• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماروئي جو عمر سان ڳالهائڻ

حاڪم

سينيئر رڪن
عمر مون اباڻن کان ڪانگ آيو آڪــــهي،

ســـڄي خـــبر ســـومرا مـــــون کي ڏني ســـهي،

ماروي مان ملـــير ۾ رات بـــه آيـــس رهـــي،

لک ٻڌائين لاکو چوي لاتيون مون وٽ لهي،

ته ڇيلا اتي ڇوٽ مان ٿا ڇانگون ڏين ڇهي،

ولـــــــر تنــــهنجا واڙن ۾ ٿـــا وارا ڏيـــن وهـــي،

مـــارن کــي ماتام هو هو ٺيڪ نه ويٺا ٺهي،

ڳـــوڙهـــا ڳـــاڙيو ڳلن تان پيا ڳاٽا پائن ڳهي،

قــادر تــنهــنجي ڪوٽ کي شل پـــرزا ڪري پـــهي،

مـــوٽي پـــيا ملڪ تي مارن سان ڪا مـهي،

ســـارا ســـور ســـانگين سان ٻـــول ڪيا ٻهي،

مارئڙن جا ماٽ ۾ ڏونـــئرا کائـــيندس ڏهـــي،

ڳـــوڏن ڀــر مان گهي، وڃا ويڙهـــيچن وچ ۾



------



عـــمر مــــون ابـــاڻن لاءِ رات ڏنـــو روئــــي،

جــــدا جهانگين کان ڪري تاب ڏنا توئي،

آيو ڪو نه اتان کان قاصد مون ڪوئي،

پـــوشاڪــون نه پــايان آلـــڳن تـــي لوئي،

لاهــيندس نه لاکو چوي ڏني ڌنارن ڌوئي،

سور اٿم سوئي ته وري وڃـــان وطـــن تي.

اچي ڪانگ اڱڻ تي ڪالوءِ اباڻن لات،

ساري سڌ سڻاءِ تون وائي نه ڪر ٻي وات،

آيا ڇو نه اتان کان هــئي تنـــين ڪهڙي تـــگات،

آءُ سنـــدن سڪ ۾ مـــري ٿينــدس مات،

وساري ويهي رهيا آءُ رهي نه سگهان رات،

خبـــر ٻڌاءِ خوشـــيءَ جـــي توکي ڏاتر ڏينـــدو ڏات،

ڏاڏڻن جي ڏاهو ٿي ڀـلي ڪر تـون بـــات،

انـــگا تنــهنجي ذات ســـدان ٻولي سچ کي،



------



اچي خبرون”اصـــڱغر“ چوي ڪانگ اباڻن ڪر،

وساري ويـــهي رهـــيا ڇـــــــو نه گهرايئـــون گـــهر،

اڌمـــان اٿن اندر مان جيـــئن چڻنـــگون ٻاري چر،

موٽي مـران ملـــڪ تي وڃــي ڌنـــارن جـــي در،

اچــي آب اکيـــن مان جـيئن ڇوليون ڏئـــي ڇر،

پنهنوارن جــــي پوئتي مونــــکي ڀـــلي آهــــي ڀر،

مٽيان ڪين مارن جي آءُ پوري ڪــنديس پر،

ويڙهجيچن ڏي ور شل قادر ڪري ڪرم سان،

ڪانگا تون قريـبن جـــون خبـــرون ڪــر کولي.

پنهــنوارن جـــي پار جــي تــون ٻـــيهر ڏي ٻــولي،

ويــڳاڻي وطـــن لاءِ ٿـــي ڳـــاٽ ڏيــــــان ڳـــولي،

آهـــيان آءُ ”اصـــغر“ چـــوي انهـــن جــــي اولـــي،

دولاپن رولي مونکي قـــضا آنـــدو ڪـــوٽ ۾،



------



اچــــي ڪـــانگ اباڻن جي واتان ڪر وائي،

خبرون کولي خير جون ڪل سڻاءِ ڪائي،

پٺيــان پـــهر پنهـــوارن جـــي اڃــــان نه آئي،

آهــي بــــيوس بنـــد ۾ ـــهيءَ مرڻ ۾ مــائي،

هتي عمر ڪـــوٽ ۾ ٻي طام ڏين تـــائي،

مٽيـــنديس نه مور هون پر پنهنـــجي پـــــائي،

ڏونئـــرا ڏيـــم ڏيــهه جا تـــه کوڙ وڃان کائي،

جو آهيان آءُ اصــل کـــان ڄـــارن ۾ ڄـــائي،

ساريان روز سانــگين کي ٻي سوچ اٿم سائي،

آڻيان آب اکين مان ٿـــو جر وهـــي جـــائي،

پالي آهـيان پٽـــن تي هـــت ٻـــڪراڙن ٻائي،

اهـــا ريت”اصغر“ چـــوي ڪيان زرو نه زائي،

ته ڀيڻ سڳا ڀائي ڪيئنءَ لائون لهن لـــــوڪ ۾،

وڃي ڪانگ اباڻن کي ڏي تون سو سلام،

اوهان لاءِ”اصغر“ چوي ٿي جر وهائي جام،

بيـــوس اتـــي بــند ۾ سرتيــون آهي سام،

پوشاڪون هت پٽ جون ڪڏهن ڪندي ڪام،

اٺـــئي پـــهر انـــدر ۾ ٿس ماروئڙن جي مام،

اتي عمر ڪوٽ ۾ هو طلـــبي نه ٿي طام،

راجــــا پنهنجي راڄ ۾ هڻي ويٺو هام،

کڻي آيس کوهه تان غوري مٿي گام،

ستر ٿس ستار جو ٻي ماڙ مديني ڄام،

ايئين لائون عام ڀاءُ نه لهن ڀيڻ سان.



