دوزخ جو سفر نامو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    دوزخ جو سفر نامو

    شهاب سومرو

    قلم ڪاغذ تي لکڻ کان اصل نابري ويو، ڇو جو ننڊ کنيو بيٺي ھئي. اڃا ڪجھ سٽون مس لکيم ته ھوءَ پنھنجي ھنجھ ۾ ڪنھن ماءُ جيان دنيا جي پريشانين کان ڏورکڻي ويئي، ڪُرسي تي ويٺي ئي ڪنڌ ننڊ ۾ ڍرڪي پيم.

    ”ادا او ادا ڪيڏانھن پيو وڃين!

    ھُن ڏند ڪُرٽيندي چيو: ” دوزخ ۾

    مون ٻارن جيان ضد ڪندي چيو: ” پوءِ مون کي به وٺي ھل نا!

    ”چريا اُتي سڙي ٻري مري ويندي.

    ”ادا ھتي به ته روز لڇان ۽ پڄران پيو.

    ”چڱو ھل مون سان گڏ، آئون توکي وٺيو ٿو ھلان.

    ”پر ادا تون اُتي ڇا ڪندو آھين!

    ”آئون دوزخ جو دربان آھيان، آئون فقط در تي ڇڏي ڏيندوسانءِ، اندر پاڻ وڃجان. مون ورندي ۾ چيومانس: ”ادا دنيا ۾ ھونئن ئي منھنجا ڪم جڏا اٿئي ”شل ڪو ڀيرو ڪري فضل جو“ باقي پنھنجا ڪم لٿا پيا اٿئي، ھن وقت يا پوءِ ڳالھ مڙئي ھيڪڙي. چڱو بڪواس بند ڪر دوزخ جو دروازو اچي ويو اٿئي، ھل وڃ دربان ڪاوڙ ۾ مونکي ڌڪو ڏنو مان دروازو ٽپي اندر وڃي پيس. وڃ ھڻ لٺ! ھتي ته جون جولاءِ جي ڳالھ کان به ڳري ڳالھ ھئي! زمين ائين ھئي ڄڻ ٽانڊا، اڃا مس ٻه قدم ھليس، ته گڏھ گاڏي واري اچي گاڏي منھنجي سامھون روڪي، مان حيران ٿي ويس، بلي دوزخ ۾ گڏھ گاڏي! پر گاڏي ۾ گڏھ ٻڌل نه ھو اڳيان ماڻھو ٻڌل ھو، گاڏي تي ويٺل ھمراه ھڪل سان مون کي چيو: ” اڙي سُڃاڻي نٿو ڇا! ڪاڏي وڃڻو اٿئي! غور سان کيس ڏٺم ته مھانڊو ڏٺل ھو پر وار مڇون سڀ باھ جي تپيش ۾ سڙي تباھ ٿي ويون ھئس، مان ٽپ ڏيئي گاڏي ۾ چڙھي ويٺس، ڏٺم ته گاڏي سڄي لوھ جي ٺھيل ھئي ۽ گرم لڳي پئي ھئي.

    ھن مشڪندي مون ڏي ڏٺو، چيائين آئون پنھنجو تعارف پاڻ ٿو ڪرايان ” مان پھرين دنيا ۾ رڪشا ھلائيندو ھئس، پوءِ بس جو ڪنڊيڪٽر ٿيس. جنھن بس ۾ تون اڪثر چڙھندو ھئين، ۽ مان تو کان ڊبل ڀاڙو وٺندو ھئس، ڪڏھن به اڌ

    ڪنھن شاگرد کان به نه ورتم ۽ ويندي پوري ڀاڙي کان به وڌيڪ وٺندو ھئس، پوءِ آخر ٺڪاڻو اھو اٿم، ھتي به نوڪري ملي ويئي اٿم. مون ڇرڪ ڀريندي چيو ڇا تون ھتي به مون کان ڇڪي ڀاڙو وٺندي! مون وٽ ته ٽڪو نه اٿئي. منھنجي انھي ڳالھ تان کلندي چيائين:”ھتي ھيڏي سزا پيو ڪاٽيان اڃا به ٺڳي ڪندس ڇا! مون گڏھ جي جاءِ تي ماڻھو کي گاڏي ڇڪيندي ڏٺو ته پڇيومانس اھو ڪير آھي! پاڻ ورندي ڏنائين اھو پوليس کاتي جو ھڪ ڪامورو اٿئي. جيڪو اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرائيندو ھو، ووٽن تي ڪوڙا ٺپا ھڻائيندو ھو ۽ ٻيا ڌنڌا به جام ڪندو ھو. پر تون ھتي ڪيئن آيو آھين!

    ” مان اڃا پڪو نه آيو آھيان مڙئي گُھمڻ آيو آھيان.

    پاڻ کلندي چيائين: ”ھل ته توکي دوزخ جو سير ٿو ڪرايان پر ھتي پير متان ھيٺ لاٿو اٿئي اڳيان رڳو ٽانڊا اٿئي.

    گاڏي اڳيان وڌي ته ھڪ لوھ جي ٺھيل ڪنڊيءَ تي ڪجھ ماڻھو اوندھا ٽنگيل ڏٺم، جيڪي ھڪ ٻئي کان پڇي رھيا ھئا ” وقت گھڻو ٿيو آھي ! سُڀاڻي موڪل آھي نا! سُڀاڻي موڪل آھي نا! پنھنجن دوستن جو پگھار الاءِ ڪيترو وڌيو ھوندو! مون کانئس پڇيو ھي ڪير آھن! ورندي ڏنائين: ”جن جي اک گھڙيال ۾ ته دل پگھار ۾ ھوندي آھي.

