• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ميلو شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو!

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ميلو شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو!​

غلام نبي ڪيريو
سنڌ جي صوفي بزرگن، درويشن، اولياءِ ڪرام سدائين پنهنجين حياتين ۾ انسان ذات جي فلاح ڪاڻ پاڻ پتوڙيو. انهن مان ئي هڪ هو شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو. شاعريءَ جي سرتاج شاهه عبدالڪريم چار صديون اڳ سنڌ ۾ پنهنجي شاعري ذريعي ذڪر الاهي، حقوق العباد، انسان دوستي ۽ امن جو پيغام ڏنو. حضرت شاهه عبدالڪريم 20 شعبان 944 هه تي (يعني 1538ع ڌاري) مٽياري جي شهر ۾ ڄائو ۽ 7 ذوالقعد 1032هه تي (1623ع ڌاري) پنهنجي ڳوٺ بلڙي شاهه ڪريم ۾ وفات ڪئي. شاهه عبدالڪريم جي دور ۾ سنڌ جي تخليقي ورثي تي سنسڪرت ۽ عربي ٻولي جو گھڻو اثر هو. جيڪو سندس شاعريءَ ۾ به محسوس ڪري سگهجي ٿو. شاهه عبدالڪريم جي شاعري ڪلاسيڪي ۽ تصوف واري شاعري ليکي وڃي ٿي. سندس شاعريءَ مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه تمام گھڻو متاثر هو. جنهن ڪري سندن شاعري به شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي شاعري سان هڪجهڙائپ رکي ٿي. حضرت شاهه عبدالڪريم، لاکيڻي لطيف جو رشتي ۾ تڙ ڏاڏو هو، جنهن بابت اها به تاريخي حقيقت آهي ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي پنهنجي حياتي ۾ شاهه عبدالڪريم جي مقبري کي تعمير ڪرايو هو. جنهن کانپوءِ ڀٽائيءَ جي وفات بعد سندن مقبري جو به ساڳيو نقشو رکيو ويو آهي. شاهه عبدالڪريم جي شاعري ۾ جتي انسان دوستي، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام آهي، اتي ان ۾ انسانيت کي صبر ۽ تحمل جو به وڏو درس ڏنو ويو آهي.

شاهه عبدالڪريم وحدانيت جي شاعري جو به محور رهيو آهي. سندس سموري شاعري ۾ ذڪر الاهي کي تمام گھڻي اهميت ڏني وئي آهي. اڄوڪي دور ۾ جيڪڏهن تحقيقي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته سندس شاعري هڪ وڏو موضوع بڻجي سگهي ٿي، جنهن ۾ دهشتگردي ۽ تخريبڪاري جهڙين خرابين خلاف به نفرت جو اظهار موجود آهي. اڄ جڏهن سڄي دنيا نفسا نفسي جو شڪار آهي ۽ لالچ ماڻهن کي انسانيت جو قاتل بڻائي ڇڏيو آهي، تڏهن اسان ان تاريخي حقيقت کي ڪنهن به صورت نظرانداز ڪري نٿا سگھون ته شاهه ڪريم ۽ شاهه عبدالطيف جي شاعري جو امن ۽ محبت وارو پيغام اسان کي پنهنجي روشن مستقبل ڏانهن اڳتي وٺي وڃي سگھي ٿو.

هاڻي جڏهن سنڌ به سماجي خرابين سميت امن دشمن ۽ سماج دشمن عنصرن جي نشاني تي آهي، ته اڄ جي سنڌ ۽ ڪلهه جي سنڌ ۾ تمام گھڻو فرق نظر اچي رهيو آهي. تواريخ گواهه آهي ته سنڌ تي گھڻو وقت ڌارين قومن جو غلبو رهيو آهي. پر اها ان حقيقت کي به ظاهر ڪري ٿي ته سنڌ جي عظيم شاعرن توڙي علماءِ ڪرام، غاصبن جي ظلم ۽ ستم خلاف پنهنجي شاعري ذريعي آواز پئي اٿاريو آهي ۽ عوام کي سجاڳي پئي ڏني آهي. روايت آهي ته حضرت شاهه عبدالڪريم جڏهن بلڙي شاهه ڪريم جي نگري ۾ آيو ته کيس اتي اچڻ سان دلي راحت به ملي ۽ اتي ڪن ظلم جي تشهير ڪندڙن کيس تمام گھڻو پريشان به ڪيو. پاڻ پورهيو ڪرڻ کي عبادت سمجهندو هو. سنڌ جي هن عظيم شاعر هارپو به ڪيو. چيو وڃي ٿو ته هارپي دوران سندس ڏاندن جي جوڙي کي شرارتي ماڻهن کولي ڇڏيو، سندس زمين جي پاڻي واري نار کي بند ڪري ڇڏيو. سندس فصلن کي نقصان پهچائڻ سميت ڪيتريون ئي حرڪتون ڪيون ويون. جن ۾ شاهه ڪريم بلڙي واري کي تيش ۾ آڻڻ جي سازشن جي بوءِ هئي، پر پاڻ سدائين صبر جو مظاهرو ڪندا رهيا، جنهن عمل شرارتي ماڻهن کي تمام گھڻو شرمندو ڪيو ۽ اهي به سندن مريدي ۾ اچي ويا. اسان جيڪڏهن اڄوڪي دور ۾ شاهه ڪريم بلڙي واري جي شاعري مان درس حاصل ڪريون ته اونداهين جي هن دور ۾ اسانکي انيڪ روشنين جا گس ملي سگهن ٿا.

شاهه عبدالڪريم جي 399 عرس مبارڪ ۽ سالياني ميلي جي حوالي سان هن سال به ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم ۾ سندن ميلو هر سال وانگر وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو وڃي پيو. پر ماضي جي جيان هن سال به سرڪاري طور تي سنڌ جي هن عظيم شاعر ۽ 4 صديون اڳ سنڌ ۾ شاعري جو درس ڏيندڙ هن عظيم شاعر جي ميلي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ته هن سال به گذريل سال وانگر ضلعي حڪومت عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي. پر سنڌ ۾ صوبائي سرڪار کي به شاهه عبدالڪريم جي سالياني ميلي جي موقعي تي نه صرف عام موڪل ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گھرجي هئا. ان سان گڏ سندن سالياني ميلي جي حوالي سان ادبي، ثقافتي پروگرام به ترتيب ڏيڻ گھرجن هئا. موجوده جمهوريت جي دعويدار سرڪار به هن عظيم شاعر جي تاريخي ڪردار کي وساري ڇڏيو آهي.
بشڪريه ڪاوش
 
جواب: ميلو شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو!

بلڪل سائين ۔۔۔ سائين شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو ميلو پوري رنگ سان جاري آهي۔۔
 
Back
Top