------



ماروي تنهنجون ملڪ تي ڪيون ڳاليون ڳورن،

رهــي سگهيا ڪيـــن ڪي ٿـــي رنــــو ريــــــڍارن،

روئي پٽ پسايا هوت مورهـــون ميـــهارن،

ٻه ٻه دفعا ٻاڪاريون پئي ٻيهر ٻڪرارن،

ويـــهي رهيــا واريءَ ۾ هڻيو ڌرڻو ڌنــارن،

لک رواريون لاکو چوي ڀريا سڏڪا سنگهارن،

پڇيو پهوارن ته ويــــــچاريءَ سان ويـــل ٿـــــيو،

اٿـــم امـــيــد انـــدر ۾ ته ويـــڙهيــــچن ور ان،

ساريو سنگهارن کي پئي ڳڻتين منجهه ڳران،

کڻي آئين کوٽ سان مون کي ڌنارن در ان،

وڃـــان وري وطــــن تي جيسين ست سران،

تنهنجا طعام تڪڙا آءُ کائي ڪين کران،

آڻـــي ڏي تـــه اتان جا ٿي ڏونـئرن لاءِ ڏران،

انهن ڪاڻ”اصغر“ چوي ٿي ٻارڻ منجهه ٻران،

مٽيان ڪين مارن جي آءُ پنهنجي پت پران،

پيرون آڻي ڏي تون ادا ٿورا مون ٿران،

کـــائي ٿيان خوش ته ٺـــري پوءِ ٺــران،



------



عـــمر آءُ اباڻـــن لاءِ مـــرڳو آهيـــان مانــــدي،

ساريان روز سنگهارن کي نه ويل ويهان واندي،

آئي ڪانه”اصغر“ چوي پهر نه ڪا پـــاندي،

ٻوڙڻ کي ٻن ڏيان نه سـون ڪــيان چـــاندي،

ڀيڻ کڻي تو ســـومرا بيـــهي ڪـــئي بانـــدي،

امـر آ آندي قضا انهي ڪوٽ ۾،

عمر مون اباڻن جو پراڻو اٿم پـٽ،

ماڙيون تنهنجون سومرا مور نه ڀايان مٽ،

اچي چڙهيو ٿئي اکين تي لهئي نه ٿو لٽ،

تنهنجو ڪوٽ تڪڙو ٿي چـار ئي پاســـا چــٽ،

لاهي ڇڏ تون لاکو چوي قلبئون ڪارو ڪٽ،

ڀــاءُ تنهنجي آهيان ڀيڻ هيڪر مون کان هٽ،

مارن ڏي ملير ۾ آءُ جلــــدي وڃــان جـــهـــٽ،

ته ساهـــيڙين جو ســــٽ ڏسان وڃي ڏيـــهـــه ۾،



------



مــاروي پنهنجي ملڪ جي چڏ لاکو چوي لوڙ،

ور قبـــولين ويســـلي تـــه مـــرڪي ٻــڌان مـــوڙ،

هتي عمر ڪوٽ ۾ توکي خوشيون ڏيان کوڙ،

مــــــڇيون پـــلا ٻـــوڙ ڏيـــکاريــائيــن ڏيــــهه جـــا،



-----



لاهــه پراڻا لاکو چوي جــــــورا جتـــيون پـــاءِ،

هتي عمر ڪوٽ ۾ توکي جارو ناهــي جــاءِ،

عطر مشق انمبير کي تون لڱين پنهنـجي لاءِ،

پاءِ کڻي تون پوشاڪون هي وڳا ڪين وراءِ،

کاءُ خوشي مان کوڙ تون هــڙئي ڪين هـــٽاءِ،

مون وٽ هت مـــٽاءِ رشــم پنـــهنجي راڄ جي،

ٻوڙ کڻي ڏي ٻين کي مون کي رخي ڏي روٽي،

مارن ساڻ مـــلير ۾ منهنجو مــــرڻ ٿي مـــوٽي،

ويڙهيل اٿم وارن جي مون کي چوڙيلن چوٽي،

آڻي ڏيم”اصغر“ چوي تون لسـيءَ جـــي لـــوٽي،

خان ڇڏي کوٽي موڪل ڏي ته ملير وڃان،



------



مـــرڻ تنهنــــــجو ماروي هــتي ٿــــينـــدو هـــــــاڻ،

اچــــــي عمر ڪوٽ ۾ تــون مزا ويــــــهي مــاڻ،

اهڙي تون لاءِ”اصغر“ چـــــوي کـــــلي آهي کـــــاڻ،

مارن ڏي موٽڻ جو نـــه تنــــــدو ويــــــــهي تــــــــاڻ،

مونسان روح رهاڻ ڪر ڪا پنهنجي قرب جي،



-----



عمر ادا تنهنجون نه پوشاڪون پايان،

لــــوئي لڄ اباڻن جـــي ڀلـــي ٿــــي ڀايان،

ٿر جي واري ٿورڙيءَ آءُ لڱن سان لايان،

ويڙهيچن وڃن لاءِ ويٺـــي واجهـــايــــان،

مارن ساڻ ملڻ جا ٿي ڏانءُ مڙئي ڏايان،

انهن لاءِ”اصغر“ چـوي اداســـي آهيــــان،

ڇپر مان ڇايان م، موٽي مارن ڏانهــــن،
 
Back
Top