    مون پريشان ٿيندي کيس چيو: ”ھي ته سڃاڻپ ۾ ڪونه ٿا اچن وار سڀ سڙي ويا اٿن ھي ته سڀ گنجا ٿي ويا آھن!

    پاڻ کلندي چيائين: ”اھي پنھنجا ماستر ۽ پروفيسر اٿئي جيڪي ڊيوٽيءَ چور ۽ گوسڙو ھئا. مون کان توبھه توبھ نڪري ويئي. گاڏي اڳتي وڌي ته ھڪ باھ جو دريا نظر آيو. جنھن ۾ ڪجھ ماڻھن ٽٻيون پي کاڌيون، جڏھن ٻاھر ٿي نڪتا ته چيائون ٿي ”ڇا اسان پنھنجا واعدا پورا ڪيا! مون کانئس پڇيو ھي ڪير آھن! پاڻ چيائين ھي اھي ماڻھو آھن جيڪي دنيا ۾ پاڻ کي دانائي جو دريا ۽ عوام کي بيوقوف سمجھندا ھئا، ۽ ڏاھپ جي دريا جا پاڻ کي ٽوٻا سمجھندا ھئا، ھاڻ ھتي باھ جي دريا ۾ ٽٻيون پيا ھڻن. اھي پنھنجا سياستدان اٿئي ۽ اڃا پيا پڇن، ته اسان پنھنجا واعدا پورا ڪيا يا نه! گاڏي اڳتي ھلي ته ڪجھ ماڻھو باھ جھڙي زمين تي اونڌا لٽيا پيا ھئا ۽ چيائون ٿي ته ”اگھ ساڳيو آھي نا! اگھ ته ساڳيو آھي نا!

    مون کانئس پڇيو ھي ڪير آھن! پاڻ کلندي جواب ڏنائين: ”ھي اھي واپاري اٿئي جن دنيا ۾ ڦر مار لاھي ڏني، مال گدامن ۾ لڪائي ڇڏيندا ھئا. پٽرول جو اگھ جي لھندو ھو ته پنھنجا پٽرول پمپ بند ڪري ڇڏيندا ھئا، جي چڙھندو ھو ته اصل چرين جيان ماڻھن کي لٽيندا ھئا، اھي به ڌاڙيلن کان ھرگز گھٽ نه ھئا، غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو ھئائون ۽ اڃا به اگھ جو فڪر اٿن. گاڏي اڳتي ھلي ته ڪجھ ماڻھو اونڌا لٽيا پيا ھئا ۽ انھن جي پُٺي جي ڪنڊي جي پڇاڙيءَ تي فقط ھڪ ٽانڊو رکيل ھو، پر تڪليف درد ۾ ڏاڍيون دانھون ٿي ڪيائون ۽ چيائون ٿي ”اڙي گرمي ته گرمي! پکو ھلايو اي.سي ھلايو بس ٺاريو اڙي ٺاريو سڙي ويئي. مون کانئس پڇيو ھي ڪير آھن!

    ھن کلندي چيو: ”اھي بجلي کاتي جا ڪامورا ۽ وزير اٿئي جن اسان کي پٿر جي دور ۾ پھچائي ڇڏيو ھو، پر ھاڻ کين ڪير ٺاريندو!

    گاڏي اڳتي وڌي ته ڏٺم، ڪجھ ماڻھو باھ جي جبل تي مزدوري ڪري رھيا ھئا ۽ چئي رھيا ھئا ”ڪم ٺيڪ پيو ھلي يا نه!اسين ھاڻ صحيح ڪم ڪريون پيا يا نه! مون کانئس پڇيو ھي ڪير آھن! پاڻ ورندي ڏنائين ھي دنيا جي ۾ وڏن وڏن عھدن تي رھيا، ھي خاص بالا ڪامورا سڏجن ٿا، جن دنيا ۾ رھي ڪري خزانن جا جبل کوٽي کوٽي ڌرتيءَ ۾ سوراخ ڪري ڇڏيا، ھاڻ ھتي ھنن کي اھا سزا ملي آھي جو ھي باھ جو جبل پيا کوٽين. گاڏي اڳتي وڌي ته ڏٺم، ڪجھ ماڻھو لڱ اُگھاڙا ھڪ ٻئي جي پُٺيءَ جي ڪنڊي جي پڇاڙيءَ تي باھ جا چھبڪ وسائي رھيا ھئا ۽ گڏ اھو به چئي رھيا ھئا ”ھاڻ ڪوڙ ڳالھائيندي! ھاڻ ڪوڙ لکندي!

    مون کانئس پڇيو ھي ڀلا ڪير آھن!

    پاڻ ورندي ڏنائين: ”ھي اھي ماڻھو اٿئي جيڪي دنيا ۾ پاڻ کي اُتم، مھان، عقلمند، ڏاھا سمجھندا ھئا ۽ عام ماڻھن کي بيوقوف سمجھندا ھئا، اجايا تبصرا ڪرڻ، تنقيد ڪرڻ انھن جا خاص موضوع ھئا، اھي پنھنجا دانشور، صحافي ۽ ليکڪ اٿئي.

    انھيءَ مھل مون کي ويھڻ واري جاءِ تي جھڙي ڪا شيءِ سڙندي محسوس ٿي ۽ ھلڪو ھلڪو سُور به محسوس ٿيڻ لڳو، ھڪدم ڇرڪ ڀري ننڊ مان اُٿيس

    ۽ شڪر ادا ڪيم ته اڃا دنيا ۾ موجود آھيان ۽ ڪوڙ لکڻ کان توبھ ڪيم.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: دوزخ جو سفر نامو

    زبردست ادا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو