هــــَوَا سُـــڱرهي اُڏاڻي سا اڏاڻِي ـــــڇو گـــهُرين ٿو؟


    ڏسڻ چَهـــــــــرو گهُري ٿـــــو آئِيــــنو ساڳيو، چَريو آ،
    گــــلابي گهـــــــُـــورَ ۽ ســـاڳي جُواڻي ڇــو گهُرين ٿو؟


    گـــــــلابن جا ڪـــچا سپــــــــنا لتاڙينــــدي اُجــاڙيا،
    وري اڄ رُت اکـــــــين ۾ ننڊ_هاڻِي ڇو گــهُريـــن ٿو؟


    ڇـــڏي ڏي بَسِ چڱو آ! جي نه کولين خط پروڪا،
    اکــــــر ويڙهي چَــــرِي چاهـــت اُمـاڻي ڇو گهُرين ٿو؟


    نــــقـــابن ۽ حـــجــــابن جـــــا سمـــورا بَنــــدَ ٽـــوڙي،
    هَلِي آ، هاڻ ايــــڏي لِــــڪ لِڪاڻي ڇو گهُرين ٿو؟


    اهــــو ئي تون ته البــــيلو، اڃــــا ڄڻ ٻار”مـــانجهي“!
    کٽائِي جـــا واري ســـائِي ڪـــهاڻي ڇــــو گهرين ٿو“


    {{{



    اڄ ســـــوچَ سَـــــڏي ٿــــــــــي! ڏور اُڏون،
    ۽ چنـــــڊ سِتــــــارن ســــاڻ ڪُـــــــڏون.


    اُوچـــــاين کــــــان اُوچــــو نـــــڪـــــري،
    اچ پـــــــاڻ اُڏون، پَـــر ڪِــــــــينَ ڌُڏون.


    ســــُونهَن جو ســـانوڻ ســــَر مَســـتيءَ ۾،
    جـــــــوڀن جــــي لهــــرين منـــجهه لُڏون.


    نِيــــــــر ننيــــڻـــــنَ گـــهـــــَرايـــــــــن ۾،
    تــــون آءُ لهــــي ”مانجـــــــهي“ ته ٻُــڏون.


    {{{



    جهڙي سج ڪڪور
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو